سلو انگورئون ڀلو: فقير الهندو جتوئي
ڪنگو ٽاري جا کھنبي رتا گل، باهڻ جي مکڙي، ڪنڊيءَ جي ڀونگر ۽ ليڙ، ٻيرين جو ٻُور، ڪرڙن جي پُسي ۽ پڪا، ٻٻرن جا پيلا گل، جن جي سڳنڌ ۽ سرھاڻ سان سڄو جهنگل واسيو پيو هوندو هو ۽ وڻن جون لامون ماکيءَ جي لار سان ٽمٽار هونديون هيون. ٻاٻيھن جي ٻولين، تاڙن جي تنوارن، ڪُنڊين جي ڪڻڪن ۽ چڙن جي چونگارن سان ٻيلو ٻري اٿندو هو. قدرت جي اهڙن انيڪ رنگارنگي نظارن ۽ ايڪانت ۾ رهڻ سبب، ‘تاجل’ ۾ سوچ ويچار ۽ تجسس ننڍي لاڪون پيدا ٿيو.
هر برگ سبز است در نظر هوشيار،
هر ورق دفتر است معرفت کردگار.
‘تاجل’ سان منھنجي ڏيٺ 1948ع ۾ ٿي. جڏهن سنڌي شاگردن لاءِ اڙدو پڙهڻ لازمي ٺھرايو ويو هو، تڏهن اسان جي ٻھراڙين جا اڪثر استاد اڙدوءَ کان نا آشنا هئا. ان وقت هو، درگاه ‘پير حيات شاھہ جيلانيءَ’ جي موجودہ سجادہ نشين، سائين حيات شاه سان گڏجي، اڙدو پڙهڻ جي سانگي مون وٽ آيو. بلڪل سنھڙو، سيپڪڙو، نٻل ۽ ننڍڙو، بنھہ پتڪڙو معصوم ديوتا ٿي نظر آيو. ڪنن ۾ ڪنڍل پيل سو ڪونہ هوس، باقي انھن جي بجاءِ ڪنن ۾ سونيون ڪيوٽيون پاتل هيس ۽ مٿي تي پٽڪي جو سنڌي ور ورايل هوس. هيءُ روازنو صبح جو اسڪول پڙهڻ ويندو هو ۽ واپس اچي شام جو مون وٽ پنھنجو اڙدوءَ وارو سبق پڙهندو هو. اسان جي ڪچھري جيئن تہ سيڪيولر ۽ صوفي ازم واري هئي، تنھنڪري ان مان جھڙيءَ طرح هر آئي وئي کي اسان جي صحبت ۽ سنگت مان ساءُ ۽ مزو ايندو هو، تهڙيءَ ريت هن ننڍڙي نينگر کي بہ اسان جي ڪچھريءَ مان لطف ايندو هو.
تاجل اڙدوءَ کان سواءِ پنھنجن درسي ڪتابن ۾ پڙهيل شاھہ سائينءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ جا سلوڪ، سنڌيءَ جي ٻين ڏکين اکرن ۽ محاورن جي معنيٰ ۽ شرح بہ پڇڻ ۽ سکڻ لڳو. کيس جيستائين اهو چڱيءَ طرح نہ سمجهايو ويندو هو، تيستائين هيءُ پڇ پڇان لائي ڏيندو هو، ۽ پچر نہ ڇڏيندو هو. آخر اسان جي صحبت ۾ ايڏو تہ سُڪ ٿي ويو، جو اسڪول کان واپس ورڻ بعد باقي سمورو وقت اسان جي سنگت ۽ صحبت ۾ گذاريندو هو، جتي علمي ۽ ادبي ڪچھريءَ سان گڏ، يڪتاري جي تند تنوار ۽ گهڙي جي ٽنؤڪار تي ڪي ڳائڻا فقير عارفاڻو ۽ عاشقاڻو ڪلام بہ ڳائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هيءُ ننڍڙو فرشتو بہ موج ۽ مستيءَ ۾ اچي آلاپيندو ۽ جهونگاريندو هو.
“سلو انگورئون ڀلو”. مان هن جي ذهن، شوق ۽ ڪوشش کي ڏسي، پرکي ورتو تہ هيءُ مٽيءَ ۾ ميراٽيل ڪچ جو ڪڻو نہ آهي، پر هڪ املھہ ماڻڪ آهي، جنھن کي فقط اوجر جي ضرورت آهي. جو نيٺ تہ هلي هڪڙي ڏينھن سنڌ جي سينڌ ۾ چمڪي اٿندو. تنھنڪري هن سان پريت جو پيچ کڻي پاتم. هن کي منزل مراد تي پھچائڻ لاءِ پنھنجي ڄاڻ هن جي سمجهہ آهر سمجهائڻ شروع ڪيم. ننڍڙي هوندي کان هن جو شاھہ سائينءَ سان ايترو تہ عشق هيو جو جوارين جي جهار هڪلڻ لاءِ پيھي تي چڙهي، کانڀاڻي کڻي، “هور وهيو، هور وهيو” ڪرڻ بدران، شاھہ سائينءَ جا بيت جهونگاري جهار اڏائيندو هو. جهار جهڪي ٿيڻ جي وقت ۾ بوڻيندي مان سنڌي لھرو وڄائي، روح ريجهائيندو رهندو هو.
تاجل ننڍڙي هوندي کان ڏاڍو تيز فھم، جذباتي ۽ حساس هوندو هو. ٻھراڙيءَ جي ٻارڙن وانگر، هن بہ هڪڙو بگڙو تتر پالي رکيو هو، جنھن سان هن جو گهڻو پيار هو. تتر بہ تمام لاڌر ۽ ٻولڻو هو. هو جڏهن نئين ڳوٺ ۾ پرائمري پڙهڻ ويندو هو تہ تتر پنھنجي عزيزن جي گهر ۾ رکي ويندو هو. تتر جي ٽھڪارن کان بيزار ٿي، هن جي هڪڙي عزيز هن جو اهو محبوب تتر پڃري مان ڪڍي ڪھي کائي ڇڏيو. جڏهن هيءُ اسڪول کان واپس وريو تہ پڃرو خالي ڏٺائين. تتر کي تلاش ڪندي سندس نظر وڃي کڙھہ کان ٻاهر پيل کنڀن تي پئي. پوءِ تتر جي ماجرا معلوم ڪري، ايڏو تہ ڏکوئجي ويو، جو مائٽن کان منھن موڙي، مون وٽ اچي اوطاقي ٿيو، ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ تائين مون وٽ رهيو. ان دوران هيءُ صوڀو ديرو مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو تہ هن هڪ هم ڪلاسي اللھ بخش چنو (علڻ)، جيڪو تمام پيارو دوست هوس، ان جي اوچتي ۽ بيوقتي موت جو ٻڌي کيس تمام گهڻو صدمو رسيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ليکي پيو بڙ بڙائيندو هو. هڪڙي ڏينھن مان هن کي بڙ بڙائيندي ٻڌي ورتو، جنھن جا هيٺيان لفظ مون کي اڃا سوڌو يا آهن:
ايڏا ڏينھن ڇاکؤن وڌا ٿي الڻ،
نہ نياپا سنيھا مُڪا ٿي الڻ،
وساري ڌڪاري وڇوڙو ڏئي،
وئين يار جاني جدا ٿي الڻ،
پرھہ جو پيو ڪو تتر ٿو تنواري،
هليو آءُ پيرون پڪا ٿي الڻ.
جنھن ۾ مون کي هن جي طبيعت ۾ شاعريءَ جو رنگ نظر آيو، پر مان نہ شاعر نہ ڪوي:
شعر گفتاً گرچہ در سفتاً بود
ليڪ فھميداً بھہ از بهتر بود
تنھن ڪري، جيڪو وڏڙن کان وکر پلئہ پيو هوم، سو کڻي سندس جهول ۾ وڌم- ۽ آخر هن مان لڪل شاعر نڪري نروار ٿيو.
انسانيت جا ڪيئي روپ ٿيندا آهن. انھن روپن مان مزاج بڻبو آهي. مزاج مان شخصيت پيدا ٿيندي آهي، جا عام ماڻھوءَ کان اعليٰ ۽ اُتم هوندي، سا شخصيت شاعر جي آهي. هن خير ۽ شر جي دنيا ۾، جنھن ۾ حق ۽ باطل جي پاڻ ۾ جنگ لڳل آهي، شاعر خير جو داعي، حق جو حامي ۽ انسانيت جو علمبردار ٿيندو آهي، ۽ هر مسئلي کي هو انسانيت جي نقطه نگاه سان ڏسندو آهي. شاعر ذهين، حساس ۽ دردمند دل رکندو آهي، جنھن جو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان والھانہ پيار هوندو آهي. هو انسان کي عظيم سمجهندو آهي، جنھن تي ڪنھن بہ قسم جو زور زبردستي ۽ ناانصافي سھي نہ سگهندو آهي. هو انسانيت جو سچو همدرد ۽ هڏڏوکي هوندو آهي.
“شاعري جزويست از پيغمبري”
تاجل عوام کي ڏاڍ ڏمر ۽ پرماريت جي رکوالن جي ڏهڪاءَ کان مايوس، بيوس ۽ محروم ڏسي، شاعريءَ ۾ پنھنجو تخلص ‘بيوس’ رکيو.
هن جي تخليق ۾ سنڌي فڪر ۽ فن، قديم ۽ جديد جو هڪ سنگم آهي، جنھن پنھنجي قديم سنڌي ورثي موجب ڪلاسيڪي انداز ۾ نون ادبي ۽ فني قدرن جو اظھار ڪيو آهي- ڄڻ ائين پيو سمجهہ ۾ اچي تہ قديم صراحيءَ ۾ نئين قسم جو شراب ڇلڪي رهيو آهي، جيڪو نج سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سھڻو گلدستو آهي. جيئن سندس ٻولي سھڻي سلوڻي، مٺڙي، ٻاجهاري، سوڌيل ۽ سموهيل آهي، تيئن سندس تخليق بہ سونھن ۽ سوڀيا جو هڪ وڻندڙ ۽ موهيندڙ انداز ۽ سٽا جي “روپ سروپ” جو سينگار آهي، جنھن کي سنڌي سٻاجها منھين، مارڪين، جهر جهنگ ڳائي ۽ جهونگاري رهيا آهن. جتي ڪٿي تاجل جي تنوار ٻڌڻ ۾ پئي اچي- ڇو جو هو هڪ عوامي شاعر آهي. هن جو ڪلام عوام لاءِ آهي. سندس ڪلام مختلف موضوعن جي کاڻ آهي، جنھن ۾ نينھن جا نعرا، فنا ۽ بقا، حسن ۽ عشق، وصال ۽ فراق، غربت ۽ ناداري، قرباني ۽ ايثار، حب الوطني ۽ اڪير، ٻڌي ۽ ايڪتا، آدم ۽ محنت، سچائي ۽ اخلاص، پورهئي ۽ عظمت جها اهڃاڻ، پنھنجي شاعريءَ جي ڏات سان تمام حسين پيرايي ۾، ڪتابن ۽ اشارن سان بيان ڪيل آهن، جي ٻڌندڙ جي دل ۾ بيهي وڃن ٿا، ۽ جنھن جي اندر مان اهڙا اڌما اُٿن ٿا، جو هو “واه واه” ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهي.
فقير اَلھندو جتوئي
ڳوٺ پير حيات شاھہ جيلاني
10 آگسٽ 1982ع