بيت
جڏهن تڏهن جوتَ- ڏُکيءَ ڏونگر پاڻ.
لنگهندي لڪيون، لَڪَّ- آرياڻيءَ جي آسري،
توڙي منجهان نڪ- ڪڍان تان ڪاري ٿيان.
پَرَّ وڃائي پيرَ- هيل هڻين ٿي هٿڙا!
ڌاري ڌاڙيلن جا، تو نہ سڃاتا ڀيرَ،
‘بيوس’ مِٽَ نہ ڪنھنجا، ڏاگها توڙي ڏير،
سُتينءَ پاڻَ سوير- حرف رکين ٿي هوت تي.
پير وڃائي پَرَّ- هيل هڻين ٿي هٿڙا!
اصل جاڙ جتن جي، ڪاريهر جو ڪَرَّ،
ٻيون ڪاهين ڪيچ ڏي، تون سُتينءَ ٻوٽي در،
ڏور اُٿي ڏونگر- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.
ٽاڪڻ ريءَ ٽَڪَرُ- ڪا بہ نہ رسندي ڪيچ کي،
ڪنھن پر ملي ڪينڪي، وکُن ڌاران وَرَّ،
ڇيتيون ڪر ڇپرُ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.
پِٽي کڻ پُوڻي- چور نہ چرخو عاج جو،
تو کي سانگو سُٽَ جو، مون ساجن ساروڻي،
سا ڪيئن چڙهي سيج تي، جا آريءَ ريءَ اوڻي،
ڌارين جا ڌُوڻي- شل! پسي ڄام پنھونءَ کي.
پٽِي کڻ پُوڻيون- چور نہ چرخو عاج جو،
جني وَرَّ وساريون، اصل سي اوڻيون،
ھاڻ ويا، هُن جاءِ کان، لنگن کي لوڻيون،
ڌَڙّ، سسي ڌوڻيون- ويا ڏونگر اُڪري.
مُٺيون! آهيان ماٺ ۾، پر جي ڪڍان پار،
ڪري راڙو رُڃَّ ۾، وجهان ڏونگر ڏار،
ڌٻي وڃن ڌرتيون، جي هُئن هوند هزار،
وندر ۾ وڻڪار- ڪڏهن اُڀري ڪينڪي.
وجهي خاڪ مٿي ۾، آريءَ پٺيان اَورِ،
هُو جي پاهڻ پٻ جا، ڀتر ڀانئين ڀَورِ،
ڏاهِي ٿِي، اُٿ ڏورِ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.
وجهي خاڪ مٿي ۾، اُٿي ويندنِ وؤڙ،
ڀورِي شھر ڀنڀور ڏي، منھن ميّن جو موڙِ،
ڊوهن پٺيان ڍوڙ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.
ڀينر شھر ڀنڀور ۾، وھان وَرَّ ريءَ ڪيئن،
نينھن نہ نبري جيڏيون! هتي منھنجو هينئن،
ڪيو دعائون، جيئن- پسان ڄام پنھونءَ کي.
جهڄان پئي جيڪر- ڪيو ياد قريب کي،
وَڄن ساز وجود جا، هوند پيا هر هر،
سندي ڄيرن ڄر- جيئن وڌي تيئن ويجهي ٿيان.
مٿان اوتَ اُتر جي، پيرن هيٺ پَٿَرَ،
ڇپن کي ڇيتيون ڪيو، ڄيرن واريءَ ڄَرَّ،
سونھان ٿيا سُڃَّ ۾، پکي کولي پَرَّ،
ڏيرن ۽ ڏونگر- آيل! عشق اُجاريو.
جتن ڪارڻ جاڳ- جيسين ڏينھن نہ اُڀري،
تو جي ڇپر ٻوٽيا، مَٽي ويندءِ ماڳُ،
ڏيئي ڏير وھاڳُ، پنھون نيندءِ پاڻ سان.
جيڪر اچو جيڏيون! اوھان عشق اري،
ڪيو راڙو رُڃ ۾، جيسين وَرُّ وري،
اکيون پير ڪري- هوند کڻون پير پنھونءَ جا.
جيسين جيان جيڏيون! هُئان هوتن ڪاڻ،
پينگهي ۾ پنھونءَ سان، ڪيم روح رھاڻ،
ڀنڀوراڻي پاڻ- نينھن نہ نبري جيڏيون!
وليون، وڻ ڦولاريا، ڄام جڏهن ڄائو،
وَٺا مينھن مندائتا، ٿيو سَرَ سائو،
لٿو ‘بيوس’ لوڪ جي روحن تان رائو،
سدا سھائو، جاني آيو جُوءِ ۾.
ڀلي ڄائو ڄام- واسيو جنھن وجود کي،
پينگهي ۾ پنھونءَ جا، سُتي سڏ سئام،
پيرين پنڌ پيام- ٻنڌڻ ۾ ٻاروچ جا.
ڀورِي ريءَ ڀتار- تو ڪيئن سھڻ سکيو،
کنڀي هوت کڻي ويا، اُٺن تي اوٺار،
پٽين پاڙي واريون، رون زارو زار،
‘بيوس’ ڪن ڀنڀور جا، پکي پڻ پچار،
ڪاھہ پٺيان ڪوهيار- تہ رسين هونديءَ رات ۾.
سُڌِ منھنجي سور جي، جيڏين هجي جي،
تہ رسن هونديءَ رات ۾، ڪاهي ڪرهن کي،
بَري هن ڀنڀور ۾، گهڙي نہ گهارين سي،
چڙهندي چوٽين تي- هوند پَسن ڄام پنھونءَ کي.
سُڌِ اوھان کي سُورَ جِي، جي ڪاڪيون پوي ڪل،
تہ اوتيو رت اکين مان، پسي ڳاڙھا ڳل،
ويندي پٺيان وَرّ جي، ڪيو جهل نہ پل،
بُري هن ڀنڀور ۾، هوند مچايو هُل،
ڀريو ڇرڪ ڀنوائتا، توڙي سيج سُتل،
جهاڳي روھہ جبل – پسو ڄام پنھونءَ کي.
سُڌِ اوھان کي سور جي، جي ڪاڪيون پوي ڪا،
تہ ڏورڻ نڪرو ڏونگرين، جبل جا جها ڪا،
چرخو چندن عاج جو، نہ ڪتڻ ويھي ڪا،
بُري هن ڀنڀور ڏي، مُور نہ موٽي ڪا،
ڪري وس واڪا- هوند پسو ڄام پنھونءَ کي.