پنھنجي پاران: ڏکن سکن جي سونھن
“زندگيءَ جو ٻن قدرن کان سواءِ سڄو سنسار بيڪار آهي. اُهي قدر آن- ‘عورت جو جوڀن’ ۽ ‘جهنگلن جا نظارا’.”
آڱر پڪڙي هلڻ کان وٺي ڪڙيءَ رسڻ تائين اڃايل اکين الائي تہ ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان پئي اڃ اجهائي آهي! ڪمزور ۽ بي سھاري انسان جي اُگهاڙي پٺيءَ تي ٻيٽ جي چھن لڳڻ کان وٺي ڪنھن ڪاڄ ۾ هڪ جوان جماڻ غريب ھارياڻيءَ يا لاهياريءَ جي جسم تي اوڍيل نئين نڪور وڳي ڏسڻ تائين مون هيل سوڌو پئي نظارا ڪيا آهن. مٽرن جي لوڙهن ۾ وهندڙ ڍنڍ يا واهڙ مٿان ڪرلائيندڙ ڪونجن جون قطارون، سرنھن جي ڦولار ۾ پيلن گلن وچ ۾ بيٺل هڪ ڳوٺاڻي عورت، شام ويلي ڪَچي کان پڪي ڏانھن موٽندڙ مينھن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ۽ ڌنار، سانوڻيءَ ۾ ڪوهن تائين پکڙيل ڇر جي پاڻيءَ تي ترندڙ درياھہ جا پکي ۽ لڙهندڙ ماڻھن، ٻيڙين، ڊونڊين، بتيلن، ڪٽارن ۽ هُڙن جا سنگهڙ ۽ سانباھا، ڌرتتيءَ جو ڪنھن پيرن اگهاڙيءَ ساٽياڻيءَ يا گندريءَ جي مٿي تي رکيل مڇيءَ جي کاري، ٻوڏ جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ بعد ڪنھن ڍنڍ يا گڻنگ جي شفاف پاڻيءَ مٿان ناڙي ۽ نيلوفر جي گلن جون اڻ-کٽندڙ قطارون، ڪامھہ وڻ يا پڪن ۽ پُسين سان ٽنڊريل ٽارين مٿان وهين ۽ ڪٻرين جا ميڙ ۽ وڳر، پڪل جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي کيتن تان پيھي تي چڙهي ڪنھن نينگريءَ جي کانڀاڻي ڦيرائڻ وارن ڏيکن ۽ نظارن جا عڪس ۽ اولڙا اڄ بہ منھنجي ذهن جي افق تي ڇانيل ۽ چٽيل آهن.
داخلي ۽ خارجي امنگن، اڌمن ۽ جذبن جي ڪيفيتن کي احساس جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندي مون سوين سج ۽ ستارا پئي اُڀاريا ۽ لاٿا آهن. فطرت جي انھن مٿين نظارن ۽ ٻين ڪيترين حقيقتن ماضيءَ ۾ مون ۾ هر وقت اُتساھہ ۽ نئين جاڳرتا جا انيڪ عڪس ۽ اُڌما پئي پيدا ڪيا آهن، جن منھنجي ڏات ۽ ڏانوَ کي خيالن جي وسعت، فڪر کي گهرائي ۽ شاعريءَ کي ارتقا جو عمل بخشيو- منھنجي شاعر بڻجڻ جو خاص سبب ڪي داخلي وارداتون چئي سگهجن ٿيون- پوءِ جڏهن انھن داخلي وارداتن جي ولوڙ خارجي حقيقتن جو اثر قبول ڪيو، تڏهن منھنجي لاشعور جي جهوليءَ ۾ شعور، احساس ۽ فڪر جا ڳاڙھا ڳٽول گل ڪريا، جن ۾ مجاز کان وڌيڪ پيٽ ۽ روزگار جي مسئلن جا رنگ وڌيڪ گهرا محسوس ڪيم. ڪن اڻٽر ۽ فطري مجبورين ڪري اسين هوند وارن جي ظلم، ڏاڍ ۽ تشدد جو شڪار بڻياسون. ان وقت مان وڌ ۾ وڌ ستن اٺن سالن جو هوس ۽ منھنجي ننڍپڻ هر قسم جي لڳندڙ واءٌ جو مقابلو ڪيو. مان اهڙن تہ تلخ پر ڪامياب تجربن ۽ آزمائش مان گذريو آهيان، جو ماضيءَ ۾ پاڻ تي ٿيل ڏاڍ ۽ ستم کي ياد ڪندي فخر محسوس ڪندو آهيان ۽ چوندو آهيان تہ چڱو ٿيو جو دنيا وارا ڏاڍا ۽ اسين هيڻا هئاسون، جنھن ڪري اهڙيءَ طرح انسان جي ڏکن ڏاکڙن، مصيبتن ۽ مسئلن جي پروڙ پئي. ستمگر دوستن، احبابن ۽ مٽن مائٽن کي بد دعا ڏيڻ بدران سندن ٿورا ٿو ڳايان، جن اسان تي ڏاڍ ۽ ڏمر جا هٿيار آسانيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان هلائي اچي هتي پھچايو ۽ ڏکن ۽ سکن سان منھنجي گهڻي ۾ گهڻي واقفيت ڪرائي.
آءٌ جڏهن اٽڪل ستن اٺن سالن جي عمر جو هئس تہ منھنجو ابو لاڏاڻو ڪري ويو. ابي سائينءَ جي مري وڃن کان پوءِ اسان جو سڄو ۽ سچو پچو سھارو مائي پناھہ خاتون- منھنجي امان سانئڻ بڻي جيڪا ذات جي سيالڻ آهي ۽ اسان ٻن ڀائرن، هڪ مان ۽ ٻئي مائيٽي ڀاءُ محمد يعقوب سان اڄ بہ پئي ڳن ڏئي.
اسين گهر جا ٻہ فرد- مان ۽ منھنجي ننڍي ڀيڻ بصر خاتون- جيڪي مينھن جي ڦرڙن وانگر جتي ڪٿي امڙ جي ڪَڍَ ڏٺا ويندا هئاسون، وڏي ٿيڻ تائين گهڻو ڪري مائٽن مٽن، وڏيرن ننڍيرن ۽ هوند وارن جي عتاب جو شڪار پئي رهيا هئاسون. ڀر وارن ۽ پاڙيسرين جي عتاب ۽ ڪرڙيءَ نظر هيٺ رهڻ جا خاص سبب امان سانئڻ جو ڌاري يعني سمي نہ پر سيالڻ هئڻ، ابي سائينءَ جو ننڍپڻ ۾ ئي سر تان پاڇو کڄي وڃڻ ۽ سندس حياتيءَ ۾ پرمار قوتن تي ڪي غيرتمنديءَ جا ڪامياب راتاھا هڻڻ هئا. ننڍپڻ ۾ امان سانئڻ ٿڃ پياري تہ وڏو ڪيو، پر ان کان پوءِ بہ جيڪا گرم توڙي ٿڌي هوا لڳي ان سان منھن ڏيئي، کير- ڀت کارائي پاليندي رهي. آءُ اکيون بند ڪري گهڙي کن لاءِ جڏهن ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندو آهيان تہ پنھنجي ڳوٺ جي گهٽين ۽ گسن جي نظر اچڻ سان گڏ اڄ بہ پنھنجي ۽ پنھنجيءَ ڀيڻ جي روئڻ جا آواز ۽ امان سانئڻ جي سڏن، سڏڪن ۽ ڪوڪن جا پڙاڏا ۽ پڙلاوَ ذهن تي ٻہ-چار مترڪا وھائي ڪڍندا آهن. آءُ جڏهن بہ گوتم ۽ ڀٽ ڌڻيءَ وانگر منھن مونن پائي سوچڻ وهندو آهيان تہ ائين لڳندو آهي ڄڻ اسين ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ اجهو امان سانئڻ جي لار لڳي اڃا بہ پير ۽ پاچا ماٽ ۾ پسائيندا، ڪانبا ٻڌي مکڻ جي چاڻن جھڙيون نرم نرم ونئڻن جون ڦٽيون پيا چونڊيون. آءُ اڃا بہ سونار مينھن لاءِ جوئر مان پن پيو سويان. مان اڃا بہ ڪلھي تي لٺ رکي شام ويلي پرائين ۽ پنھنجين مينھن جي وڳ کي بيديءَ (ڪچي ۾ ٻن ڍورن جي وچ ۾ گهاٽو جهنگ) ۽ بکر جي ڍنڍ وٽان تنواريندو، ڀٽارين کي گڻنگ جي پاڻيءَ ۾ ڍاريندو، ڪُمن، لوڙهن ۽ پُوڻين سان جهول ڀريندو، چڙين ۽ سنگهرن جا آواز جهٽيندو، پڪي تي آڏيل پنھنجن وٿاڻن ڏانھن واپس پيو وران. اهي منظر، اهي عڪس، جيڪي منھنجن تخليق جا سرجڻھار بڻيا، جن منھنجي شاعرءَ کي مالا مال ڪيو، جن پنھنجي ڏات جي ڏيھہ ۾ شاعريءَ جا اڇا، پيلا ۽ ڳاڙھا گل کڙايا، جن منھنجي سوچ دنيا ۾ نون نون موضوعن جا ڳوٺ ۽ شھر آباد ڪيا، مون کي پنھنجين تخليق جھڙا پيارا آهن.
آءُ ذات جو سمون آهيان ۽ منھنجو پاڙو ‘ڌماچ’ آهي. سڱابندي جي لحاظ کان منھنجا مائٽ ملاح، ڪوري، شيخ، کھڙا سيال، خواجا ۽ سمان آهن، جن ۾ گهڻائي درياهي ملاحن ۽ ڌماچن جي آهي. شايد گهڻ- ذاتيو هئڻ ڪري ئي مون مان ذات پات، رنگ نسل ۽ گوري ڪاري جو فرق مٽجي ويو آهي. ايتريقدر جو سڀني ڌرتيءَ ڄاين کي مان پنھنجا مِٽ چوندو آهيان. پوءِ اُهي ڇو نہ ڪُولھي، ڍيڍ يا ماڙيچا هجن.
مون کي پنھنجي شاعر هئڻ تي فخر آهي. فخر ان ڪري آهي جو پس منظر، مشاهدو، ماضي، اهڃاڻ، عڪس ۽ زندگيءَ جو سفر هوبھو اهو آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ جي هڪ مظلوم پيڙيل ۽ پرماريت جي شڪار ٿيل شاعر جو هئڻ گهرجي.
ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ نوان موضوع تخليقي ۽ تعميري شاعريءَ جي بنيادي پٿر يا کيٽ کيڙڻ لاءِ ‘ٻج’ وارو ڪم ڏيندا آهن. نوان موضوع ان سرسبز ۽ شاداب کيت مثل آهن، جن مان ادب جو جيڪو بہ سلو انگوربو يا گوشو اُسرندو، ان مان چھچ ساوا پن، کٿوريل گل ۽ ميويدار ٽاريون نڪرنديون.
مون کي ٽيھاري کن سالن جي ڄمار تائين ٻھراڙين جو ماحول نصيب ٿيو. منھنجي خيال ۾ زرخيز سنڌ جو ڀيليل ۽ لتاڙيل زمين ۽ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن جي ڀرپور مشاهدي لاءِ ٽيهن سالن جو عرصو ڪو گهٽ عرصو ناهي. مون کي شاعر ۽ حساس طبع انسان بڻائڻ لاءِ منھنجو ماضي، مشاهدو، آسپاس وارا ڏيک ۽ نظارا ۽ هوند وارن جا اڻ-هوند وارن تي حملا ۽ هٿ چراند منھنجي لاءِ ڪافي هئا ۽ آهن.
مون کي اُتساھہ ڏياريندڙ يعني منھنجي شاعريءَ جا سرچشما ننڍي هوندي سڄي سڄي رات درگاھہ تي چپڙين ۽ يڪتارن تي ڪلاسيڪي توڙي نون شاعرن جو ڪلام ٻڌڻ، شاھہ سائينءَ جي رسالي جو عشق ۽ محبت سان مطالعو ڪرڻ، مظلوم ۽ ستايل مالوند مارو ماڻھن جي روزمرھہ جي ڏکن ڀري زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو، ڪلھي تي لٺ کڻي ڪچي ۽ پڪي جو پسار ڪرڻ ۽ استاد مھربان الھندي خان جي صحبت ۽ سندس سبق بڻيا. اسين ٻئي شاگرد- هڪ آءٌ ٻيو منھنجو همعصر سائين حيات شاه (موجودہ گاديءَ ڌڻي) استاد الھندي خان جتوئيءَ وٽ گڏ ويندا هئاسون ۽ استاد مھربان ۽ سائين سٻاجھڙي حيات شاھہ سان گڏجي سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن، ڪشمور ۽ ڀاڳ ناڙيءَ کان وٺي لاڙ تائين سير ۽ صحبتون بہ ڪيم.
اسين ڀاءُ ۽ ڀيڻ سياري جي پارن ۾ امڙ سان گڏجي پنھنجي ڇنائين گهر جا سوراخ ۽ جهروڪ بند ڪري هڪ وڏي ٽئي تي سمھندا هئاسون، جنھن جي وچ ۾ گاري ۽ ڳچ جي ٺھيل چُلھہ مان صبح تائين باھہ پئي دکندي هئي. صبح جو چانورن کي کير ۾ رڌي کچڻي ٺاهي، پيٽ کي پُٺيءَ تائين ڀري پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويندا هئاسون. مون کي چٽو پٽو ياد آهي تہ هڪ دفعي چڱو خاصو ڏڪر پيو هو. ماڻھو چانورن جي پٽڙي ڀت تي گذارو ڪرڻ لڳا. ڪپڙو اڳيئي راشن تي ملندو هو. جيڪو شوقين نئين سج نئون وڳو پھريندو هو، ان وٽ ايڪڙ ٻيڪڙ قميص يا سٿڻ وڃي رهي هئي. اهڙن ڏولاون ۾ مون کي ياد آهي تہ سائين حيات شاھہ مون ڏانھن هڪ ريشي قميص سبرائي موڪلي هئي، جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪري سندس ٿورا مڃيا هئا.
مان اڃا پھرين درجي ۾ پڙهندو هئس، جو ابو سائين لاڏاڻو ڪري ويو. اسان وٽ ٿوريون ڪي گهڻيون مينھون ۽ گوئر ڏاند هوندا هئا. ابي سائينءَ جي لاڏاڻي ڪري امان سانئڻ وڏا وس ۽ جتن ڪيا تہ جيئن اسان جون مينھون ڪو ‘چاراڻيءَ’ تي چاري تہ جيئن سندس ٻچڙي يعني منھنجو پڙهڻ خراب نہ ٿئي- مگر جنھن بہ ميھار ھاڪار ٿي ڪئي، تنھن کي اسان جا ڀَتَ ڀائي وڃيو جهليو اچن. چي: ان رن ۽ جعفر جي اولاد جو مال چاريندين تہ ميھار جا پٽ! توھان جي گهر سان ڀَتُ- برادري ختم هوندو- ان ڪري مجبوراً پڙهڻ ڇڏي مون کي مينھن جو ڌنار ٿيڻو پيو ۽ اٽڪل ٽي- چار سال ڪَچي ۽ پڪي تي مال چارڻو پيو، جنھن منھنجي مشاهدي ۽ فطرت نگاريءَ جي سرخاب کي پَرَ بخشيا- جڏهن فقط هڪ مينھن وڃي بچي تڏهن اسان جي مائٽ رضا محمد جي مشوري سان مون وري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ مڊل اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ تائين ٽي پروموشن وٺي ٽن سالن جي کوٽ جو پورائو ڪيم. ٻہ سال بورڊنگ ھائوس گمبٽ ۾ رهي ڪري مئٽرڪ جو امتحان سرڪاري ڀتي- ڀاڙي تي پاس ڪيم. 1959ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري انگريزي ماستر ٿيس- اٺن سالن جي نوڪريءَ ۾ تجل شريف (نارو)، اڳڙا، ٻيلھاڙو، جادو واهڻ، مڏ ۽ ھاءِ اسڪول سوڀيديري ۾ ٻار پڙھايم. پڙھائڻ دوران بي-اي سال 1965ع ۾ ايم-اي (اقتصاديات) سال 1968ع ۾ خانگي طور پاس ڪيم. اٺ سال انگريزي ماستر، پنج سال لاهور، سيالڪوٽ ۽ ڪراچيءَ ۾ وزارت تجارت ۾، ۽ ھاڻي نائون سال ٿيو آهي جو ڪراچيءَ ۾ پيو رھان. انھيءَ وچ ۾ گڏيل قومن جي جماعت (يو-اين-او) طرفان فيلوشپ منظور ٿيڻ تي ٽوڪيو (جپان) وڃڻو پيو، جتان موٽڻ بعد 1973ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ٻيھر چونڊجي وڃڻ ڪري وزارت خزانہ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت پيو ڪريان. انھيءَ سموري ادبي توڙي ملازمت واري سفر ۾ منھنجو محسن استاد الھندو خان جتوئيءَ مون سان گڏ رهيو ۽ منھنجي هر تڪليف ۽ بار کي پنھنجن ڪلھن تي کڻي منھنجي رهنمائي ڪندو رهيو. منھنجي منھن تي مرڪون ڏسي، مون کيس گلاب جي گل وانگر ٽڙندو، ٻھڪندو ۽ واس ڏيندو بہ ڏٺو. منھنجون تڪليفون ڏک ڏولاوا پسي مون کيس جهڄندو، اکين ۾ ڳوڙھا ۽ پيشانيءَ تي پگهر ڦڙا بہ ڏٺا. اهو ٻاروچاڻو ساٿ نصيب نہ ٿئي ھا تہ پاڻ کي ڄمار ڀر اڌورو ۽ اوڻو سمجهان ھا. مطلب تہ منھنجي زندگي سڦلي ڪرڻ ۾ منھنجي امان سانئڻ، استاد اَلھندي خان جتوئيءَ ۽ سائين بدرالدين زاهديءَ جو وڌ ۾ وڌ هٿ رهيو آهي. جنھن دوران منھنجي فقيراڻي (زيب النساءَ) جو سلوڪ ۽ همدرديون مون سان اهڙيون رهيون جھڙيون هڪ مخلص ساٿيءَ جون هئڻ گهرجن.
تاجل بيوس
ڪراچي
18 سيپٽمبر 1982ع
58-ڊي، گورنمينٽ آفيسرس ڪالوني
گارڊن روڊ، ڪراچي- سنڌ
* * * * *