شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم

نگاهن کان بچجي

ڪه ذاتي ڪه قومي گناهن کان بچجي،
غلط هاڻ سڀني ته راهن کان بچجي.

ڪرڻ قوم جي هي نه خدمت ڪا ڏينديون،
جهپي دام ۾ هي نهوڙي سي نينديون،
ڏسڻ ڏي نڪي ڏس اهي اکيون ظالم،
انهن زهر وارين بلائن کان بچجي.

اها وقت جي آ تقاضا ته هاڻي،
وٺن ڪين شاعر تُنبو عشق ناڻي،
ڇڏي غرض ذاتي وطن لئه ڪڙهون سڀ،
ڪرڻ حسن جي اڄ مداحن کان بچجي.

زمانو ڏسو قوم پنهنجي سڌاريو،
فضولي حسد جِھِل سُسِتيءَ کي ٽاريو،
ٿين محنتي ديس واسي ۽ جاڳن،
وجهڻ ويڇي وارين ته ٻانهن کان بچجي.

ستل اي اٿڻ ري نه چلندءِ ڪو چارو،
اٿڻ ڪيئن ڏيندءِ هي تلوار وارو؟
اٿي کيڏ سان پوءِ سگهبو تڏهن ئي،
انهن قهر وارين نگاهن کان بچجي.

پتنگا اهو مچ وسائڻ سو گهرجي،
جلائي جو ٻارڻ بچائڻ سو گهرجي،
ڏيڻ ڦوڪ وارا سبي چپ ڇڏيون سڀ،
ڪيون پاڻ مڙسي ته باهن کان بچجي.

اچو هاڻ گڏجي ته آڪھه بچايون،
سهي سيڪ سيڪي سپڪ سي بڻايون،
پريمي ٻڌيوان ٻلوان نيهي،
ڪري جام پيرا تباهن کان بچجي.

کٽڻ يڌ لئه آهي ته جرئت ضروري،
ٿئي ڪٿ ٿي ’صوفي‘ ته حرفت ضروري،
ڪڍون ٻانهن سَيري جا ٻوريءَ جي هيٺان،
ڏيڻ تاءُ وارين صلاحن کان بچجي.

*

1980-02-03