تخليق
جڳن کان بکن جا ستايل،
اڃايل،
نٻل ٻار معصوم مانيءَ ڳڀن تي،
ڪٿي ڪنھن،
هچاري ڏڪار ئي تونگر جي در تي وڪاڻل.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.
ضميرن تي جبر و تشدد جا زنجير جڪڙيل،
ڪٿي شاهراهن مٿان لاش چچريل،
ڪي مجبور، محتاج، ڪمزور،
فٽ ڦاٿ تي ڄڻ تہ پيچرا هڏن جا.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.
گرم دوڳ رت جا،
ٻوٽاريل ڪڙھائين ۽ ديڳين ۾ انسان
جو گوشت رجهندي،
ڪا زوريءَ مٿان کوھہ کڄندي،
ائين ڄڻ ته:
ور جي ڪلھن کان جدا ٻانھن ٿيندي
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.
ڪٿي ديس واسي،
ڪو بي پھچ،
ڪنھن ميڙ ۾ ڀي،
اڪيلو، اڪيلو
ائين ڄڻ تہ
برپٽ ۾ ڪنڊن جي پھري ۾ ڪو گل گلابي.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.
مٽيءَ، لوڻ، گندرف،
۽ گئسن مان جوڙيل سندس دل،
صدين کان وٺي روز دکندي رهي ٿي،
چون ٿا:
ڌماڪو ڪري نيٺ ڪنھن ڏينھن،
ڦاٽي سا پوندي،
‘ابد’ جي ٻوساٽيل ۽ ويران کنڊرن منجهان،
خاڪ اڏندي.
ايامن جا مينار پوندا ڇڻي،
تڏهن حال ماضيءَ جي سيني ۾ بندوق لڳندي
خلائن ۾ ٻرندڙ ڇپون گرم ڪنڪر،
صدين جي سفر ۾ ٺري ڳنڱ ٿيندا،
خدائن جي اک ڇنڀ ۾ تخليق ٿيندي.
سوين چنڊ سورج ستارا بہ جڙندا.
خلا جي ورن ۾ ڪٿي پنھنجي ڌرتي بہ هوندي-
اتي تون بہ هوندين،
اتي مان بہ هوندس.