پيش لفظ
راهه پڇ مَ رند، رڙهه روحاني سسئي.
هل هينئين سين هوت ڏي، ڇپر هڏ مَ ڇُل،
آرياڻي اَمُل، ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.
هل هينئين سين هوت ڏي، ڇپر ڇُل مَ تون،
منجهان لڌو مون، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.
سير سياحت، انسان جي مشاهداتي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري ٿي. سفر جي ساٿين سان گڏ هلندي ماڻهن جي مزاج، اٿڻي ويهڻي ۽ نون ماڳن مڪانن کي ڏسڻ مان گهڻو ڪجهه پرائجي ٿو. اهڙي طرح نوان نوان تجربا سندس علم جي خزاني ۾ ڀاري واڌارو ڪندا رهن ٿا. پوءِ ڪي ماڻهو اُنهي ديد و شنيد کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي دفتر ۾ فيڊ ڪري ڇڏيندا آهن ته، ڪي وري انهن سير سياحت وارن مشاهدن ۽ مختلف قسمن جي تجربن کي قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾محفوظ ڪن ٿا. انهي صورت ۾ نه رڳو اهي سندن يادگار بنجن ٿا بلڪه ٻين لاءِ به رهنما ثابت ٿين ٿا.
سنڌي ٻولي ۾ سؤ سال جي ابتدائي ورهين ۾ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ آڳاٽن سفرنامن جو پتو پوي ٿو، پر ماضي قريب ۾ هالن واري محترم الطاف شيخ نه رڳو بحيثيت جهاز انجنيئر جي پاڻ دنيا گهمي پر انهن مسلسل سفرن ۽ سياحتن بابت يادگار ڪتاب لکي سموري سنڌ جي ننڍي وڏي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ملڪن ۽ ماڻهن ۽ ماڳن مڪانن کانواقف ڪيو. شايد الطاف شيخ صاحب جي اهڙي ڪاوش، سنڌي ماڻهو ۾ سفرنامه سان اهڙي ته دلچسپي پيدا ڪئي جو هاڻي هت، سڀڪو پيو سفرناما لکي. جهاز ۾ ڪنهن پير پاتو ۽ واپسي ۾ پهتو ناهي ته، سندس سفرنامو تيار. وري پڙهندڙن جي به دلچسپي وڌي آهي. بُوڪ اسٽالن تي اهڙا نِت نوان سفرناما ڇپجي ايندا رهن ٿا. سچ پچ ته اسان کي انهي تي بيحد خوشي آهي جو اسان جي سنڌي ٻولي ۾ نِت نئون مواد ميسر ٿي رهيو آهي. پر جيئن ته الطاف شيخ سفرنامه جي موضوع تي ”ڪثير التصانيف“ آهي تنهنڪري اسان اُن کي اهڙي همت، محنت ۽ مسلسل سفرنامن لکڻ تي داد ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سياحتي دنيا ۾ اهي سفرناما ته ڪافي مواد مهيا ڪن ٿا. پر پوءِ به بعض حلقي جي انهن ڪتابن پڙهڻ باوجود اها علمي تشنگي، سيراب نه ٿي ٿي سگهي جيڪي مذهبيت جو ذوق سوايو رکن ٿا. ڇو ته انهن جي ذوق وٽان سنڌي ٻولي ۾ بنهه ڪي ڳاڻ ڳڻيا سفرناما موجود آهن.
مون خود به اهڙي ڪوشش ڪئي هئي، جو 1997ع ۾ حج جي سعادت لاءِ حرمين شريفين جي زيارت دوران هڪ سفرنامو ”مِسڻ کان مديني تائين“ لکيو هو، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي 2007ع ۾ ڇپرايو هو. هاڻي ته اهو ڇاپو به شائقين هٿو هٿ خريد ڪري، مارڪيٽ مان ئي ناپيد ڪري ڇڏيو. وري ان جو ٻيو ڇاپو، جڏهن يا نصيب!
هيءَ حقيقت به آهي ته، ڪو شخص ڀلي پار تان ڀيرو ڪري اتان جون يادگيريون، اتي جا مشاهدا ۽ زيارتون، اتي جي مقدس هستين صحابه ڪرام جي سونهري ڪارنامن ۽ ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي پاڪ سيرت سفر ۽ حضر جي ماڳن مڪانن ۽ منزلن ۽ اتي جي زيارت وارين جاين جي اکئين ڏٺي احوال سان گڏ انهي ڀلاري سفر جي روئداد ۽ ذاتي احساسات جو قلم ذريعي بيان ڪري ته، اهي روحاني رنگ ۾ لکيل هئڻ ڪري هر هڪ ديندار مسلمان لاءِ روحاني غذا مهيا ڪندي سُڪايل ۽ اُڃايل روح جي سيرابي ڪن ٿا.
هونئن به حج جو سفر هڪ ”روحاني سفر“ آهي، جيڪو هڪ الله لوڪ سالڪ کي سلوڪ جي منزلن طئي ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. سندس روحاني سفر جا ڏک ڏاکڙا آسان ٿيو پون ۽ پاڻ سلوڪ و معرفت جون منزلون تيزي سان طئي ڪريو وٺي.
تازو اسان جي هڪ پراڻي دوست محترم سائين مولوي عبيدالله چانيهو صاحب عمرڪوٽ واري ديار حبيبﷺ جو ديدار ڪيو ۽ چڱن جي چائنٺ چمڻ سان فريضه حجھ جي ادائگي دوران اهڙو سفرنامو لکي اسان لاءِ هڪ قابل قدر مواد مهيا ڪيو آهي. سندس هي پهرين ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ هن کان اڳ سندس لکپڙهه واري ادبي ڪم سان ڪو خاص تعلق نه رهيو آهي، پر پنهنجي اندر احساسات، اکئين ڏٺي معلومات ۽ ڪنين ٻڌي مسموعات کي قلم جي زباني پنن تي پکيڙي، دل جي ترجماني جي حق ادائي ڪندي ڪيترن نون دوستن لاءِ هڪ مذهبي تاريخي خاص ڪري ديار مقدس سان ڪنهن نه ڪنهن حواله سان واسطو رکندڙ نِت نئون مواد سهيڙي سموهي مرتب ڪري اسان جي آڏو ڪتابي صورت ۾ يڪجا ڪيو آهي.
مولانا عبيدالله چانيهو سان 30-40 سالن کان منهنجي شناسائي آهي. پاڻ ذاتي طرح پرهيزگار ۽ ديندار ماڻهو آهي. ديني مدرسن ۾ رهي پڙهي فراغت حاصل ڪري، وري به ڪو عرصو ديني مدرسن جهڙوڪ مدرسه مدينة العلوم ڀينڊو شريف ۽ مدرسه دارالفيوض الهاشميھ سجاول وغيره ۾ اڪائونٽنٽ ۽ مدرس جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اڳتي هلي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ استادي جي پيشه سان سرڪاري ملازمت به ڪيائين. هاڻي ته اتان به رٽائر ڪري، عمرڪوٽ ۾ پنهنجي چانيها پاڙي جي مسجد ۽ مڪتب کي سنڀالي ۽ انهن جي خدمت ڪري پنهنجي زندگي جا ڏينهن سجايا پيو ڪري ديني مدرسن جي ساليانه حساب جي چڪاس، آمدني روانگي جي حساب جانچڻ ۽ انهن مان گورک ڌنڌي وارا نقص ڳولي ڪڍڻ جي کيس خاص مهارت آهي. جنهن ڪري چند مشهور آڊٽ ڪمپنين طرفان سندس چڪاس ڪيل مدرسن جي ساليانه حساب ڪتاب کي اهميت ۽ اوليت ڏني وڃي ٿي. هينئر لڳ ڀڳ 50-60 کن ديني مدرسن جو آڊٽ لاءِ حساب ڪتاب چيڪ ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ پاڻ بنهه محتاط رهندو آهي، جو مجال آهي ڪنهن ديني مدرسه جي حساب ڪتاب ۾ ڪا گهوٻي يا ڪو غبن برداشت ڪري يا چشم پوشي ڪري ان کي لئي مٽي ڪري ڇڏي. اهڙن خرد برد ڪندڙ مدرسن جي منشين کي سخت تنبيهه به ڪندو ته، ان جو ڪيل حساب رد ڪري ان جو غبن وائکو به ڪندو آهي، سچ پچ ته اها تقويٰ جي نشاني آهي. پاڻ عمرڪوٽ جي چانيها پاڙي جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت آهي، هونئن ته مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان پاڻ ڪافي شهرت رکي ٿو. البت ادبي ميدان ۾ سندس هي ڪتاب ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ پهريون قدم آهي.
مون کي ته واقعي به حيرت ٿي جو هي اڪائونٽنٽ ٿي ڪري ادبي ميدان ۾ اچي هڪ تصنيف يا تاليف تيار ڪري!
پر چوندا آهن ته، ”جنهن کي ربّ رکي تنهن کي ڪير چکي“ سو جي الله تعاليٰ توفيق ڏئي ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
مولانا عيبدالله چانيهو صاحب جي پهرين تاليف ئي ماشاءَ الله ڀلاري پار جي احوال تي آهي، سو ان لاءِ اها ئي اميد آهي ته:
آغاز ہے بسم اللہ،
انجام خدا جانے۔
يقيناً ڀلارن جي نيڪ ڪاوش جو انجام ڀلو ئي ٿيندو. جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته، ”وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِيْنَ“ يعني چڱي پڇاڙي پرهيزگارن ۽ خوف خدا رکندڙ نيڪو ڪارن لاءِ آهي. البت هن ڪتاب ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ کي پڙهندي جيڪي هڪ ٻه ڳالهيون محسوس ٿيون تن جو اظهار به ضروري سمجهان ٿو. سي هيءَ ته، مولانا عبيدالله چانيهو جي سنڌي تحرير ۾ عربي فارسي جي الفاظن جو امتزاج ڏسي سندس ”مولويانه انداز“ واضح ٿئي ٿو. پر ان سان گڏ سندس سنڌي به ٿري لهجه واري آهي جنهن کي پڙهڻ سان ئي ڏڪاريل ٿر جي خشڪ واري، ڀٽن دڙن، ٿاريلي مندن موسمن جي جهلڪ، عبارت ۾ نظر اچي ٿي. ليڪن جيئن ته، هي ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
مجموعي طرح ڪتاب ۾ شامل مواد ڪنهن به طرح گهٽ يا ڪسو ڪونهي، بلڪه تمام وڏي محنت، مشقت، جاکوڙ ۽ جستجو آهي. هنڪري جو ”محبوبن جي ملڪ“ جو هر احوال اسان لاءِ هينئين جو هار، اکين جو ٺار ۽ دل جو قرار آهي.
بذات خود آئون سندس انهي ڪاوش ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ جو نهايت قدر ڪريان ٿو ۽ اميد اٿم ته هيءَ مقامات مقدس بابت مذهبي ۽ تاريخي مواد، سنڌ جي هر ننڍي وڏي لاءِ رهبر ۽ رهنما ثابت ٿيندو. اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ به تمام بهتر اضافو تصور ڪيو ويندو.
سنڌ واسين کي گذارش ڪندس ته، هو اهڙو مذهبي تاريخي مواد ضرور مطالعو ڪن جيڪو سندس روحاني رشتا آقاءِ نامدار سرور ڪونينﷺ ۽ حضرات صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين سان ڳنڍي آخرت موچاري ٿيڻ ۾ مددگار ٿئي.
الله تعاليٰ، مولانا عبيدالله چانيهو صاحٻ کي اڃا به وڌيڪ همت ۽ توفيق بخشي جو آئنده باقاعده قلم کڻي ٻين مذهبي موضوعن تي به مواد مرتب ڪري ته سندس قلمي پورهيو ”صدقه جاريه“ ٿي آخرت جو ثمر بنجي.
والسلام
(مولو) محمد يامين شورو
ناظم مدرسھ دارالهديٰ مسڻ وڏي
4 شوال 1437هه
9 جولاءِ 2016ع
بروز ڇنڇر