موضوعن جي ندرت جو شاعر: تنوير عباسي
ازرا پائُونڊ جي لکڻ موجب “هر شاعر، پنھنجي شاعريءَ جي اوائلي دؤر ۾، ڪنھن نہ ڪنھن عظيم شاعر کان متاثر ٿيندو آهي.” ڪن شاعرن جي شاعري ان متاثر ٿيڻ واري دؤر کان اڳتي وڌي تخليقي نہ ٿي سگهندي آهي، ۽ انھن تي ان ورجاءَ جو ٺپو سڄي عمر لاءِ لڳل رهندو آهي- پر ڪي شاعر، ان ورجاءَ واري ڪيفيت کان اڳتي وڌي ‘تخليق’ جي دنيا ۾ پھچندا آهن، ۽ شاعريءَ ۾ نيون دريافتون ڪندا آهن- پوءِ اُهي اسلوب جون هجن، توڙي جذبن، احساسن، عڪسن يا موسيقيت جون.
اسان جو تاجل ‘بيوس’ پڻ شروعاتي دؤر ۾ عظيم سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن، توڙي پنھنجي دؤر جي وڏن شاعرن کان متاثر نظر ٿو اچي، جيئن هن جي ڪجهہ ڪافين ۽ غزلن مان ظاهر آهي- پر پوءِ، هر سٺي شاعر وانگر، ان ڌٻڻ مان نڪري، اڳتي هلي تخليق جي دنيا ۾ ٿو پھچي، جتي نوان ردم، نوان عڪس، نئين قسم جي ٻولي ۽ اسلوب ۽ نئين قسم جي موسيقيت دريافت ٿو ڪري:
پَٽِ جهوپا، کَڻُ پکڙا، ڪاڇي وٺو مينھن،
ڪاڪيون! ڌاران قوت جي، نبري نٿو نينھن،
ڪيري وڄ وجود تي، ٿو ڏينڀن جھڙو ڏينھن،
پاهَڻ ھاڻ نہ پينھن- ويا ڏڪاريا ڏيھہ مان.
يا
کڻ هٿ ۾ کيٿڙا، ڪُلھي رک مھار،
وٺا سانوڻ مينھڙا، هُن ٿاڻي، هُن پار،
چَرن چندن ٽاريون، لاڏوُ اُٺَّ ليار،
ارلن مٿان اولڙو، پرھہ ڦٽيءَ جا پار،
پکا پَٽِ پنوھار- سڪر ٿيو ساڻيھہ ۾.
مٿين بيتن جو موضوع بہ نئون آهي، تہ ٻولي ۽ عڪس پڻ نوان آهن:
‘کُريا کڻي هلڻ’ ‘ڪھاڙين ۾ ڳن وجهڻ’
“بک جي ڏينڀوءَ جي ڏنگ سان تشبيھہ”
‘هٿ ۾ کيتڙا کڻي، ڪلھي مھار رکڻ’.
اهي سڀ عڪس سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون دريافتون (Discoveries) آهن.
تاجل جي واين ۾ پڻ اهڙيون دريافتون آهن:
وٺڻ ايندا واسڙو،
ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا؛
موڙ نہ مينديءَ ڏار کي.
وَٽِ نہ ويھي پَٺَ جا،
ڦاهيءَ ڌاڳا سُرڪڻا؛
ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.
انھن ۾ “ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا” ۽ “ڦاهيءَ ڌاڳا سرڪڻا” تخليقي عمل جا شاهڪار آهن- ساڳيءَ طرح:
“مينديءَ رتا هٿڙا،
چھبڪ جھڙي چيلھہ،
آئي رت بسنت جي.”
نہ رڳو بيتن ۾، پر غزل جھڙيءَ ڌاريءَ ۽ روايتي صنف ۾ بہ تاجل تخليقي روح ڦوڪيو آهي:
“ڪاهي پيو موت آهي ماڻھن ۾،
پَڪَ سيٽي ڪٿي وڳي هوندي.
تتو آ ڏينھن، تون بہ ترسي پئو،
آڻيان ماني ٿي، جي پڪي هوندي.
جتي ڪڻڪن ۾ لاب پؤڻو هو،
اُتي ماڪڙ وري لٿي هوندي.”
تاجل غزل ۾ تغزل ۽ رمزيت جي ڪيفيت برقرار رکي آهي- توڙي جو نہ سندس غزلن جو ماحول روايتي آهي، ۽ نہ ٻولي- نون موضوعن سان غزل جي رمزيت قائم رکي سگهڻ وڏي جاکوڙ آهي.
“پاڻياريءَ جو چولو ميرو،
پاڻَ تہ ڪيڏي پياري آهي!”
ڪيئن آيون آن؟ ڪرڪي خبرون،
خوش آن، جوڙ، بھاري آهي”
---
زندگي ڪيڏي خوبصورت هئي!
ويئي گذري جا ڪنھن جي ٻانھن ۾.”
---
“ويجها ٿيندا ويندا آهن،
مٺڙا ماڻھو مُرڪڻ وارا.”
---
“مان خود ئي خطائون، کڻي آيو آهيان،
گهڻيون ئِي گلائون، کڻي آيو آهيان.
وفائون، جفائون، کڻي آيو آهيان،
جو مون کي ڏنائون، کڻي آيو آهيان.
بُکن جون بلائون، کڻي آيو آهيان،
اهي ڀي تہ آئون، کڻي آيو آهيان.
وڏي ڳالھہ آهي، جو دل جي دنيا ۾،
خدا ۽ خدائون، کڻي آيو آهيان.
وڳا ويس پھري، وسڻ لاءِ ‘بيوس’،
گهڙي کن گهٽائون، کڻي آيو آهيان.”
---
“ڪٿي ڪانگ ويھي ڪندو ڳالھڙيون!
ميان! ڇو وڍيو تو پپر جو هي وڻ.”
غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جھڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنھن ورلي ڪيو هوندو.
“جا ٻيلاٽين ۾ ٻُرندي هئي،
سا ڳُٽَ ڳُٽَ، ناهي ڳيرن ۾.”
---
نٿ ۾ پوتل موتي ناهن،
جواني آ، جا جرڪي پيئي.”
---
تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت آهي:
ڪي تہ ڪلاسيڪي ۽ روايتي موضوع آهن- جيئن سورٺ ۽ ڪاموڏ- پر ڪٿي ڪٿي هن بلڪل ئي نوان موضوع کنيا آهن. جيئن؛ ھاري يا پورهيت.
واين ۾ تاجل نہ رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انھن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهي:
جنگ کٽي جهونجهار،
ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
ڇاتي ڇيتيون، وار رتاوان،
سورهيہ جو سينگار،
ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
وار ڇنڊيندي، ماءُ ٻُڌي ٿم،
گهوڙن جي هڻڪار،
ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
وکَ کنيائُون، وَير وتائون،
ڌَڙَ ڪيائُون ڌار،
ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
ٻُنگُ، کٿوري، ٻور وڻن ۾،
هيرَن ۾ هٻڪار،
ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
-----
ڪٿي ڪٿي تہ ان ساديءَ صنف ۾ اهڙا اونھا خيال ڏنا اٿائين، جو عجب پيو لڳي:
اوجل رات اماس جي،
هئہ، هئہ تنھنجا اولڙا!
ماروُ پائر پٽ تي.
-----
مَڇَّ مھانڊا ماريا،
هئہ، هئہ هَڏَّ هجن!
مَڇَ مھانڊا ماريا،
مُنڍيون مانگر وات ۾،
ڦرڻيءَ جيئن ڦرن،
مَڇَ مھانڊا ماريا،
ونجهہ تکيرا، وانئٽيون،
لُڙھہ ۾ رَڇَ لُڙهن،
مَڇَ مھانڊا ماريا،
گهر تڙ گهاتن گهوريا،
ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن،
مَڇَ مھانڊا ماريا،
هن وائيءَ ۾ “ماگر جي وات ۾ منڍيون ڦرڻيءَ جيئن ڦرن”. “ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن”. چٽا، صاف ۽ انوکا عڪس آهن.
تاجل جي اوائلي زندگي، ڪچي ۾ مال چاريندي گذري آهي. هن لٺ کڻي، جهنگن ۾ ماروئڙن جھڙي حياتي گذاري آهي. ان ڪري ئي هن جي شاعريءَ ۾ خالص ۽ چٽا عڪس آهن، جيڪي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي حسن جا شاهڪار آهن.
“ڏاگهن ڏار نوائيا، ميان! ماڪ ڀنل”
-----
“ڪوڙي ڪرڙ ڪڪوريا، لکين لال ليار”
-----
کستوري، خوشبوءِ ۾،
چِڪَّ ڀڪلي چولڙي،
ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
-----
رات بہ ڏٺڙم ننڊ ۾،
مکڻ جو ماٽيون الا!
چوليون چوڙيلين جون،
ڪلھن کان ڦاٽيون الا!
-----
اسين مارو پاڻ ۾،
جر تي پکي جيئن،
اسين مارؤ پاڻ ۾.
-----
گَھرا گهاوَ وڌا،
گهاگهر گهاگهر تي،
آئي وار ڳُنڌي،
نينگر نيسر تي،
ڳاڙھا گل چُنيءَ جا چمڪن سانوڻ ۾،
ڏاڍا مينھن وَٺا،
سَرھا گاھہ ڦٽا،
صوفي ٻير پڪا،
موٽي آءُ مٺا،
ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪرڪن سانوڻ ۾.
-----
گهر تڙ گهاتن گهوريا،
ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن،
مَڇَّ مھانڊا ماريا.
-----
اهي عڪس صرف اهو ئي شاعر پيش ڪري سگهندو، جيڪو ان ماحول جو حصو ٿي رهيو هوندو.
تاجل جا آزاد نظم، خاص ڪري پيدائشي عمل ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ هڪ شاعراڻو تصور آهي. ان ۾ حساس دل ۽ Imaginative شاعر جي حيثيت ۾، تاجل هن ڪائنات جي تخليق ۽ ارتقا جي متعلق چٽائيءَ سان عڪسن مٿان عڪس تخليق ڪيا آهن. اهي ٺھندڙ ڊهندڙ عڪس هڪ ٻئي پٺيان ايندا وڃن ٿا، ۽ تخليقي عمل جي باري ۾ نشان ڇڏيندا وڃن ٿا. انسان جيڪو مخلوق آهي، اهو خود تخليق جي عمل کي هٿ ۾ کڻي ٿو. اهو شاعراڻو ۽ حسياتي اظھار دل ۾ پيھي ٿو وڃي.
زندگي انسان ۾ پيھي وئي،
انسان خود خالق بڻيو،
۽ ڏات جي هر کيت ۾،
پيا عظمتن جا گل ٽڙي.
تاجل ‘بيوس’ ڪٿي ڪٿي تمام روايتي ٿيو وڃي- خاص ڪري ڪافين ۾- ٿي سگهي ٿو تہ اھا سندس اوائلي شاعري هجي- ان شاعريءَ ۾ موسيقيت برقرار رکي اٿائين، پر موضوع، اسلوب ۽ منظر، سڀ اڳئي لتاڙيل آهن ۽ رڳو ورجاءُ ٿو لڳي.
ڪٿي ڪٿي تاجل عجيب غلطيون ڪيون آهن، جيئن:
پَٽِ جهوپا، کڻ پکڙا، هُن ٿر مھري موڙِ،
ڪئِي مٿان ڪَڇَ جي، گونگي آهي گوڙِ،
جتي منڊل مينھن جا، اُتي جايون جوڙِ،
چؤکا گل چندن جا، راهڪ هلي روڙ،
ويھہ نہ، ولرَ ڇوڙِ- تہ رسجي هونديءَ رات ۾.
ان بيت ۾ مھري ‘ٿر ڏي موڙي’ ‘چندن جا گل’ روڙڻ جي ڳالھہ ڪئي اٿائين- ٿر ۾ چندن ٿيندو ئي ناهي- تاجل جھڙي شاعر کان اهڙي قسم جي غلطيءَ جي اميد نہ هئي.
مجموعي طور، تاجل جي شعرن جو هيءُ مجموعو، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.
تنوير عباسي
خيرپور،
4 جولاءِ 1982ع