شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

چوسٽا

چوسٽا

ضرورت نه ڪنهن جي مرڻ يا جيئڻ جي،
نه پرواهه ڪنهن جي وٺڻ يا ڏيڻ جي.
بنا روڊ گاڏو جي هلندو ئي رهندو،
رڳي گهرج هاڻي ڌڪي آ ڏيڻ جي.
-
ڪرڻ ظلم غاصب سکياسين سو ڄاڻو،
ڀلا حق ڪنهن جو اسين ڇو سڃاڻو.
حسدَ ويرَ ڪيني ۽ تعصب کي ڌاريون،
اسان مان انڌو ڪو سڄو توڙي ڪاڻو.
-
سٺي شئي کي ماريم اچي منهنجو وارو،
وڃان ٿو سو کائي مليم جو اُڌارو.
عزت، ڪرسي، قوت، نه جيئري ئي ڏيندس،
ڀلا ڏي ڪو سينو ته مرندو ويچارو.
-


سُٺو ٿي ڏيکارڻ وڏو ڏوهه آهي،
جو چڙهندڙ کي هيٺيون وجهي ٿو ڪيرائي.
نه بڇڙي ڏني آ ڪڏهن جاءِ سُٺي کي،
ڀڃي هيرا حاسد ڇڏي ڀينگ لائي.
-
آئين آ مِٺي جي رنگا رنگين لوئي،
جنهن جي چڙهي ويو وَرِ مالڪ آ، اُن جو سوئي.
اوڍي وهي وڇائي ويڙهي کڻي مروٽي،
پنهنجي رضا رنڱائي يا ڪي رکيس ڌوئي.

*
83-06-08