شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

88-05-13

88-05-13

غزل

شابس تنهن جگر کي

سُورَ سَهِي پيو کِلي ۽ مُرڪي شابس تنهن جگر کي آهي،
پُڄي گدڙ سان ڪين سگهي شابس تنهن شير ببر کي آهي.

ڪالهه ڪنهن ڀت مان اڄ ڪنهن ڀت مان روزانو ير کاٽ لڳي ٿو،
چور به خالي ڪين وڃن ٿا شابس انهيءَ گهر کي آهي.

بگهڙ روزانو حملو ڪن ٿا پَهرُو ماري هرڪو کائي،
نه ڪي وڙهي يا جُوءِ ڇڏي ٿو شابس تنهن وَلَرَ کي آهي.

گاهه به چاري بوسا ميڙي کير ڏُهي ڏي ڌارين کي ٿو،
پنهنجي ٻچن کي پاءُ به نه حاصل شابس تنهن ميهر کي آهي.

دشمن کي جا دوست ٿي ڄاڻي نانگ ڳچيءَ ۾ هار ٿي پائي،
نفعي ڇيهي جي پرک نه ڪا تَنهن، شابس سمجهه نظر کي آهي.

ڏسندي ٻڌندي ٻانهه وڍيائون سور جراحيءَ ۾ ڪو ٺاهي،
سُنَ ڪرڻ جي سَئِيءَ جو ڪَيڙو شابس تنهن اثر کي آهي.
*

87-08-15