شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نعت

نعت
ڀلي آئين سچا سرور

ڀلي آئين سچا سرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!
ڀلارا ڀرجهلا ڀرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

اجهاڻل جوت جاڳائڻ، ڪرڻ چوڏهن طبق روشن،
انڌاري ويل تي انور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

ڪسون قلبن مٿان ڪورڻ، مئل دليون جيارڻ لئه،
مُڪئي صيقل ڪري پرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

ڪڍڻ ڪشتي ڪنگالن جي ،سُڃائيءَ جي سمونڊن مان،
نبيصه خود ناخدا اطهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

غلامن تان غلاميءَ کي، ستاين تان ستم لاهڻ،
اڙين جا آجڪا آهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

سهارو بي سهارن جو، وسيلو بي وسيلن جو،
وِلهن جي وِير ٿي واهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

ٻاجهارا ٻول ٻاٻيهان، وٺي سيرت تون سبحاني،
يتيمن يار ۽ ياور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

فياضي طبع جا مالڪ، ٿئين رحمت جھانن لئه،
خدا جا دادلا دلبر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

مدينو علم جو بڻجي، ٿئين شاهِه معلم تون،
الاهي راز جا رهبر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

ٿئين تاج الحسينا تون، سڄڻ سردار سهڻن جو،
اول تا ٿي نبي آخر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

خطائن ۽ گناهن جا، بُرين بخشڻ سندا توکي،
ڏنا پرور ڪُلي پاور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

سراپا نور نوراني، بصورت بشر ٿي پهتين،
الاهي ذات جا مظهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

شفاعت ۽ سخاوت جا، ڌَرڻ ’صوفيءَ‘ مٿي هٿڙا،
پيارا پاڪ پيغمبر، ڀلي آئين ڀلي آئين.

*