نظم
ڀنڀور
نسوري نينهن نرجي جِي ڀنڀوران بُوءِ پئي آئي،
ڀڙي تي رت سندا بوڙيا ڏسڻ ۾ پُوءِ پئي آئي.
ڏٺم ڏوران سسئي نينگر دڙي تان ڊوڙندي ويئي،
دُلاري دادلي ڀڄندي جوانيءَ کي رسي ويئي،
ڏٺم تڙ جي طرف پنهون سسئي گڏ سٿ سهيلين سين،
ڏسڻ ۾ صاف سڀني جي رَئِيءَ مان رُوءِ پئي آئي.
رکيل هن ڀٽ جي ڀرپاسي رتل مٽڪو هو موکيءَ جو،
ٻڌو هند، لاڙ، سنڌ، ڪاڇي رڳو ٿي نام چوکيءَ جو،
سچائي سونهن سسئيءَ جي پڌر پرڏيهه وارن ۾،
پري پهڻن ۾ پٻ جي سا اڪيلي اُوءِ پئي آئي.
گهڻو آڳاٽو دنيا ۾ ته سڌريل سنڌ هئي ساري،
ثقافت، سونهن ۽ سيرت، سخاوت سنڌ جي پياري،
ڪري واپار وڻجارن ڏيساور سين ڪيو ڏيٺي،
ٻُڌڻ ۾ سنڌ، ڌرتيءَ تي، جنت هيءَ جُوءِ پئي آئي.
هتان جي کيس، اجرڪ ۽ نه لونگيءَ جو ٿي مٽ مليو،
سندي ململ سوا تولو پڪو هٿ تور ٿي تليو،
جنڊي، ڪاشي، زري، مينا هئي ڪاريگري سنڌ جي،
دڙي مان دفن هنرن جي هڪل جي هوءِ پئي آئي.
بندر، تڙ سڀ ڀريا ڀڪلا، مٺي، کاري، هتي موجون،
ڏهاڙي هِت سي پرڏيهان آيون ٿي قافلن فوجون،
رهي هت راءَ پيا ڪيئي سنڌي ٿي سنڌ ۾ ويٺا،
ڏسڻ ۾ ماڳ، مڙهه تن جا مٿا ۽ مُوءِ پئي آئي.
چڙهي گهل اوچتي ڪائي ڪُٺا ڪونڌر هتي راڻا،
لڳي ڪا باهه بستيءَ کي جلي جهٽ پٽ ويا ڀاڻا،
ٿيو هي ڍير رک، لاشن، شهر کنڊرات ٿي ويڙو،
مٽيءَ کي سوڳ ۽ ماتم ڏسڻ ۾ سُوءِ پئي آئي.
دڙي خود ٿي دڙي ڏاڍو شڪايت ڪئي ته يارن جي،
ڇڏڻ تهذيب سنڌيءَ تان گلا ڪئي سنڌ وارن جي،
اڏامي دز چيو، ’صوفي‘ ڪٿي ڪُهني روايت آ؟
ڪندي اُن ڌوڙ مان ڌوڙيا، خوديءَ جي خوءِ پئي آئي.
*