تاثر
(شمشير الحيدري)
تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت آهي. غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جھڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنھن ورلي ڪيو هوندو. واين ۾ تاجل نہ رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انھن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهن. ڪٿي ڪٿي تہ ان ساديءَ صنف ۾ اهڙا اونھا خيال ڏنا اٿائين جو عجب پيو لڳي.
(تنوير عباسي)
تاجل جو شاعرن جي صف ۾ ايترو تيزيءَ سان اڳتي اچڻ هڪ ڇرڪائيندڙ حقيقت آهي. ‘شاهه’ ۽ خليفي کان پوءِ اياز، تنوير، امداد ۽ شمشير (چؤنڪو) سان ڪلھو ملائي هلڻ لاءِ تِرَ جيتري وٿي بہ ڪا نہ هئي، پر ان تِرَ وٿيءَ کي “جڏهن ڀونءِ بڻي” لکي، ڌرتيءَ جي گولي جيڏي جاءِ بڻائي، تاجل وڏي انفراديت سان مٿس ٽيلار پيو ڪري. انھيءَ چؤنڪي ۾ ڇوليءَ جي ڇڇڪار جيان زوريءَ گُهتَ هڻي ‘پنجڪار’ ٺاهڻ ۾ سوڀوان ٿو لڳي. تاجل جي شعر مان هڪ لفظ بہ مٽائڻ ائين آهي جيئن تاجل جي چھري تي بليڊ سان چھڪ ڏيڻ.
(علي بابا)
سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍڻ ۽ ان جي اصطلاحن ۽ علامتن کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ ۽ انھن کي نيون معنائون پھرائڻ ۾ اياز کان پوءِ جنھن شاعر وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي سو تاجل ‘بيوس’ آهي. تاجل وٽ پنھنجو انداز ۽ پنھنجو آواز آهي.
(عبدالرحمان ‘نقاش’)
تاجل مسڪينن، مظلومن، ڪڙمين ڪارين، پُٺي اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو شاعر آهي. هو نور جي تلاش ۾ پرھہ جي پيادن جو شاعر آهي. هو انسان جي آئيندي کان پُر اميد آهي ۽ مون کي وڌ ۾ وڌ ان لاءِ وڻندو آهي، جو هو قنوطي Pessimist شاعر ناهي.
(هدايت بلوچ)
تاجل جي شاعريءَ ۾ جيڪا خاص خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا آهي سندن شاعريءَ جي بلوغت- تاجل ‘بيوس’ اسان جي قوم ۽ هن ئي معاشري جو اهو حساس فرد آهي جيڪو ڪڏهن بہ ‘مھان’ ڪويءَ جي دعوا تہ نہ ٿو ڪري البت سچ جي راھہ ۾ ساٿين سان ساٿ جي ڳالھہ ضرور ٿو ڪري.
(انعام شيخ)
قدرت جي انيڪ رنگارنگي نظارن ۽ ايڪانت ۾ رهڻ سبب تاجل ۾ سوچ، ويچار ۽ تجسس ننڍي لاڪون پيدا ٿيو. سندس ڪلام مختلف موضوعن جي کاڻ آهي. هن جي تخليق ۾ سنڌي فڪر ۽ فن، قديم ۽ جديد جو هڪ سنگم آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ قديم صراحيءَ ۾ نئين قسم جو شراب ڇلڪي رهيو آهي.
(فقير الھندو جتوئي)