شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

صوفيءَ سان گهاريل گهڙيون

منهنجو (نور محمد عرف ”نورل“ نظاماڻيءَ جو) جنم 1933ع ۾ ٽنڊو قيصر ۾ ٿيو ۽ 1950ع کان شاعري شروع ڪئي. 1954ع کان ٽنڊو قيصر ۾ قائم ”بزمِ شائق“ جي مشاعرن ۾ وڃڻ شروع ڪيم، جتي ڪافي پري پري جا شاعر پڻ شريڪ ٿيندا هئا، انهن ۾ صوفي نيڀراج پڻ شامل هوندو هو. ٻن ٽن سالن بعد اهو سلسلو ختم ٿيو ته وري حاجي حقير ابنِ مڱڻ، ڳوٺ ۾ سائين احمد شاهه جي اوطاق اندر اهڙو هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو، جتي پڻ ڪافي شاعر حضرات ايندا هئا، جن ۾ صوفي نيڀراج باقاعده شرڪت ڪندو هو.
ان ئي دؤر ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ جي نالي سان ڳوٺ اندر رئيس مير حسن نظاماڻي مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ٻه ڀيرا مخدوم صاحب پڻ شرڪت ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان اهو سلسلو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو، ۽ 4-5 سال بعد پڄاڻيءَ پهتو. ان بزم جي مشاعرن ۾ پڻ صوفي نيڀراج جي شرڪت، سمورن شاعرن لاءِ اتساهه جو باعث هوندي هئي.
ان بعد حاجي حقير ابنِ مڱڻ پنهنجي ڳوٺ قبول خاصخيليءَ ۾ ”بزمِ قليچ“ قائم ڪئي، جنهن ۾ هر مهيني جي 14 تاريخ مشاعرو ڪرايو ويندو هو. ساڳي وقت بهاول زئونر ۾ هر مهيني جي 17-تاريخ، سائين محمد شاهه ”مست“ بخاري پڻ مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو ڪافي عرصو هليو – پر 1981ع ۾ حاجي حقير ابنِ مڱڻ جي وفات کانپوءِ اهو به ختم ٿي ويو.
مٿين مڙني پروگرامن ۾ حاجي حقير ابنِ مڱڻ، محمد شاهه ”مست“ بخاري، محمد درزي، صوفي نيڀراج، محمد علي ادنيٰ، يارل شيدي، دودو شيدي، نورل نظاماڻي، محمد علي نظاماڻي، مسڪين ملاڪاتياري، غلام محمد ”گدا“ ملاڪاتياري، سيد احمد علي شاهه ملاڪاتياري، ميون امداد، شفيع محمد ٻگهيو ۽ مومن مليرائيءَ کانسواءِ کوڙ سارا پري پري جا شاعر پڻ شرڪت ڪندا هئا.
مذڪوره مڙني ميڙاڪن اندر خاص ڳالهه اها هوندي هئي، ته صوفي نيڀراج کي مانُ ڏيندي هميشه آخر ۾ سڏيو ويندوهو. صوفي نيڀراج شاهه سائينءَ جي بيتن ۽ وائين کي مُترنم انداز ۾ جهونگاري، ماحول کي گرمائي ڇڏيندو هو. کيس لطيف سرڪار جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر سميت سُرن ۽ پس منظر جي ڪافي ڄاڻ هئي. پاڻ شاهه سائينءَ جي بيتن ۽ وائين کي جهونگارڻ ويل هٿ جي اشارن سان باقاعده تنبوري جي صورت ۾ هٿن کي حرڪت ڏيندي، پنهنجي آواز جي اثر هيٺ، ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندو هو.
صوفي نيڀراج طبيعتن به نج صوفي ماڻهو هو. انتهائي خوش مزاج ۽ ڪنهن سان به، ڪڏهن به مذهبي مت ڀيد نه رکيائين. هن وقت سندس همعصر وڃي ڪو هڪ اڌ رهيو آهي ۽ آئون سندس همعصر هئڻ جي حيثيت ۾، سندس ورتاءَ کي سامهون رکندي يقين سان چوان ٿو، ته پاڻ هن وقت يقينن سرڳ واسي هوندا.

ــ فقير نور محمد ”نورل“ نظاماڻي

ٽنڊو قيصر،
21-نومبر، 2016ع