غزل ۽ سجاد مهر جي روح جو رقص
نقاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
عذاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
اڃان چپن کي نه چين آهي
شراب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
سجاد غزل جي گهاڙيٽي جو اهو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ وڇوڙي جا آلاپ به آهن ته اداسيءَ جون آهون به آهن.
درد ئي بس ديس ۾ آهن بچيا
هر خوشي گمنام ٿيندي ٿي وڃي.
يا وري سندس هڪ غزل جو هي بند
اجايو ڇو ڪئي آ تو
برهه جي بي چَسي موسم
سنڌ جون موجوده سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حالتن تي شاعر جي دل روئي پوندي آهي، ڇو ته هو گهڻو حساس هوندو آهي. سجاد به پنهنجي شاعريء ۾ ڀَڄندي ۽ ڀُرندي محسوس پيو ٿئي:
ماڳ جي مالڪي نه ڪئي آ ڪنهن
ڀونءِ جي ڀيل ٿي وئي آهي
يا ور ٻئي هنڌ پنهنجا احساس هيئن بيان ڪري ٿو:
جي پڙهان ٿو سنڌ جي اخبار ڪا
هر خبر ٿي هانوَ ۾ هُرندي وڃي
پير تنهنجا غير ڏي ويندي ڏٺم
دل تڏهن دلدار ٿي ڪُرندي وڃي
سندس غزلن جي وزن، بحر، قافيي ۽ رديف تي ڪو شاعر ئي ڳالهائي سگهندو باقي اسان جهڙن عام ماڻهن لاء سجاد جي سادي ۽ سڌي سنئي ٻولي وڏي غنيمت آهي. هو بغير ڪنهن لڪ لڪاء ۽ فلسفي جي پنهنجي دل جون ڳالهيون قلم جي نوڪ ذريعي سنواري ۽ سينگاري پيش ٿو ڪري. نه صرف پنهنجي ڳالهه پر سندس غزل اسان جي دل جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا.
سوالن جي وچ ۾ جوابن جي وچ ۾
هميشه رهياسين حسابن جي وچ ۾
پيو سوچي شاعر الائي ڇا ٿيندو
غزل جو پڙهيو آ، نقادن جي وچ ۾
هن دور ۾ شاعري ڪرڻ، شاعري سنڀالڻ ۽ وري ڪتاب ڇپائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اڄ جي دور ۾ ڪجهه ادارا صرف نالي چڙهيل شاعرن يا ليکڪن کي ڇاپين يا وري سرڪاري فنڊن تي هلندڙ ادبي ادارا صرف من پسند يا سياسي پٺ رکندڙن جا ڪتاب ڇاپين. تنهنڪري نوجوان شاعر ڪتاب نه صرف پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ڇاپين ٿا پر انهن جي مارڪيٽنگ به نه هجڻ ڪري دوستن کي تحفي طور ڏين ٿا. پر سجاد جي غزلن جو هي ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ پڙهڻ جهڙو ۽ پنهنجي ذاتي لائبرري ۾ سنڀالڻ جهڙو آهي، هن ڪتاب ۾ موجود غزل دلين جا ترجمان آهن. هر غزل جو ڪونه ڪو بند ڄڻ اسان جي دل جو آواز ٿو لڳي. سندس هي ڪتاب اهو ثابت ڪندو ته سجاد مهر اسان جي ٽهي جي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن پنهنجي سندر احساسن، آسان ۽ سليس ٻوليءَ ۽ پختي شاعريءَ سبب نالو ڪمايو آهي.
محمد سليمان وساڻ
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام