ڪافي تنهنجون شاهي شان شباب اکيون،
تنهنجون شاهي شان شباب اکيون،
ٻئي مست مَڌُر مهتاب اکيون.
سالڪ سهڻيون سندر سدوريون،
خوب خماريل اُپٽ اڌوريون،
ٻئي بانڪيون بي حجاب اکيون.
نرم نماڻيون نازڪ نوري،
عطر عنبر ڄڻ مشڪ کٿوري،
ٻئي نرگس رِيءَ نقاب اکيون.
گلشن گول گلاب گھِريون،
نازڪ نرمل نوري نهريون،
ڪن ڪڏهن ڪين عتاب اکيون.
پارس پرجهيل شافع پياريون،
سهڻيون صاف سٻاجهيون ساريون،
لاهن ولهن تان هي عذاب اکيون.
رحم ڀريون ٻئي رحماڻيون،
’صوفي‘ سخاوت واريون سياڻيون،
ٻئي لائق ۽ لاجواب اکيون.
*
. مَڌُر = مِٺو رسيلو