وطن واپسي
اسان وٽ ايڏو سامان نه هو. البت ٿورو گهڻو جيڪو سامان هو. اهو ٿيلهن ۾ بند ڪري حرم پاڪ ۾ هليا وياسون. سارو وقت حرم پاڪ ۾ گذاريو. تلاوت دعائون ۾ وقت پورو ڪري نماز ظهر باجماعت پڙهي. حرم مڪي کي الوداع ڪري اچي جاءِ ڀيڙا ٿياسون. بس جو انتظار هو. مگر بس دير ڪئي ۽ نماز عصر جو ٽائم ٿي ويو. حرم پاڪ هوٽل کي ويجهو هو. اسان وري به نماز عصر حرم جي ٻاهرين صحن ۾ باجماعت پڙهي. جلد ئي نڪرڻ جي ڪئي سون. رهائشگاهه تي پهتاسون ته بس به اچي ويئي.
پوءِ ته اسان پنهنجو پنهنجو سامان کڻي بس ۾ رکيوسون. هڪ ٻن جاين تي ٻيا به مسافر کنيا. پر سج مڪي پاڪ ۾ لهي چڪو هو. مگر اسان نماز مغرب، سفر سواري ۽ انتظار جي ڪري نه پڙهي سگهياسون. عشاء ۽ مغرب نماز اسان جده ايئرپورٽ تي پڙهي سون. پنهنجو سامان چيڪ ۽ تور ڪرائي جهاز حڪام حوالي ڪري اسان ايئرپورٽ جي انتظار گاهه ۾ وڃي ويٺا سون. مگر ايئرپورٽ ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ سبب سردي اهڙي جو اسان ڏڪون پيا. اسان سان گڏ صرف پاتل ڪپڙا هئا، ٻيو سڀ خير هو. وري چوندا آهن ته ”ڏي ڪتر ڪاڻي جي اک ۾“ سو اعلان ٿيو ته جهاز جي پرواز ۾ به ڇهه ڪلاڪ ليٽ ٿي ويئي آهي. ايئرپورٽ لائونچ ۾ هڪ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳو ٻيو سردي، ٽيو انتظار ”الانتظار اشد من الموت“ سردي کان بچڻ لاءِ انتظار گاهه جي هوٽل مان چانهه جي ڪوپ جي قيمت پڇي سون. چون پنج ريال يعني هڪ سو پنجٽيهه روپيه، کڻي بس ڪئي سون. ساري رات اُن تُڻ ۽ انتظار ۾ گذري. آخر انتطار جون گهڙيون به ختم ٿيون. اعلان ٿيو ته ڪراچي پاڪستان وڃڻ وارن جو جهاز تيار آهي هلو. اهو ٽائيم پاڪستاني وقت مطابق صبح ڇهه بجي هو.
سڀ ماڻهو انهي انتظار ۾ ته هئا. وڃي جهاز ۾ داخل ٿياسون. پنهنجون سيٽون هٿ ڪري ويٺاسون جهاز جلد ئي پندرهن. ويهه منٽن بعد اڏام ڪئي. اسان وڏي آواز ۾ دعاءِ سفر پڙهي. جهاز جڏهن پنهنجي بلندي کي پهتو ۽ سڌو ٿي اڏامڻ لڳو ته جهاز جي ميزبانن ”ايئرهوسٽس“ مسافرن کي کاڌو آڻي ڏنو سڀني کي ان مهل بک هئي ۽ ناشتي جو پڻ ٽائم هو. کاڌو کائي. قهوه آندو ويو اهو به پيتو. ڪجهه وقت گذريو. تان جو جهاز مان اعلان ٿيو ته جهاز ڪراچي ايئرپورٽ کي ويجهو ٿيو آهي ۽ عنقريب لهڻ وارو آهي. سڀ مسافر پنهنجا حفاظتي بيلٽ ٻڌو ۽ تيار ٿي ويهو. جهاز لٿو. رن وي جو چڪر ڪاٽي پنهنجي مقرره جاءِ تي وڃي بيٺو. دروازا کليا. اسان لهي لائونچ ۾ پنهنجي پنهنجي سامان جي اچڻ جي انتظار ۾ بيٺاسون ۽ سامان به چَين ذريعي اچي ويو. هر هڪ پنهنجو سامان سڃاڻي هٿ ڪيو ۽ لائونچ کان ٻاهر آياسون.
ٻاهر عزيز قريب دوست وغيره عمرڪوٽ کان وڏي بس ڪري آيا هئا. جن گلن جي ورکا سان گڏ مبارڪون ڏنيون گلي مليا. هڪ ٻي سان ملي کيڪاري خوش ٿياسون سامان کڻي بس ۾ رکيو ۽ بس هلڻ لڳي. ظهر نماز غوثيه هوٽل سپر هاءِ وي تي پڙهي چانهه پيتي سون. بس ۾ چڙهي روانا ٿياسون. رستي ۾ ڪوٽڙي موڙ ڄامشورو ۾ حضرت مولانا قاري عبدالباسط صاحب ميمڻ جو وڏو ديني مدرسو آهي. جنهن کي ڪنهن دوست اطلاع ڪري ڇڏيو هو. اهو منهنجي ڏوهٽي غلام مصطفيٰ چانهيون سان گڏ روڊ تي پهچي ويو هو. جنهن صاحب چانهه پيارڻ لاءِ ڏاڍو اصرار ڪيو. مگر عمري تي وڃڻ مهل ان جي چانهه اسان پيتي هئي. اڄ ٽائم جي تنگي سبب بزرگن جي چانهه نه پي سگهياسون روڊ تي ئي دعا گهري اڳتي وڌڻ جي ڪئي سون. وري ٽنڊي ڄام ۾ مولانا شفيع محمد صاحب مهتمم مدرسه دارالعلوم عثمانيه جن به پنهنجي جملي بزرگ استادن سان روڊ تي مرحبائي استقبال ڪيائون. چانهه پيئڻ جو به ڏاڍو زور ڀريو. مگر هڪ ته ماڻهو گهڻا هئاسون. ٻيو ٽائم تنگ، ٽيو درائيور جي ڪِر ڪِر جي ڪري. انهن بزرگن کان به دعا گهرائي موڪلايو سون. مغرب نماز ميرپورخاص جنرل بس اسٽاپ تي پڙهي سون. وري هلڻ جي ڪئي. تان جو عشاء نماز عمر ڪوٽ گهر پهچي وياسون. جتي سڀني دوستن جي ماني جو انتظام منهنجي ڀائيٽي ۽ داماد محمد انور جي طرفان ٿيل هو. اتي ڪافي ساري برادر دوست وغيره مبارڪبادي لاءِ آيل هئا ملياسون حال احوال ڏنا ۽ ورتا. الله پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان ٿي ويا. جو وري به پنهنجي فضل سان پنهنجي ماڳ خير و عافيت سان پهچايائين. الحمدلله ڌڻي درسوال آهي ته اهو مالڪ اهڙا مبارڪ سفر بار بار ڪرائي. آخري نه هجن. وري به پنهنجي گهر ۽ پنهنجي حبيبﷺ جي در جي زيارت هر مسلمان امتي کي ڪرائي ۽ اسان کي به ڪرائي. خاتمو باالخير ڪري ۽ ڪلمي سان لاڏاڻو ڪري. آمين
لا اِلٰھ الا الله محمد الرسولﷺ