شاعري

جڏهن ڀونءِ بڻي

تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي بنياد آهي، ۽ هن ٻوليءَ، ڪردارن ۽ ماحول جون مڪاني وصفون وڏي اعتماد سان پيش ڪيون آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان اڻ ٽٽ پيار جي انيڪ رنگن جو وسيع ڦھلاءُ ملندو آهي. سندس ٻولي، اسلوب، استعمال ڪيل اصطلاح، محاورا، ۽ سندس شاعريءَ جا ڪردار سڀ ڪمال جي درجي جا آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ فطرتي منظرحقيقت جي بلڪل ويجهو آهن، جيڪي سندس شاعريءَ جي سونھن سوڀيا کي وڌائين ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 49
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جڏهن ڀونءِ بڻي

تعارف: شمشمير الحيدري

جاڙا ڀائر، هڪ ئي پيءُ جا پٽ، هڪ ئي ماءُ جي پيٽان ڄمندا آهن. هڪ ئي وقت ڄمندا آهن، تنھنڪري انھن جي عمر بہ ساڳي ٿيندي آهي. هڪ ئي هنڌ ڄمندا آهن، تنھنڪري سندن شھريت بہ ساڳي ٿيندي آهي. ٻنھي جي ذات پات ساڳي، ٻنھي جا چاچا ماما ۽ پڦيون ماسيون ساڳيون هونديون آهن. گهڻو ڪري سندن شڪل، صورت، رنگ روپ، قد بت، عادتون ۽ طبيعتون بہ ميل کائينديون آهن، ڇاڪاڻ تہ هڪڙي ئي تخم جي پيدائش، ساڳئي رت ۽ ماس جو جوڙ هوندا آهن.
نسلي بنيادن (Biological Origins) جا ماهر شايد انھن حقيقتن جي ابتڙ ڪنھن بہ ڳالھہ کي قبول نہ ڪن، پر منھنجو خيال آهي تہ جاڙا ڀائر ٻن پيئرن جا پٽ بہ ٿي سگهن ٿا ۽ ٻن مائرن جي پيٽان بہ جنم وٺي سگهن ٿا، اهي هڪ ٻئي کان اڳ ۽ پوءِ پيدا ٿي سگهن ٿا. سندن چاچا ماما، پڦيون ماسيون ڌار ڌار ٿي سگهن ٿيون. ٻنھي جي ذات پات الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي، ۽ منجهانئن هڪڙي جي شھريت خيرپور ضلعو ۽ ٻئي جي شھريت بدين ضلعو ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ڪنھن کي بہ اختلاف هجي تہ اهو مون، يعني شمشير ال-حيدري ۽ منھنجي جاڙي ڀاءُ يعني تاج-ال-بيوس کي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺل اچي ڏسي.
ٻنھي جو پيءَ الڳ، ٻنھي جون مائرون الڳ، ٻنھي جي جاءِ پيدائش الڳ، ٻنھي جي ڄمڻ جا سال الڳ، پوءِ بہ ڏسو تہ هوبھو هڪجھڙا! شڪل صورت، رنگ روپ، ڳالھائڻ ٻولائڻ، قد بت، هرڪو نمونو هڪجھڙو- ايتريقدر جو جيڪڏهن ٻيءَ ملاقات ۾ منجهانئن ڪو بہ اڪيلو ملي وڃي تہ ملڻ وارن مان گهڻا شمشير سان تاجل جون ڳالھيون ۽ تاجل سان شمشير جون ڳالھيون ڪرڻ لڳندا.
بس، رب پاڪ جي جوڙ آهي. قدر جا ڪم نيارا آهن. سو ٿي سگهي ٿو تہ اسان ٻنھي جا ڪي ٻيا جاڙا ڀائر ڪٿي آمريڪا، چين ۽ جاپان ۾ بہ هجن. پر في الحال قسمت سنڌ جي ٻن ڇيڙن کي ملائڻ پسند ڪيو، ۽ اُتر قطب جي خيرپور مان تاجل بيوس ۽ ڏکڻ قطب جي بدين مان شمشير الحيدريءَ کي پھريون ڀيرو سال 1969ع ۾، اڌ ڪروڙ آباديءَ واري ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ هڪ ٻئي سان ملايو، جتي واقفڪار دوست ۽ مائٽ مٽ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويندا آهن، وڃائجي ويندا آهن. جيئن ئي ملياسين، کلياسين، هڪ ٻئي کي سڃاتوسين. ٻنھي هڪ ٻئي کي پنھنجو آئينو سمجهي، پنھنجو پاڻ کي ڏٺو. ٻنھي کي ڪنھن اڳئين جنم واري ڇڪ محسوس ٿي، ۽ هِن جنم ۾ ان جي تصديق جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ اڳتي هلي، ٻئي رت جي رشتي ۾ گڏجي ويا. ھاڻي هڪٻئي جا مائٽ آهن. ٻنھي جو گهر هڪڙو آهي. ٻنھي جا چاچا ماما، پڦيون ماسيون ساڳيون آهن. خيرپور ۽ بدين، ٻنھي جو گهر آهي. شمشير الحيدريءَ جي نياڻي، تاجل بيوس جي ننڍي ڀاءُ محمد يعقوب جي گهر واري آهي ۽ شمشير خواجي جو پوٽو، سمون آهي. انھيءَ ڏس ۾ جس وري بہ تاجل کي آهي، جنھن مون کي ڏوري ڏٺو (شايد قدرت جو اشارو کيس ئي ٿيو هو، يا خواب ۾ ڪا هدايت ٿي هيس). هن ئي پنھنجي جوڙ جي جستجو ڪئي، ملاقات جا موقعا پيدا ڪيا، ۽ هزار عزتون ڏيئي، پنھنجائپ جو احساس ڏياريو. آءٌ سندس گهڻي قدر ٿورائتو آهيان.
انھيءَ پس منظر ۾، مون کي جڏهن تاجل ۽ سندس فن جي باري ۾ لکڻو آهي، تڏهن آءٌ ائين سمجهان ٿو تہ مون کي ڄڻ پنھنجي ئي باري ۾ لکڻو آهي. تاجل جي بھاني، آءٌ پنھنجي باري ۾ لکان، سو پنھنجي بھاني تاجل جي باري ۾ لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو مون پنھنجي ۽ تاجل جي گڏيل باري ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. تاجل جي باري ۾ الڳ لکڻ منھنجي لاءِ ممڪن ڪونھي. تنھن هوندي بہ آءٌ ڪوشش ڪندس تہ سندس عمر، وقت، هنڌ ۽ فني تجربن کي الڳ ڪري ڏيکاريان، پوءِ ڀل تہ تاجل سان ڀائپيءَ وارو انصاف نہ ڪري سگهان.
جڏهن ‘نئين زندگيءَ’ جو ايڊيٽر هوس، تہ ٽپال ۾ مون کي ‘بيوس حاتن شاهيءَ’ جا شعر مليا. مون انھيءَ نالي سان سندس هڪ ٻہ شعر شايع بہ ڪيا. پوءِ جڏهن روبرو مليو، تہ مون کيس ‘ھاٿن شاهي’ ڪري ڪوٺيو ۽ چيومانس تہ اسان وٽ ‘ناٿن شاهي’ اڳي ئي کوڙ آهن، ۽ نالي مان شاعر جي سڌريل درجي جو اندازو ماڻھو لڳائيندا آهن، تنھن ڪري انھيءَ شاهيءَ يا شھنشاهيءَ کي ڇڏي ڏين تہ چڱو. پوءِ هن دليل تہ معقول ڏنا، پر اڳتي سو ‘تاجل بيوس’ بنجي ويو.
تاجل بيوس انھيءَ مھيني ۾ ۽ انھيءَ ستاري هيٺ ڄائو آهي، جنھن مھيني ۾ ۽ جنھن ستاري هيٺ آءٌ بہ ڄائو آهيان– يعني سيپٽمبر ۾.
تاجل سنڌ جي منفرد جاگرافيائي خطي، سنڌوءَ جي ڪَچي واري ڀاڱي سان بنھہ لاڳو، هڪڙي تمام ننڍڙي واهڻ، پير حيات شاھہ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. پير صاحب کي مريد پيار وچان حاتن شاھہ چوندا هئا، جنھن جي نسبت تاجل پنھنجي ڳوٺ خاطر پاڻ کي ڏيڻ پسند ڪئي هئي. هن وقت انھيءَ بزرگ جو پوٽو گاديءَ تي آهي، جنھن تي پنھنجي ڏاڏي جو ئي نالو، حيات شاھہ رکيل آهي، ۽ جنھن سان تاجل پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيو آهي. انھيءَ تعلق ۽ دوستيءَ جي ڪري، تاجل ڄڻ تہ پير صاحب کانپوءِ ڳوٺ جو چڱو مڙس آهي، ۽ راڄوڻي معاملن کان سواءِ، هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخصيت هجڻ سبب، ڳوٺ جي سڌاري ۾ سندس دلچسپيون بنيادي آهن.
تاجل جي ذوق ۽ ذهن جي ابتدائي سنوار ڪرڻ واري جيڪا شخصيت آهي، سا خود منھنجي لاءِ بہ ڏاڍي محترم آهي. اھا شخصيت آهي- استاد الھندو خان جتوئي، جيڪو رڄ چڱو مڙس، وڏو سگهڙ ۽ سياڻو، وڏو ادب ۽ سخن شناس، گُن ۽ گفتي جو ڄاڻو، ڪچھريءَ جو مور، تڏي جو مڙس ماڻھو، سنڌي خُلق ۽ اخلاق جو آئينو، خوش مزاج ۽ زنده دل، ۽ شاھہ لطيف جو خاص شيدائي ۽ پارکو آهي. تاجل جيڪي ڪجهہ بڻيو، سو استاد الھندي خان جي طفيل، جنھن کيس علم ۽ ادب جو دڳ ڏيکاريو.
تاجل هونئن بہ شھري هوا کان گهڻو پري، هڪڙي ننڍڙي واهڻ ۾ جنم ورتو، سنڌوءَ جي ڪناري، پکن ۽ پوکن ۾- تنھن ڪري قدرتي نظارن، سادي سودي فطري ماحول ۽ ان جي وچ ۾ وسندڙن سادن سودن ماڻھن جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ، سندن ريتن رسمن، ٻوليءَ ۽ پيڙائن جي مشاهدي ۽ مطالعي جو اهڙو ئي ورثو کيس پلئہ پيو، جھڙو انگريزي شاعريءَ جي رومانوي دور جي عظيم شاعر ورڊسوَرٿ کي ليڪ ڊسٽرڪٽ واري ماحول ۾ مليو هو، ۽ جنھن جي اثر هيٺ ورڊسوَرٿ انگريزيءَ جي ڪلاسيڪي دؤر واري مخصوص ۽ محدود زبان ۽ طبقي جي شاعريءَ کي رد ڪري، عام ماڻھن لاءِ ۽ عام ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي.
‘ڪلاسيڪي دؤر’، ‘ڪلاسيڪي شاعري’ يا ‘ڪلاسيڪي شاعر’ جا اصطلاح انگريزي ۽ سنڌي ادب لاءِ ڌار ڌار مطلب رکن ٿا.
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪي دؤر جي شاعري مٿانھين ۽ اوچي طبقي جي ماڻھن، سندن مخصوص مشغلن ۽ مسئلن، سندن مخصوص ٻوليءَ ۽ مزاج جي عڪاسي ڪري ٿي. ان جو خاص مثال هڪ نظم Rape of Lock آهي، جنھن ۾ اعليٰ طبقي جي هڪ دعوت دوران ڪنھن کيچلي همراه پاران هڪ جوان نينگريءَ جي وارن جي چڳ ڪپي وٺڻ ۽ ان کان پوءِ ڌرين جي وچ ۾ ڏاڍيءَ نفاست سان چمچن ۽ ڪانٽن سان لڙائي لڙڻ جو ذڪر آهي.
انگريزي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا نہ رڳو موضوع اوچي طبقي جا هئا، بلڪہ انھن جي ٻولي بہ انھيءَ طبقي جي هئي. ان جي ڀيٽ ۾، جڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڳالھہ ڪريون ٿا تہ ان جو مطلب، اھا بامقصد ۽ بنيادي شاعري آهي، جيڪا شاهہ، سچل ۽ سامي، ۽ کانئن اڳ ۽ پوءِ جي صوفي بزرگن جي شاعري آهي، جنھن جا موضوع، ڪردار، ٻولي ۽ ماحول عوامي آهن، ۽ اھا شاعري انگريزي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي محدود ۽ مخصوص طبقي ۽ ٻوليءَ واري شاعريءَ کان بنھہ مختلف آهي. اھا شاعري سنڌ جي عام ماڻھن جي قومي ۽ اخلاقي ڪردار ۽ مزاج، ٻوليءَ ۽ لھجي ۽ سموري لوڪ ورثي جي آئينہ دار آهي.
جڏهن مغل دؤر جي اثر هيٺ هتي ايراني روايتن واري شاعري رواج ۾ اچڻ لڳي تہ رفتي رفتي سنڌي شاعريءَ جو ناتو پنھنجين ڪلاسيڪي روايتن کان ۽ سنڌي شاعرن جو ناتو پنھنجن عام ماڻھن کان ڇڄي ويو. ٿورن دورانديش شاعرن ايراني روايتن ۾ پنھنجين ڪلاسيڪي روايتن جو رنگ ڀريو، ۽ وس آهر روايتي شاعريءَ کان بنھہ پري هٽڻ جون ڪوششون بہ ڪيون ۽ انھن ئي ڪوششن جديد شاعرن لاءِ روايتي شاعريءَ کي پار ڪري پنھنجي ڪلاسيڪي ورثي تائين پھچڻ لاءِ پُل جو ڪم ڏنو.
انفرادي ڪوششن کان اڳتي، جديد دؤر ۾، “سنڌي ادبي سنگت” سنڌي ادب ۽ زبان جي عمارت کي پنھنجن ڪلاسيڪي بنيادن تي استوار ڪرڻ لاءِ منظم تحريڪ هلائي، جنھن جي طفيل، هر قسم جي تھمتن ۽ تڪليفن جي باوجود، اڄ سنڌي ادب جي سمورن شعبن جا ناتا پنھنجي اصل ورثي سان وابستہ ٿي چڪا آهن.
انھيءَ بنيادي حقيقت کي نظر ۾ رکندي، اسان وٽ ڪنھن بہ تخليقي شيءِ جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏو ماپو اهو ئي آهي تہ ان ۾ ڪلاسيڪي وابستگين جي تلاش ڪئي وڃي. ٻولي، ماحول، موضوع، ڪردار، لب لھجو، ترنم، جذبو ۽ احساس- اهي سڀ ڳالھيون جيتريقدر هن ڌرتيءَ جون پنھنجيون هونديون، اوتريقدر ڪا بہ تخليق بامقصد ۽ مقبول ثابت ٿيندي.
دنيا جا سڀ عظيم شاعر اول پنھنجيءَ پنھنجيءَ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر آهن. آمريڪا جي قومي شاعر والٽ وٽمئن جي شاعريءَ ۾ آمريڪا کانسواءِ ڪجهہ بہ ڪونھي، شيڪسپيئر وٽ انگلينڊ ايتريقدر آهي، جو انگريز انگلينڊ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا پر شيڪسپيئر کي نہ. اهو ان ڪري جو اهڙن شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ پنھنجي ملڪ جو سمورو شان سمائي ڇڏيو آهي.
لوممبا جڏهن آفريڪا جي غلام قومن پاران پڪاريو، تہ اهي سڄيءَ انسان ذات جي صدا سمجهي ويئي. فردوسيءَ جڏهن ايران جا ڳڻ ڳائيندي، عربن کي ڳوھہ کائيندڙ ۽ اُٺڙين جو کير پيئندڙ چئي ڌڪاريو، تہ بہ هو وڏو شاعر سمجهيو ويو. ڪاليداس ۽ ميران ٻائيءَ کي طبقاتي شعور ۽ عوامي جدوجهد جي اڻ هوند ۾، مخصوص مذهبي رنگ هوندي بہ تمام وڏو درجو ڏنو ويو آهي. ٽئگور انگريزي، عربي، اسپيني يا فرينچ ٻولين ۾ لکي نوبل پرائيز حاصل نہ ڪيو هو.
ان ڪري، ڪنھن بہ خاص ملڪ يا ڪنھن بہ خاص ٻوليءَ جي نمائندگي ڪرڻ بہ عين انسانيت آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪنھن بہ شاعر کي انساني جذبا سڌيءَ طرح پنھنجي آسپاس جي ماحول مان ئي حاصل ٿين ٿا. ڏات ۽ ڏاهپ جا سرچشما دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ مان، ڪنھن بہ ملڪ، قوم ۽ زبان مان ڦُٽي سگهن ٿا.
ان ڪري، سنڌي ليکڪن کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا نہ ٿيڻ کپي، ۽ مڪاني ماحول، روايتن ۽ ڪردارن کي انتھائي اعتماد سان پيش ڪرڻ کپي.
جڏهن بہ اِهي ڪوششون پنھنجي عروج تي پھچنديون، تہ دنيا داد ڏيندي. آءُ انھيءَ ڪري هر اهڙي ڪوشش کي مسلسل عمل ڄاڻي، داد ڏيندس، جنھن جو رخ مٿي ذڪر ڪيل منزل ڏانھن آهي.
تاجل جي شاعري منھنجي نظر ۾ انھيءَ منزل ڏانھن هڪ اهم قدم آهي، ڇاڪاڻ تہ منجهس ڪلاسيڪي بنياد آهي، ۽ هن ٻوليءَ، ڪردارن ۽ ماحول جون مڪاني وصفون وڏي اعتماد سان پيش ڪيون آهن.
اسان وٽ اهڙي شاعري بہ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي، جنھن ۾ مڪاني حوالا فيشن طور داخل ڪيل آهن، جيڪي وقتي طور تہ عام پڙهندڙن کي متاثر ڪن ٿا، پر پرکڻ وارن کي اُهي صاف طور مصنوعي نظر اچيو وڃن. اسان جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ اهو لاڙو عام فيشن طور داخل ٿي ويو آهي، جيڪو اسان جي پسند مطابق جس جوڳو، سجاڳيءَ جو اهڃاڻ، ۽ ڏاڍو فرحت ڏيندڙ آهي، انھيءَ اطمينان جي ڪري تہ انھن شاعرن مان ڪافي تعداد اڳتي هلي پختگي حاصل ڪري وٺندو. پر جڏهن ڪي وڏا ۽ پختا شاعر بہ وقت جي لھر کي ڏسي ائين ڪن ٿا تہ اھا ظاهر ظھور اُھا ئي ڳالھہ آهي، جنھن کي مرحوم شيخ حفيظ “سنڌي ماڻھوءَ کي ذهني رشوت ڏيڻ” ڪوٺيندو هو.
انھيءَ سلسلي ۾، ٽي.ايس.ايلئٽ هڪڙي ڏاڍي ڪم جي ڳالھہ ڪئي آهي. هن چيو آهي تہ: جيڪڏهن ڪو شاعر ڪا اهڙي ڳالھہ بيان ڪري رهيو آهي، جيڪا ان وقت عام پڙهندڙن جو وڏو حلقو پسند ڪري ٿو، تہ ائين ڄاڻبو تہ اهو شاعر اهڙي ڳالھہ ڪري رهيو آهي جيڪا سندس وقت ۾ عام ۽ چالو آهي، پر اڳتي هلي اھا جٽادار ثابت نہ ٿيندي، ڇو تہ وقت گذرڻ سان جڏهن مستقبل جي ماڻھن جا ذهن وڌيڪ اڳڀرا هوندا، تڏهن گذريل وقت جا چالو وڙ کين مطمئن نہ ڪري سگهندا.
هي اسان لاءِ ايڏو قيمتي نڪتو آهي، جنھن مان اسين عظيم شاعر جي ڪلام ۾ دائمي قدرن وارو معاملو ڏسي سگهون ٿا، ۽ اهو ئي نُڪتو آهي، جيڪو حفيظ شيخ جي “ذهني رشوت” واري معاملي جي وضاحت بہ ڪري ٿو.
اسان جي ڪافي وڏن شاعرن وٽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجيءَ مقبوليت جي مفاد خاطر آڇيل رشوتون ملنديون. پر مستقبل ۾ ذهني طور مٿڀرا ماڻھو انھن کي رد ڪري ڇڏيندا.
منھنجن انھن لفظن مان اهو گمان ڪڍڻ نہ گهرجي تہ آءٌ ڪو قومي شاعريءَ جي برخلافي ڪري رهيو آهيان. مون فيشن ۽ خلوص جي ڳالھہ ڪئي آهي. ۽ اھا بہ خلوص نيتيءَ سان ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾، عالمي قدرن کي نظر ۾ رکڻ وارا وري شايد اهو گمان ڪن تہ آءُ قومي حدبندين جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهيان. آءٌ ٻنھي طرفن آهيان. مون ٻنھي طرفن کي نظر ۾ رکيو آهي. عالمي قدرن جي سلسلي ۾، هيءَ ڳالھہ جيئن پوءِ تيئن واضح ٿي رهي آهي تہ ظالم ۽ مظلوم واري جنگ ھاڻي رڳو پورهيت ۽ سرمائيدار جي طبقاتي جنگ نہ رهي آهي، پر ھاڻي اھا ساڳين اقتصادي بنيادن تي مختلف گروهن ۽ ملڪن جي وچ ۾، قومي جنگ جو روپ اختيار ڪري وئي آهي.
آءٌ ڪا وڏي ڳالھہ نہ ڪري رهيو آهيان، پر اوچتو اهو احساس ٿيو اٿم تہ آءٌ ڪنھن وڏي بحث ڏانھن وڃي رهيو آهيان. آءٌ سمجهان ٿو تہ تاجل کي ايڏو وڏو شاعر نٿو سمجهيو وڃي، جو ان بابت ڳالھائيندي مون لاءِ اهو مناسب سمجهيو وڃي تہ آءٌ قومي ۽ طبقاتي موضوع ڇيڙي، اصل ڳالھہ کي هضم ڪري وڃان، يا پڙهندڙن کي اڻ سڌيءَ طرح اهو ويساھہ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان تہ تاجل ڪو عظيم شاعر آهي.
آءٌ تاجل کي عظيم شاعر نہ ٿو ڪوٺيان، ۽ نہ سمجهان ٿو. مون پنھنجيءَ موج ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالھہ ڪئي آهي، تہ اھا سنڌي شاعريءَ جي ھاڻوڪي عام رخ بابت سوچيندي ڪئي آهي. تاجل بابت انھيءَ ڏس ۾ مون کي اهو چوڻو هو تہ هن جيڪڏهن ڪي بہ مڪاني حوالا يا انداز اختيار ڪيا آهن تہ اهي مصنوعي نہ ٿا معلوم ٿين. وٽس سنڌي ماڻھن کي رشوت طور آڇڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي. هن جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، ڪردار ۽ نظارا پيش ڪيا آهن، سي سندس پنھنجي ماحول جي ڏات آهن. ٻوليءَ جي سادگيءَ، فطري زندگيءَ مان موضوعن جي چونڊ ۽ شاعراڻي ترنم جي لحاظ کان، تاجل جديد دؤر جي ڪلاسيڪي جاڳرتا واريءَ تحريڪ جو هڪ اهم رڪن آهي.
جيتريقدر سندس عالمي شعور جو تعلق آهي، تہ آءٌ سندس مجموعي مان رڳو هڪڙو شعر پيش ڪندس:
اُڇلايو پيا ائٽم گولا،
ڇا هيءَ ڌرتي ڪاري آهي؟

انساني تھذيب ۽ تمدن جي تباهيءَ جا انديشا شاعرن عام طرح ظاهر ڪيا آهن، پر ڌرتيءَ جي بي قصوريءَ بابت تاجل جيڪو سنڌي لھجي ۽ روايت ۾ سوال ڪيو آهي، سو هڪ ئي وقت سندس عالمي ۽ قومي وابستگين جو انوکو مثال آهي.
تازو، هن ئي سال بھار ۾ جڏهن تاجل سان ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ آڌيءَ رات تائين شام ملھائي وئي، تہ مون اُتي بہ اهي لفظ چيا تہ “آءٌ تاجل کي تيستائين معياري شاعر نہ مڃيندس، جيستائين هو پنھنجي ڪلام جو مجموعو ڇپائي پڌرو نہ ڪندو.”
مون پوءِ سڄي ھال ۾ ويٺل ماڻھن کي اپيل ڪئي تہ هو تاجل کان سندس ڪلام جي مجموعي ڇپائڻ جي زوردار تقاضا وارو ٺھراءُ پاس ڪن- ۽ تاڙين جي ڦھڪي سان اهو زوردار تقاضا وارو ٺھراءُ يڪراءِ پاس ڪيو ويو.
انھيءَ سلسلي ۾ تاجل جي هڪ خاص سرگرمي عام خاص جي معلومات لاءِ بيان ڪرڻ ضروري آهي. ان جا مختلف پاسا آهن، پر مجموعي طرح اھا هڪ سرگرمي آهي، جنھن جو هڪڙو پاسو هي آهي تہ تاجل کي ڪيمرا، ٽيپ رڪارڊ (ريڊيو نہ)، فرج ۽ لائيٽر جو عجيب ذوق ۽ خفت آهي، ايتريقدر جو انھن شين مان ڪا بہ، ڪھڙي بہ چڱي هجي، وٽس گهڻو وقت نہ رهندي. اھا وڪجي ويندي، ۽ وري ٻي نئين ايندي، يا اڳين شيءِ ڪنھن دوست يار سان مٽائي ڇڏبي- يا ڪنھن دوست يار کي ڏيئي، پئسا پوءِ پيا وصول ڪبا، ۽ ان جي جڳھہ تي هڙ جا پئسا خرچ ڪري ڪا نئين ماڊل جي شيءِ وٺي اچبي. انھن چئن شين ۾، خاص ڪري ٽيپ رڪارڊر جي بدل سدل تڪڙي تڪڙي ٿيندي رهندي.
تاجل جي معياري شاعري تمام گهٽ مقدار ۾ ڪن رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. شاعر سھڻو، سريلو، معياري، پر سندس مٿيون سرگرميون اهڙيون جو ڪنھن بہ وقت ڀلا واندو هجي تہ ادب ۾ پنھنجي درجي بابت بہ سوچي. خاص ڪري رڪارڊنگ جو شوقڙو مڙئي وڌيڪ اٿس.
سو، مون کيس هر وقت ايڏو تہ پئي ٽوڪيو جو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ ڦڪو ٿيندو هوس، پر هن تي ڪو بہ اثر نہ ٿي ٿيو. پر سمورو وقت انھيءَ جارحيت واري ڪم ۾ هدايت بلوچ مون سان هڪجھڙو شريڪ ٿي بيٺو هو، تنھن ڪري تاجل ڪا داداگيري ڪري نہ سگهيو.
مون کيس سمجهايو تہ اھا رڪارڊن واري شاعري بہ بي مقصد ڪانھي، اجائي ڪانھي، پر جيستائين تون ادب ۾ ڪا جڳھہ نہ ٿو حاصل ڪرين تيستائين تنھنجي معياري شاعر هجڻ جي ڪا بہ ضمانت ڪانھي.
مون کيس اهو بہ ٻڌايو تہ تنھنجو ڪلام تمام معياري آهي، ۽ جيڪڏهن هڪڙي معياري شاعر جي حيثيت سان تون ادب جي دنيا ۾ ايندين، تہ رڳو اھا ئي ڳالھہ جٽادار ثابت ٿيندي. پر سندس ڌيان ڪيترو وقت خاص اي.ايم.آءِ، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي رڪارڊنگ ۾ لڳو رهيو، ۽ جنھن ۾ پوءِ وڌيڪ اضافو گذريل سال کن کان اهو بہ ٿيو، جو هن باقاعدي هڪ استاد آندو، ۽ هندستان مان ھارمونيم گهرايا. پوءِ استاد محمد حسن کان باقاعدي ھارمونيم وڄائڻ ۽ پاڻ ڳائڻ جي تربيت بہ ورتي.
گذريل ٽن سالن کان تاجل مجموعي ڇپائڻ جي ھامي ڀري ۽ پوءِ پنھنجو ڪلام سھيڙڻ بہ شروع ڪيو- پر ڇپجڻ جي نوبت سندس بي ڌيانيءَ ڪري نہ آئي.
ھاڻي، ڪنھن بہ ريت، جڏهن سندس ڪلام جو معياري مجموعو ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي، تہ آءٌ ائين پيو ڀانيان تہ ڄڻ آءٌ پاڻ پڌرو ٿي رهيو آهيان. هو منھنجو جاڙو ڀاءُ ئي تہ آهي.

شمشير الحيدري
بدين
6 آگسٽ 1982ع