ڪافي تنهنجون گَھِريون گُلَ گُلَزار اکيون،
ٻئي بانوليون باغ بهار اکيون.
سرمي ساڻ سينگاريل ساريون،
ڪيفي ڪٽوريون ڪنڍڙيون ڪاريون،
ٻئي ترڇيون تجليدار اکيون.
چيريل چوکيون ٻئي چهنبياريون،
خوب خوشيءَ ۾ وتن خماريون،
تنهنجون سارنگ مينگهه ملار اکيون.
نوري نرگس نيم خوابي،
برقي بجليون بي حجابي،
تنهنجون نرم نماڻيون نوڪدار اکيون.
سلڇڻيون سهڻيون شانُ وڏي سان،
مرڪن منهن ۾ مانُ وڏي سان،
تنهنجون عجب ٻئي آبدار اکيون.
بن تعصب ڀيد ڀلاريون ڀرجهل،
پرشن پاڪ پياريون پرمل،
تنهنجون سالڪ ٻئي سردار اکيون.
سخي سٻاجهل ٻاجهاريون ٻئي،
جُهومن جَهرڪن جهالاريون ٻئي،
اهي ’صوفيءَ‘ لئه سهڪار اکيون.
*
. پَرمل = خوش خلق، رلڻو ملڻو، صاف، پاڪ