عشق جي(1) دربار مان فرمان ڪو ٻڌندا هلو،
وک کڻو، وارو ڪيو، ڪنھن وِيرِ جيان وڌندا هلو.
ڪلھہ هتان انسان جي عظمت جو ٿيو اعلان هو،
هيءَ ادب جي جاءِ آ، هن جاءِ تان جُهڪندا هلو.
وڻ اُهي، وانگي اُهي، مِٽِي اُھا، ماڻھو آهي،
هي بہ پنھنجو ماڳ آ، هي ماڳ ڀي گهمندا هلو.
ڦوڙ، پَتَّر ۽ گليلا، گرز، گزَّ جيڪي لڳن،
ڪي جهليو ٻانھن تي، ڪن کي جهول ۾ وجهندا هلو.
جي ڏسو، بندوق جي گوليءَ کي شرمائي ڇڏيو،
جي هلو، پنھنجا ڪُلھا ھالار سان ڇهندا هلو.
ڪيڏي گرمي آهي، پوءِ ڀي ڀرف بڻجي ٿا اچو؟
نئين نسل جا نوجوان! باھہ ٿيو، بکندا هلو.
هُو اسان ماڻھن جي جسمن جا ٿا ڏسجن رت ڦُڙا،
قافلا روڪي انھيءَ رت ڇاڻ کي چُمندا هلو.
ڪيتريون راهون ڦُٽن ٿيون، هر نئين چؤسول تان،
ڪھڙي پنھنجي واٽ هوندي، پاڻ کي پڇندا هلو.
يا ٿيو ڪينجهر جو سينو، يا تہ ٿي بادل اُٿو،
ٿو سڄو ويو سوڪ ٿي، ٿر جي مٿان وسندا هلو.
هُو ڏسو، مَسند جي ويجهو، ويو پُڄي مزدور آ،
هي جشن جمھور جو، ڏسندا هلو، هلندا هلو.
__________
(1) سچل سرمست جي نگري- شھر درازا.