ڪتاب جِي فھرست

بادلن جو حساب ڪير ڪري!

غزل ــ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: اهو عشقيه ڪلام يا شعر، جنهن ۾ حسن ۽ جمال، فراق ۽ وصال ۽ سوز ۽ گداز بابت منظوم بيان ٿيل هجي. شعر جي حيثيت ۾ اهو ايرانين جي ايجاد آهي ۽ (فارسي ادب جي تاريخن مطابق عبدالله جعفر بن رودڪي سمرقندي غزل جو باني هو. سندس زمانو چوٿين صدي هجري هو. رودڪي 329هه ــ 952ع ۾ وفات ڪئي. پنهنجي زماني جو عظيم شاعر مڃيو ويو آهي. ايستائين جو ڪن نقادن ته ائين به چيو ته بيشڪ عرب ۽ عجم ۾ سندس پايي جو ٻيو ڪوبه ڪونه آهي، هن قصيدي، غزل مثنوي ۽ رباعي ۾ نهايت ڪاميابي سان طبع آزمائي ڪئي. سندس شعرن جو تعداد لڳ ڀڳ لک کي پهتو آهي. سندس شاعري فطرت جي ترجماني ڪندڙ آهي. هو فارسي شاعرن جو ابو ۽ سلطانِ شاعران مڃيو ويو آهي.
زمانہ پندي آزاد وار داد مرل،
زمانہ چوں نگري سر بسر همه پند است،
دانش اندر دل چراغ روشن است،
وزهمه بد برتن تو جوشنِ است.

(زماني مون کي آزاد منش انداز ۾ هڪ نصيحت ڪئي، ڏٺو وڃي ته زمانو سراپا نصيحت ئي نصيحت آهي.
عقل ايئن آهي، جيئن ڪو ڏيلَ ۾ ڏيئو ٻري، اهو سڀني براين جي برعڪس تنهنجي جسم لاءِ زرهه جو ڪم ٿو ڏئي.)
غزل کي بنيادي طور عشقيه شاعريءَ جي صنف چيو ويو آهي، مگر اڄ ان ۾ ايتري وسعت اچي چڪي آهي، جو سياست، معيشت کان سواءِ سماجي لاهن چاڙهن کي به اظهار ۾ آندو وڃي ٿو.
ايوانن ۾ اندر ويٺل،
سارا دهشتگرد لڳن ٿا.
سنڌ جي سام کي لڄايو ٿي،
تون آن ڀوتارَ! ڀاڙ جي پويان.
سنڌ بي روزگار ٿي ويئي،
تنهنجي ميرٽ لتاڙ جي پويان.
غزل لاءِ ضروري آهي ته ان جي پهرين بند جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ضروري هئڻ کپي. ان پهرين بند کي “مطلع” چئبو آهي، مطلع کان پوءِ ٻين بندن جي ٻي مصرع ۾ قافيي جي پابندي لازمي آهي. ضروري ناهي ته غزل ۾ رديف به هجي جنهن بند ۾ شاعر تخلص جو استعمال ڪري ٿو، ان کي “مقطع” چئبو آهي. غزل ۾ وزن ۽ قافيي جي بندش کانپوءِ ان جو هر بند معنوي لحاظ کان مڪمل حيثيت رکندو آهي، مگر مسلسل نه هوندو آهي. غزل ۾ منطقي تسلسل قائم رکي نه سگهبو آهي. ڪن شاعرن مسلسل غزل به چيا آهن، مگر اهي غزل جي مزاج سان ڪيتري مطابقت رکن ٿا، سا ڳالهه ئي جدا آهي. ان لاءِ غزل جو عنوان تجويز ئي ڪونه ڪري سگهبو.
سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو رواج نهايت آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو، جو قباچه جي دور ۾ محمد عوفي جو لکيل سنڌ ۾ پهريون شاعرن جو تذڪرو “لباب الالباب” نه رڳو سنڌ ۾ لکيل پهريون شاعرن جو تذڪرو آهي، پر فارسي زبان ۾ به دنيا جو پهريون لکيل شاعرن جو تذڪرو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو ماحول به ترقي يافته هوندو. سومرن جي دور ۾ به فارسي جو پکڙجڻ معلوم ٿئي ٿو. بهرحال جي فارسي شاعريءَ جو ماحول سنڌ ۾ به سازگار هو ته غزل ڪهڙو بعيد هوندو. غزل انگريزن جي دور تائين به مقبول رهيو ته اڄ به مقبول ۽ مرغوب صنف آهي، وقت ۽ فطرت غزل ۾ ايتري تبديلي آندي آهي، جو اهو هاڻي سنڌي غزل ٿي ويو آهي. سنڌي فطرت سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ ان کي عرصو ته ضرور لڳو، پر سچل سرمست جي اظهار ۽ خليفي گل جي جاکوڙ، اهڙيون امر ۽ اٽل روايتون رهيون، جن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي، شيخ اياز غزل کي “سنڌي غزل” بڻائڻ ۾ لازوال ڪردار ادا ڪري عظمت جو مثال قائم ڪيو.
شيخ اياز جي غزل جي اظهار ۾ ايڏي ته ڪشش آهي، جو ان همعصر دور جي شاعرن جي طبيعت تي ايترو اثر ڪيو، جو اها موذون ٿي، غزل چوڻ لاءِ آماده ٿي. غزل جيڪو هڪ عرصو آورد جو اهڃاڻ هو، تنهن کي جڏهن آمد جي حسناڪي نصيب ٿي ته نکري نروار ٿيو.
شاعري جا هونءَ ته محرڪات مختلف چيا وڃن ٿا، جن ۾ قدرتي ۽ فطرتي منظر، موسمي تَبَدُل ۽ تَغير، پکين جون دلڪش لاتيون، فلڪي نظارن جا اثر بيشڪ اٽل حقيقتون ته آهن ئي، جن کي خارجي اثرات چئجي ٿو، پر فرد جي داخليت جا مختلف محسوساتي انداز جن جو نه وقت هوندو آهي ۽ نه ويلو، اهي جڏهن آمد جا محرڪات بڻجي اظهارجن ٿا، تڏهن انهن جو حسن ۽ جمال ڏسي حيرت جي انتها ٿي وڃي ٿي، تڏهن سنڌي فطرت ان کي نه فرد جو ڪمال چوي ٿي نه ڏاهپ، پر ڏات سان تعبير ڪري الهامي آواز جو درجو ڏئي ٿي. اها ڳالهه سوچڻ تي به ته مجبور ڪري ٿي ته نه مهل نه موقعو الائي ڪهڙي ساعت سدوري ٿيو پوي جو ساهه پساهه جا ساز سرندا سازگار فضا بڻائي آلاپ ۽ اظهار ٿيو پَونِ، انهن ڪيفيتن کي درد ۽ عشق جون ڪيفيتون به چيو ويو، انهن ڪيفيتن جي دوام لاءِ جُهد ۽ جولاني ڪيتري ڪارگر ۽ ڪار آمد ٿئي ٿي؟ سا هر هڪ جي دل جي دنيا تي مدار رکي ٿي. ان جو دوام نصيب به ٿئي ته چئون درد جي ڪيف ۽ ڪڪور کان جيءُ جدا ئي نه ٿئي. يا صوفي درد کان سواءِ نامرد چون، ائين ئي وڃي گيڙوءَ رتن گيتن ۽ ڪلامن تائين دنگ ٿين.
ڀلي مغربي شاعريءَ جا فني لوازمات ۽ تنقيدي قدر ڪهڙا به هجن، اسين انهن تان ڪيترو به استفادو ڪريون، پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۽ جديد شاعري، پنهنجي فطرت ۽ اظهار لاءِ اڃا به انهن قدرن لاءِ واجهائي رهي آهي، جن ۾ انهن جو هر پهلوءَ جي ترجماني ۽ اعتراف ٿي سگهي، اسان جا ڪلاسيڪي شاعر ته اڀياس گهرن ٿا، پر نون ۽ نوجوان شاعرن جي تخليقي اعتراف ڏانهن به توجهه ڏيڻ لازم آهي.
نوجوانن جي هڪ چڱي کيپ ۾ سجاد مهر به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو، جنهن کي سخن جي مشق ۾ اٽڪل پندرنهن سال ته ٿي چڪا آهن، پر ان عرصي ۾ ڪيل سندس تن جي تپسيا جي رد عمل ۾ چڱا خاصا غزل اظهار جو روپ اختيار ڪري هڪ مجموعي جي صورت وٺي بيٺا آهن، جنهن جو عنوان سندس شاعرانه انداز جو اظهار ته آهي ئي، پر ان تخليق جي محرڪات، اظهار، حسن، حيرت ۽ نتيجي جي به نشاندهي به ڪري ٿو. “رقص منهنجي روح جو”، سندس مجموعي جو پهريون غزل آهي:
سِوا تنهنجي ڇَسي موسم،
اکين مان پَئي وَسي موسم!

کِلي ڄَڻ ڪنهن خيالن جي،
اسان کان هُئي کَسي موسم!

شَرابن ڪا شِرارت ڪئي،
گِلاسن سان گَسي موسم!

گُلابي گيت، ڇا ڇيڙيَئه،
رَبابَن کي رَسي موسم!

اَچڻ جي آسري تُنهنجي،
دِلاسن هُئي دَسي موسم!

اَجايو ڇو ڪَئي آ، تو،
بِرهه جي بي چَسي موسم.

سجاد جو غزل نه دقيق آهي نه ان جو ڪو لفظ ثقيل آهي. اهو نهايت آسان پيرايي ۾ عام فهم ۽ آسان پيو محسوس ٿئي. غزل ۾ ربط ۽ رواني هڪ طرف ان جي آهنگ ۾ دلڪشي وڌائي ٿي ته ٻي طرف آمد جو چٽو دليل پيش ڪري ٿو.
جيئن اچاريان نانءُ ٿو تنهنجو پرين،
شاعري الهام ٿيندي ٿي وڃي.
سجاد جي ان شعر ۾ فنڪار جي تخليقي حيرت جو عنصر ته محسوس ٿئي ٿو، جنهن کي هو الهام جي اشاري سان تعبير ڪري ٿو. پر شعر جي تخليق جو محرڪ به معلوم ٿئي ٿو ته جيئن پاڻ پرينءَ کي ياد ڪري سندس نانءُ وٺي ٿو، تيئن شعر لاءِ سندس طبيعت موذون ٿي پوي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته وڇوڙي ۾ ياد جانان ۽ پريت جي پيچ جي پختگي ۽ دلي رغبت جي اثر جي گهرائيءَ جو اهو رنگ آهي ته جيئن ياد ڪري ٿو تيئن جيءَ تي جهڙ ڇانئجي ٿو ۽ تخليق مٿس اوڙڪون ڪري وسڪارو ڪري وسي ٿي.
هونءَ به شعر جي تخليق جي محرڪات جا مختلف اسباب ٿيندا آهن ورڊس ورٿ جڏهن قدرتي منظرن ڏانهن متوجهه ٿيندو هو، تڏهن سندس ڪيفيت ۾ تبدل ۽ تغير ايندو هو ۽ تخليق جا پرتوا مٿس گهرا ٿيندا ويندا هئا ۽ آخر تخليق وجود وٺندي هئي اهڙيءَ طرح ڪيٽس لاءِ ڪٿي پڙهيو اٿم ته جڏهن واءُ ورندو ۽ وڻن جي پنن ۾ کڙکڙ ٿيندي، تڏهن انهن جي ترنم تي سندس سرير جا ساز به ڇڙي پوندا ۽ هڪٻئي سان هم آهنگ ٿي، تخليق جو وجود ممڪن بڻائيندا.
سجاد جي غزل تي سماجي صورتحال جا تاثرات به محسوس ٿين ٿا ۽ سماج ۾ مستعمل محاورن جو استعمال ڪري، پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي ترجماني ڪري ڪامياب اظهار جو ثبوت به ڏئي ٿو:
زندگي تيل ٿي وئي آهي،
هر گهڙي ويل ٿي وئي آهي.

فون آئي جڏهن کان کيسي ۾،
عاشقي کيل ٿي وئي آهي.

سودو سچ جو سلي نه ٿو ڪوئي،
ڪوڙ جي سيل ٿي وئي آهي.

سجاد جي غزل جو روپ ۽ رنگ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هو انهن شاعرن جي قطار ۾ چٽو نظر ايندو، جن غزل جي مزاج کي سنڌيت سان رنڱي ڇڏيو. انهن ۾ شيخ اياز، وفا ناٿن شاهي، اسحاق سميجو، علي دوست عاجز ۽ ڪي ٻيا به نوجوان آهن، ان سٿ ۾ سائين راشد مورائي جو پورهيو به پڌرو آهي.
غزل ۾ عڪسيت قائم ڪرڻ ڏکيو ته آهي، پر هن نوجوان جي غزل ۾ اهو گڻ به موجود آهي، عام طور تي چيو ويندو آهي ته شاعر جي تخليق مان سڄي جو سڄي ڪويتا ڳائڻ جهڙي نه به هوندي آهي، ڪي تخليقون مهل ۽ موقعي تي نصيحت، نتيجي، مثال ۽ پهاڪي جي طور تي پيش ڪري سگهبيون آهن، پر ڪيترن شاعرن جي تخليقن ۾ موسيقيت ايتري ته گهڻي موجود هوندي آهي، جو اهي مٿين خوبين سان مالا مال هجڻ سان گڏ ڳائڻ ۾ به آسان لڳنديون آهن.
بند نيڻن ۾ خواب جاڳي ٿو،
ڪو اندر ۾ عذاب جاڳي ٿو.

روح جي مان رقص مان نڪتو نه هان،
ها اڃا هڪ شخص مان نڪتو نه هان.

گهاءُ من جو اڃا ڀريو ڪونهي،
هانءُ تنهنجو اڃا ٺريو ڪونهي.

هي جو هيڏو وسيع زمانو آ،
تو سوا ڄڻ ته قيد خانو آ.

سور سمجهي نه ٿي پيار ڄاڻي نه ٿي،
هاءِ! مون کي اڃا هوءَ سڃاڻي نه ٿي.

بهرحال اهي مثال ڪافي آهن، هڪ ڳالهه اها به آهي ته ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ جيڪڏهن پنهنجي زبان ۾ موجود شاعريءَ جي ذخيري جي روشنيءَ مان ڪي تجليون نه ٿيون اڀرن ته چئبو سندس ورثي ڏي ڪا نگاهه ئي نه آهي ۽ نه ئي ان جي اهميت ۽ افاديت جي ساڃاهه موجود آهي. سجاد به پنهنجي ورثي جي ورثي جي ڀرپور ساڃاهه رکي ٿو ۽ ان جي تجلي سندس تخليق ۾ به پسي سگهجي ٿي.
سهڻي، مومل، مارئي، ٻاگهي،
ڄڻ ڪي جوڌا مرد لڳن ٿا.
شڪارپوري هجي ۽ مٿس شڪارپور جي لالائي نه پسي سگهجي ته ڪيئن چئبو ته شڪارپوري آهي! ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اٿڻي ويهڻي ۽ ڪم ڪار ۾ اهڙي ڏِکَ ڏيندو جو ظاهر ٿي پوندو ته شڪارپوري آهي.
ڏانءُ ڏنو آ مون کي توئي،
ڏات ته منهنجي پنهنجي آ ني!
جيت بلاشڪ تنهنجي دلبر،
مات ته منهنجي پنهنجي آ ني.
سجاد جي شاعريءَ ۾ اڃا گهڻيون خوبيون آهن، جي زور سان ڌيان ڇڪائين ٿيون، پر منهنجي سستي ۽ سجاد جي تڪڙ سبب قصو مختصر ڪندي آخر ۾ کيس جس ڏيڻ سان گڏ چوان ٿو ته ربط ۽ تغزل توڙي خيال ۽ پرواز ۾ پختي هجڻ سان گڏ هر غزل جو هر بند ايترو دلڪش آهي، جو ڄڻ بيت الغزل هجي، سندس سخن جي مشق ۽ فنِ شاعري جي سکيا کيس سنڌ جي وڏن شاعرن جي ساٿ جو ساٿي ضرور بڻائيندي.

انور فگار هَڪڙو
1-جون 2014ع،
ڄامشورو.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ