غزل
ڇا ٿي پيو
ڀلا جند جان جانب تان جي گهر گهوريم ته ڇا ٿي پيو،
ڪلهنئون هي قريبن وٽ جي ڪنڌ ڪوريم ته ڇا ٿي پيو.
جبل هڪ جوءِ جو راڻا جڏهن جهاڳي سگهيس ٿي تان،
سهي ڏک، ڏيهه ۽ ڏونگر ڏکيا ڏوريم ته ڇا ٿي پيو.
سندم هي مال، زر، گهر، سر، نٿا قيمت رکن ڪائي،
تراڙي ۾ سڄڻ تورو ڪري توريم ته ڇا ٿي پيو.
اڃا هيءَ ابتدا آهي پرينءَ جي پيار جي ناصح!
چڻا رڪ جا چٻي ٽي چار جي ڀوريم ته ڇا ٿي پيو.
هتي هڪ شور ٻي شوخي برابر بي رخي آهي،
پري کان پرت پريم سان ڀلا ٽوريم ته ڇا ٿي پيو.
سڄڻ جي عشق ۾ عاقل ڪندي ڪوڪون ڏٺم ڪيئي،
کڻي چاهت منجهان هي جي ٻه چپ چوريم ته ڇا ٿي پيو.
عقيدت، عشق، ضد، لالچ، اکين هوندي انڌا آهن،
وجهي جهوري ۽ جوکي ۾ جي جيءُ جهوريم ته ڇا ٿي پيو.
لڪائي لوڪ کان جپيان اُٿي ويٺي سندس نالو،
سمرڻي ساهه کي ٺاهي سڳا سوريم ته ڇا ٿي پيو.
ڪيو مون سوز کي ظاهر نه ’صوفي‘ غير سان آهي،
اکين آڏو رکي رانجهن اورون اوريم ته ڇا ٿي پيو.
*