منھنجو اول، منھنجو آخر
• ‘شاھہ جو رسالو’ منھنجي لاءِ اهو ڪتاب آهي جنھن ۾ مون کي زندگيءَ جي هر رخ جا چرندڙ پرندڙ عڪس ۽ ڪردار پئي ڏسڻ ۾ آيا آهن.
• ڳوٺاڻو ماحول، ڳوٺاڻي بدحالي، پنھنجي اندر جي پيڙا ۽ اُن پيڙا جي ردِ عمل مان جنم وٺندڙ وسوسن، ويچارن ۽ نا اميدين. منھنجي لاءِ اميد ڀريا گس ۽ چارا جوڙي ڏکن کي سکن جي سونھن ۽ سرمايو ثابت ڪيو آهي. منھنجو ماضي، منھنجو سرمايو آهي، پوءِ ڇو نہ اهو ڳئون چاريندي يا يا ڀڳڙن لپ تي گذر ڪندي گذريو هجي.
• مون شيخ اياز کي شاعريءَ جي اُن وڻ ويجهو بيٺل پاتو آ، جنھن وڻ تي چڙهي، واس وٺڻ لاءِ ڀٽائي ڀلاري ويندي، ويندي، اشارا ڪيا هئا. آءُ پڻ ڀٽ ڌڻيءَ جي ان واسيندڙ وڻ جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ ۾ ويھي ڪا گهڙي واس وٺڻ لاءِ آتو ۽ آسائتو آهيان. اياز جي تخليق ۾ ٻوليءَ جي سونھن مون کي ائين لڳندي آهي جيئن ڪنھن ٿرياڻيءَ جي گج تي ڪاوا. انھن ڪاوَن مٿان جو هلڪڙو ۽ ميرانجھڙو ڌنڌ چڙهي ويو آهي، اياز ۾ شل اُن ڌنڌ کي اگهي، صاف ڪرڻ جي سگھہ پيدا ٿئي.
• شمشير الحيدريءَ جي تخليق ۾ مون کي ڇرڪ ڀرائيندڙ فڪر ۽ فڪر جي گهرائيءَ جون کاڻيون نظر اينديون آهن.
• سچل کان پوءِ انسان جي عظمت ۽ مٿاهين مقام جون وڏي واڪي جيڪڏهن ڪنھن شاعر ڳالھيون ڪيون آهن تہ اهو شمشير علي خواجا ئي ٿي سگهي ٿو.
• آءُ هڪ ٽرڙ پکيءَ وانگر هئس. مون ۾ پر ۽ کنڀ پيدا ڪرڻ واري شخصيت منھنجي امان سائين آهي، جنھن ٿڃ، ماتا سان گڏ ان ماتا بڻجي، منھنجو نيپاج ڪري مون کي وڻ وڻ جو واس وٺڻ جي لائق بڻايو.
تاجل بيوس
20 سيپٽمبر 1982ع