غزل نسنگ نينهن نانگا نباهيندا ايندا،
نسنگ نينهن نانگا نباهيندا ايندا،
سڄڻ يار جا ڳُڻ سي ڳائيندا ايندا.
نه ڪَسجي نه ڪَٽجي سندن نينهن اُجرو،
ڏينهون ڏينهن اُجاري سو لائيندا ايندا.
چِٽي چنگ، نفيلون، سڱيون، سَنکَ، ساڌو،
وهاڻيءَ ويراڳي وڄائيندا ايندا.
پڪل پُرشَ پَرشَنَ وري پاڻ پنهنجو،
پچڻ ريءَ پريمي پچائيندا ايندا.
اُسن ۾ اُساٽي لُڪُنِ ۾ لُساٽي،
سَريرَنِ کي سامي سُڪائيندا ايندا.
ڏئي ڌوپ واسي جٽائون جوڳيئڙا،
جگر جوڳ ۾ سي جلائيندا ايندا.
آڌوتي ڇَڏنِ پاڻ اَرِپي اَلَکَ کي،
اَرُوپي سين لنوڙي لڳائيندا ايندا.
ڪڙو زهر کان غم پين ۽ پيارن،
وَٽا وِهه ڪري کاڄ کائيندا ايندا.
پَڌرِ پَگلا پائي پُرنِ ڪين پانهُون،
پڪو پيچ پِرِيَن سين پائيندا ايندا.
ملامت ذلالت سهي نفس ماري،
ڪڻا تنهن کي ڪِسِتيءَ پنائيندا ايندا.
گندي گودڙي، ميرڙا، مُنهن منهانڊا،
لِڪي پاڻ لوڪان لڪائيندا ايندا.
مرڻ کان اڳي تن مزو موت ماڻيو،
اَجَلَ کي اندر ۾ نپائيندا ايندا.
اَسُرَ تائين اَرِداس ۾ سِرُ اَويسيُنِ،
صبح شام سرڙو نمائيندا ايندا.
گُروءَ گِيانَ ۾ گم مَگن مست ’صوفي‘،
ٻُڌي سين ٻُڌائون، ٻُڌائيندا ايندا.
*
مير محمد ”ميرل“ جويو جي جده عربستان کان موڪليل طرح مصر ع