ڪافي اچو موٽي مديني بابا!
روز ٿي راهون نهاري، اچو موٽي مديني بابا!
ڪونجون! ڪربل ۾ وڃي لهجو،
رات بوئا زينب وٽ رهجو،
سڀ ڀيڻ سڪينه ڌُتاري، اچو موٽي مديني بابا!
ڪونجون جُهولي وٽ سڀ جهولِي،
ڪرلاٽ ڪري ڏجو لولِي،
ڀاءُ اصغر پينگهي سمهاري، اچو موٽي مديني بابا!
نڪي قاسم مون ڏي آيو،
نڪي اڪبر ڀاءُ گهرايو،
ڪونجون! ويٺا ڇو ته وساري، اچو موٽي مديني بابا!
ڪونجون! چاچا عباس کي چئجو،
هاڻي ڌار گهڻو نا رهجو،
متان موت ملڻ ريءَ ماري، اچو موٽي مديني بابا!
ڪونجون! نياز سلام رَسايو،
موٽي مون کي سُڌِيون سڻايو،
’صوفي‘ سماچار ساري، اچو موٽي مديني بابا!
*
حضرت بيبي صغريٰ عليه صلواة و السلام جو ڪونجن هٿان پيغام
اربع رات 09- محرم الحرام 1406هه رات جو 11 وڳي
85-09-24