رک پير اسان جي ٻيڙيءَ تي، هُن پار اُڪاري هلڻو آ.
جنھن سيرَ سُکان کي لوڏيو هو، تنھن سير سھاري هلڻو آ.
پڪَ ڄاڻُ پرانھون ڪو پيارا، ٿو جهاتيون پائي جهرڻن مان،
هن رات جي ڪارن ڪرڻن مان، ٿو، پرھہ پوڪاري هلڻو آ.
جو ڇولي بڻجي، لولي ڏئي، يا هير ڏکڻ جي بڻجي اچي،
جو سج بڻجي، اُڀ تي اُڀري، سو گيت جهونگاري هلڻو آ.
جنھن وقت اسان وڻجارن جي، جي واڳون بڻجي واٽ جهلي،
تنھن وقتَ مٿان زنجير وجهي، هڪ جاءِ بيھاري هلڻو آ.
اسان مانجهاندي جا مانجهيئڙا، هُو پارُ تہ ڏس ڇا پيارو آ!
هن سمنڊ کي جو ڪنارو آ، سو نيٺ اُڪاري هلڻو آ.
او ‘بيوس’ رڻ جي راهُن مان، هن مؤج ڀرئي مھراڻ منجهان،
هر ڇوليءَ مان ڇڪتاڻ منجهان، ڪنھن طرح قطاري هلڻو آ.