نظم
لڱين لوئي نه آ
دور هن ۾ يار پختو ڪو ڪنهن جو ئي نه آ،
جنهن رڳو کاڌو نفعو ڇيهي ۾ گڏ سوئي نه آ.
ويل اوکي تي نه ڪنهن احساس همدردي ٿئي،
ڪا ڏکويل جي هتي ڪرڻي ته دل جوئي نه آ.
مال تي مُلهه پنڌ تي ڀاڙو ناهه اڄ وهنوار هي،
لوٽ جائز ٿي وئي هت قاعدو ڪوئي نه آ.
هي عمر جي ڪوٽ جا مان سڀ سڃاڻان ٿي سڄڻ!
ڪو هنن ۾ پالڻو ۽ ڪابه ماڏوئي نه آ.
جي رکي اجرڪ ڪلهن ۽ سر مٿي ٽوپي سنڌي،
ته به نه هي مارو سندم جو هن لڱين لوئي نه آ.
محنتن جاکوڙ جو تنهن کي ڀلا ڪهڙو قدر،
ڍير مان جنهن ڪا مٽي پنهنجي سڱين ڍوئي نه آ.
قوم جو ڪَرِ ڪَرُ مٿي ڏي خون جو صدقو اچي،
بزدلي آيل ٽِڪو لاٿو ته ڪنهن ڌوئي نه آ.
هيءُ نه آ دستور مليو عجز سان ڪنهن کي حصو،
لَڙُ اُٿِي ’صوفي‘ ادا وٺبو حصو روئي نه آ.
*
1983-08-19 شام 5 وڳي