نظم
نيٺ ته اُڀري ڏينهن به ايندو نيٺ اُجالو ٿيندو،
نيٺ ته مهذب ملڪن سين گڏ اسان جو ڀي نالو ٿيندو.
نيٺ ته مٽجي ويندي جھالت نيٺ ته روشن دور به ٿيندو،
نيٺ اگياني ختم ٿي ويندي گيان ڌيان جو زور به ٿيندو.
نيٺ ته ظلم و تشدد جا هي دور سڀيئي ختم ٿي ويندا،
نيٺ ته مظلومن کان ظالم مار به کيندا هار به کيندا.
نيٺ ته مرد مجاهد ايندا نيٺ ته ڪانئر ڪڙڪڙ ٿيندا،
نيٺ ته مومن هوندا مڙئي نيٺ ته موذي ٿڙ ٿڙ ٿيندا.
نيٺ بدلبي ويراني، ٿي ڏيهه سڄو آبادي ويندي،
نيٺ بهار ايندي هتڙي، ٿي ته خزان بربادي ويندي.
نيٺ ته گڏجي هڪ ٿي ويندا سيف ۽ صوفي مليل رهندا،
نيٺ ته لطف و راحت جا ٿي گل سڀيئي ٽڙيل رهندا.
*