شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم

ڀيڄ ڀيڄ

اڄ ڏسان اڀ ۾ پيو برسات برکا، ڀيڄ ڀيڄ،
بوند جي بادل منجهان ٿي واهه ورکا، ڀيڄ ڀيڄ!

آهه ڌم تاڙي مچائي اڄ ڏس اڀ ۾ ڪڪر،
ڪوڏ سان ڪوئل ڪيا ڪوڪار ڪٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

آ وٺي جو واءُ وريو مال ٿو رونڇا ڪري،
ور وجهي پڇ ۾ ڪري ٿو ناز نٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

آهه مينهن مانڊاڻ منڊيو چوطرف چمڪاٽ اڄ،
اڄ ڌمان ڌم گوڙ جا ڪڙڪاٽ ڪڙڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

آسمان ڪاري گهٽا اڄ لئه وسڻ والاريو،
آ متي رم جهم ڪري ٿي رعد رڙڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

خوب خوشين مان ٻَڌي اڄ پير ۾ گهنگهرو کنوڻ،
ٿي ڪري ڪاري ڪڪر ۾ ناچ نچڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

هڪ اوهيرو ٿو مٽيءَ جو هو ٻيو جلدي رسي،
برهه مان بارش ڏنا لوڏا ۽ لٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

پُرُ ڪيا پوٺا پلر سين اَبَرَ اڄ اوتون ڏئي،
وڏ ڦڙي وسندي ڪيا سوسٽ ۽ سٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

بينسري، نڙ، چنگ، وڄائي راڳ ڳائي ٿو ڌراڙ،
مال تي هونگر هڪل ڳٽڪار ڳٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

بيت، وائي، يا ته ڪافي راڳ سارنگ، يا ملار،
گڏ لهي جهونگار سان جهوٽن جا جهٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

گاهه کِهَه، مکڻي ڇٻر، ۽ ڳم، مريڙو، ساوڙي،
للر، لنب، لاڻي ڪيا اڄ لاڏ لٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

صبح ويلي ٿي مٺي وائي ولوڙي جي ٻُري،
موج مان منڌين ڪيا جهوجهو جا جهٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

ٿي ڪڍي مائي مکڻ چاڏيءَ منجهان چاڻا ڪري،
ٿي ڪري ماٽي نهيري چاڳ چٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

گُلَ گلي ’صوفي‘ هي بوندن هار هيرن جا وڌا،
لاڏ مان گل ٿا لڏي ڪن بُوءِ ڀڀڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

*