جڏهن تون نہ هوندين
نہ چوٽا، ڦڻوٽا، نہ مٽڪا مٿن تي.
نہ سينا سفينا، نہ اکڙيون عنابي،
نہ ڇلڙا، نہ ڇمڪا، نہ ڳلڙا گلابي.
نہ هستيون، نہ مستيون، نہ هوشيار هوندا،
نہ موکي، نہ مٽڪا، نہ مئخوار هوندا.
نہ هيرون اُڪيريون، نہ بر ۾ بھاريون،
نہ رابيل رڻ جا، نہ ٽانگر نہ ٽاريون.
نہ ڇيريون، نہ ڇَم ڇَم، نہ ڇمڪار هوندا،
نہ ديدون دوناليون، نہ ديدار هوندا.
نہ سينڌيون، نہ سرما، نہ سينگار هوندا،
نہ ڪانِيون، ڪمانُو، نہ وسڪار هوندا.
نہ مانجهي، نہ وانجهي، نہ ويڻي- وروٽا،
نہ سامي، سلامي، نہ پانڌي پروڪا.
نہ منڇر، نہ اَنڇر، نہ مولھا مٿن تي،
نہ ڄاريون، نہ کاريون، نہ ليڙون لڱن تي.
نہ باهيون، نہ پاهيون، صليبون ڪلھن تي،
نہ ٻولي، نہ گولي، نہ لولي لبن تي.
نہ ڳارا ڳچين ۾، نڪي دام هوندا،
نڪي عشق وارن تي الزام هوندا.
نہ مانيءَ ڳڀي لاءِ مظلوم مرندا،
نڪي روز رستن تي معصوم مرندا.
نہ ڏاڍا ڏمربا، نہ ڏهڪار هوندا،
نڪو زور زر جو، نہ زردار هوندا.
نہ جهمريون، جمالا، نہ لاڏا، نہ لوليون،
نہ اجرڪ ڪلھن تي نہ گهر گهر گهڙوليون.
‘جڏهن تون نہ هوندين’ نہ جذبات هوندي،
نہ ‘بيوس’ کي تخليق جي ڏات هوندي.