شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

ڄاڻ سُڃاڻ

سهيڙيندڙ پاران

بابا سائين صوفي نيڀراج 14-مارچ 1933ع ۾ ڳوٺ موري منگر، تعلقو حيدرآباد جي سُوٽهڙ گهراڻي اندر ڏاڏا سائين گنگو مل جي گهر جنم ورتو.
سندن ٻالپڻ مڪان شريف، ويجهو شيخ ڀرڪيو ۾، سندن والده جي ديهانت سبب سندن سؤٽ جي گهر ۾ گذريو. جنهن ڪري سندن ننڍپڻ الحاج سائين غلام رسول شاهه جيلانيءَ (مرحوم) مڪان شريف وارن سان راند روند ۾ گذريو.
پاڻ پرائمري تعليم، ڳوٺ موري منگر جي پرائمري اسڪول ۾ سيّد الهڏنو شاهه (سائين وڏو) جن کان حاصل ڪيائون. سنڌي فائينل حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پاس ڪيائون. جنهن بعد اديب ۽ فاضل جا امتحان پڻ چڱيءَ پر پاس ڪيائون.
پاڻ پنهنجي شروعاتي شاعريءَ ۾ ”گمنام“ تخلص ڪتب آندائون، پر پوءِ ڪن سڄڻن جي اصرار تي ”صوفي“ تخلص استعمال ڪرڻ لڳا. لطيف سرڪار سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هوندي هئن. ايتري قدر جو هر چوڏينهنءَ تي پاڻ پيرين پنڌ ڀٽ شاهه ويندا هئا. لطيف سائينءَ سان لڳاءَ باعث پاڻ شاهه سائينءَ جا بيت ۽ وايون سُر ساڻ جهونگاريندا هئا، ۽ ايئين ٻڌندڙن کي موهي وجهندا هئا.
درگاهه جهوڪ شريف ۽ درگاهه ملاڪاتيار جا پڻ عقيدت مند هئا ۽ هر سال سندن حاضري ڀريندا هئا.
سنڌ جي سُوٽهڙ برادريءَ جي اڪثريت حضرت غوث بهاءُالحق ملتانيءَ جي مريد آهي، انهيءَ نسبت سان صوفيءَ جو سڄو خاندان انهيءَ درگاهه جو مريد آهي.
شاعريءَ جو ذوق کين ننڍي هوندي کان هو. مشاعرن ۾ شرڪت کان علاوه سندن شاعري سنڌيءَ جي مختلف رسالن ۾ پڻ وقت بوقت ڇپجندي رهندي هئي، جن ۾ مهراڻ، نئين زندگي، اخبارِ تعليم ۽ ان کان سواءِ روزانه عبرت، آفتاب ۽ مهراڻ وغيره جا ادبي صفحا پڻ سندن شاعريءَ جي زينت هئا.
پيشي جي لحاظ کان پاڻ پرائمري استاد هئا. ان ڏس ۾ پاڻ گهڻو عرصو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، ارباب ناهيون نزد ٽنڊو ڄام، جاڙو ٻٻر ۽ ٽنڊو مير نور محمد، لطيف آباد نمبر-4 ۾ علم جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. انهن ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ان شفيق ۽ مهربان استاد کي اڄ سوڌو ياد ڪندا ۽ سندن ڳڻ ڳائيندا رهن ٿا، جا ڳالهه اسان لاءِ باعثِ فخر آهي.
اسان جي ڳوٺ موري منگر جي هر دل عزيز شخصيت سينيٽر شيخ علي محمد سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هوندي هئن، ۽ سندن اولاد کي پڻ تعليم ڏنائون. ان کان علاوه ڳوٺ جو ئي سائين لائق سنڌي پڻ بابا سائينءَ جو لاڏلو شاگرد هو. سندس تعليم ۽ ترقيءَ ۾ پڻ بابا سائينءَ جو وڏو هٿ رهيو.
علم و ادب ۽ شاعريءَ سان بي پناهه پيار هوندو هئن، جنهن ڪري پري پري جي مشاعرن ۾ شامل ٿيندا هئا. 21-ڊسمبر 1997ع تي ڏات ڏيپ مارڪو تنظيم طرفان صوفي نيڀراج جي ورسيءَ ملاڪاتيار ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ طرحي مشاعرو پڻ ڪرايو ويو جنهن جي طرح مصرع هئي:
”ڪريون ٿا دوستو اڄ ياد تازي نيڀراج.“
پاڻ پنهنجي همعصرن مومن مليرائي، ”گدا“ ملاڪاتياري، مسڪين ملاڪاتياري، محمد خان مجيدي، حاجي حقير ابنِ مڱڻ سميت ڳوٺ موري منگر جي محمد علي ”ادنيٰ“، محمد امين ٿيٻو، جاني شاهه ”جانب“، بهاول زئونر جي محمد شاهه مست بخاري ۽ ٽنڊو قيصر جي ”نورل“ نظاماڻيءَ سميت ٻين پڻ ڪيترن ئي علائقن جي شاعرن سان مشاعرن ۽ رهاڻين ۾ شامل رهيا. ان ڏس ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان پڻ نيازمندي هين.
صوفي صاحب، سيّد صالح محمد شاهه عرف فتح خان جي ريڊيو پروگرامن، ”فتح خان جي ڪچهري“ ۽ ”جمهور جو آواز“ کان علاوه ٻين کوڙ سارن ادبي پروگرامن ۾ حصو ورتو، ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪجهه پروگرامن ۾ پڻ شامل رهيا.
بابا سائين صوفي نيڀراج تمام بااخلاق، ملنسار، انسان دوست ۽ علم دوست هجڻ سان گڏ گهرو زندگيءَ ۾ پڻ تمام گهڻو نرم مزاج ۽ سهج سڀاءَ وارا هئا. پاڻ 16-ڊسمبر 1988ع تي صبح اسر ويل هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري، هڪ ڀاءُ پيسو مل سان گڏ ٽن پٽن ۽ چئن نياڻين کي سوڳوار ڇڏي ويا.
هِن ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئون نهايت ئي ٿورائتو آهيان سائين آسي زميني صاحب جو ــ ۽ پڻ موليٰ بخش قمبراڻي، محمد بخش ٿيٻو ۽ موهن مدهوش صاحب جو..

ــ ڊاڪٽر ڪرشن لعل


22-نومبر 2016ع
ڳوٺ موري منگر