منظر
ڪَڪَر ظلمتن جا،
سڄي رات سانوڻ ۾ کيمن مٿان،
مون بہ وسندي ڏٺا ھا.
تبر،
تيَر،
ڀالن ۽ ڪانن جي ڪَڙ ڪَڙِ
گهٽيءَ گامَ،
ڪچڙن ڪڪوريل ڳلن تي،
صبح شامَ،
رت جي ڇنڊران جي رم جهم.
هوا کان بہ هلڪا،
ڪنول کان بہ ڪُنئَرا،
ٽُڪَرَ گوشت جا مون بہ اُڏندي ڏٺا ھا،
ڪٿي لاش گهوڙن جي سُنبن جي هيٺان
ائين ڄڻ:
تتي ڏينھن ڏاندن جي پيرن ۾ ڪڻڪن جا ڦيڙھا.
ڪٿي جيئَرو انسان مٽيءَ ۾ پوريل.
ڪٿي ٻارَ معصوم مائرن اڳيان،
ڄڻ:
ڪُسَڻَ وقت گگدام ڪنھن ڪوس گهر ۾.
جبر ۽ تشدد،
ظلم، بربريت جي ستايل، ڏکايل ڏھاڳڻ،
ڪا ويران وادين جي سنسان بستين ۾ سُڏڪا ڀريندي،
هٿن کي ڊگهيري،
ڪي احساس جا گل چونڊڻ هلي آ،
ائين ڄڻ تہ ڪا ڪونج وڇڙي ولر کان،
فضائُن ۾ ڦڙڪي،
ٻچن ڪاڻ تڙپي،
ڪٿان ڪوهسارن ڏي واپس وري آ.
بنا سُوارَ گهوڙن جِي هڻڪار اُڀَ کي اُڊيڙڻ هلي آ.
هو آڪاس منڊل،
صدين کان پراڻو،
ستارن سان جڙيل،
ڪتين جون قناطون،
رسا، ٿنڀ، ٿوڻيون نہ اُکڙي پون!
اڃايل، بکايل، صدين جي ستايلَ،
ٺلھي، ٺوٺ ڌرتيءَ تي ھاريل لھوءَ مان،
نوان گُلَ ٽڙندا،
ٻٽي ٽھڪ ٻڌبا،
نئِين واٽ جُڙندي،
نئين لاٽ ٻرندي.