شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


اي موت جا ملائڪ

هي التجا وڃي ڏي الله، پوءِ اچي ڪڍ،
منظور ٿي وڃي منجهه درگاهه پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

ڀاڪر هجن پيل ۽ لب سي هجن لبن تي،
آغوش ۾ جهلي مون هو ماهه پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

اهڙي وٺي اجازت ٻنهي جو روح گڏ تون،
پهرين ڪري اسان کي آگاهه پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

هڪڙو جي مون هلائين هن شرط سان هلائج،
وارو اڳي ٻيو ڏي هو چاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.
گهر کان هلي ته گڏجي هٿ سان مقام تي هو،
پوري قبر ۽ پوکي گل گاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

واعدو ڪري قبر تي ايندو پيو هميشه،
کائي قسم جڏهن هو فتاح، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

مسجد هجي مسافرخانو هجي بنام،
خيرات هوءِ جاري ۽ چاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

اولاد لئه ملي جئن عزت ۽ ڀاڳ، دولت،
علم و امان فقيري ساڃاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

روزو هجيم قائم يا قدر يا ڏهينءَ جو،
رمضان يا محرم هي ماهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

اذڪار ۾ هجي دل صلواة هوءِ جاري،
نڪري پساهه آسان هڪ آهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

هر جاءِ غوث اعظم پنجتن ۽ غوث مرشد،
حامي هجن هميشه سڀ شاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

زهرا جي لعل جي گڏ سان ساٿ هيٺ سايي،
نالي مٺو ته شافع همراهه پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

’صوفي‘ هجي قبيلو ۽ يار ڀي هجي گڏ،
پاڙي هجي حسينڻ جا ڳاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

*