پرين جي پاڙي ۾
مدينو ڇا آهي؟
نماز جي ادائگي بعد آئون سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا آئون نااهل واقعي مدينة النبيﷺ ۾ آهيان يا الائي جي خواب ۾ آهيان. ڪٿي مدينو ڪٿي آئون ”ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثناء“ مگر جلد ئي مون کي پنهنجو مديني ۾ هجڻ جو احساس ٿي ويو ته آئون واقعي مدينة النبيﷺ ۾ آهيان. پوءِ آئون عالم تصور ۽ حال ۾ مخاطب ٿيس ۽ چيم اي مدينة النبي تو تي سلام هجن. تون ته ڪائنات جي فخر و ناز جو سرمايو آهين. تنهنجا بنياد شل قيامت تائين قائم ۽ دائم هجن.
اي مدينا تو اها عزت حاصل ڪئي جيڪا ڪرة الارض جي ٻي ڪنهن حصي اها عزت حاصل نه ڪئي آهي نه وري حشر تائين ڪو ئي خطو اها سعادت حاصل ڪري سگهندو.
تنهنجي هنج ۾ هڪ اهڙي هستي محو استراحت آهي، جيڪو پنهنجي مولد کان هت هجرت ڪري آيو. تو ان کي پناهه ڏني. تو ان جي ميزباني ڪئي پوءِ اهو هميشھ لاءِ تنهنجو ئي ٿي ويو تنهنجي مٽي کي هن پنهنجي وجود سان زنده جاويد ڪري ڇڏيو. تنهنجو نالو يثرب مان انهي جي نالي سان ٿي ويو.
اي مدينا توکي ايس تائين بلند ڪيو ۽ دوام بخشيو جو صدين کان ۽ صدين تائين انسانن جا قافلا صبح و شام تنهنجي طرف ڇڪجيو اچن ٿا ۽ قيامت تائين ايندا رهندا. تنهنجي فضائن ۾ صدين کان مسلسل درود سلام جا موتي وسي رهيا آهن تو ۾ حاضر ٿيڻ دنيا جي عظيم سعادتن مان هڪ سعادت آهي. اڄ تقريباً ساڍا چوڏهن سو سال ٿيا آهن. تنهنجي ڪا به ساعت ڪا به گهڙي پل ڪڏهن به درود و سلام کان خالي نه رهي آهي.
تنهنجون گهٽيون، اسان جهڙن لاءِ مصري جون ڪڻيون ۽ گلاب جون مکڙيون آهن.
تنهنجا ذرڙا مهرو ماهه کي شرمائين ٿا ۽ دل و نگاهه کي چمڪائين ٿا.
تنهنجي هوائن ۾ انفاس رسالت جون خوشبويون پکڙيل آهن.
اي مدينا تون ڪيترو حليم ۽ ڪريم آهين جو اسان جهڙن ناڪارن کي به حاضري جي سعادت بخشين ٿو تنهنجي عزت بي پايان ۽ تنهنجي عظمت جي ڪا حد ئي ناهي.
اي مدينا تون اهو درياء ڪرم آهين جو هر ساهه وارو تو وٽ اچي پنهنجي اُڃ وسائي ٿو تون اکين جو نور ۽ دل جو سرور آهين.
اي ڪره الارض جا سرتاج، اي سرتاج الانبياء جي آرام گاهه هڪ انسان جي بدولت ڪروڙين انسانن کي زندگي بخشڻ وارا، اي رحمتن ۽ عظمتن جا شهر امين، اي جود و سخا جا مخزن، اي جمال دولت جا مسڪن، اي جن و انس ۽ ملائڪن جا بوسه گاهه. اي خطا ڪارن جي خطائن کي ڍڪڻ وارا، اي عاشقان صادقين جا محمل، هڪ ڪميني ۽ بي سرو سامان جا سلام قبول ڪر.
اي مدينة النبي تون مرڪز انوار الاهي آهين. فرشتا عرش الاهي کان تنهنجي فرش تي درود و سلامن جا تحفا آڻين ٿا. تو اسلام کي رونق بخشي. تاريخ کي عزت ڏني. تو ادب کي روشن ڪيو. تو قلم کي توانائي ڏني. زبان کي رعنائي، بيان کي زيبائي ۽ فڪر کي گهرائي بخشي آهي. اسان تنهنجا ۽ تون اسان جو آهين. قريش مڪه امانت الاهي کي ٺڪرايو. ۽ تو گود ۾ جڳهه ڏني.
تنهنجي صبوحن ۾ صحابه ڪرام رضه جو سوز و عشق ۽ انصار و مهاجرين جو جوشِ جنون آهي، تنهنجي شامن ۾ قال الله و قال الرسول جون صدائون آهن. جيڪي دنيا و آخرت ۾ ڪاميابي جون راهون ڏيکارين ٿيون.
تو دين اسلام کي اهڙا ته متوالا انسان مهاجر و انصار ڏنا جنهن ڪره الارض جي ڪنڊ ڪڙڇ کي صداقت، عدالت، سخاوت، شجاعت، اطاعت، طهارت، اُخوت، مروت، عزت، غيرت، امانت، ديانت، عفت، حڪمت، بصيرت، وحدانيت ۽ انسانيت جو سبق سيکاريو.
تنهنجي آغوش ۾ اتم، اهم اڪمل، افضل، اجمل، اڪرم، احسن دينِ اسلام ستل اهي. تنهنجي مٽي پاتال تائين مقدس آهي. تنهنجي خاڪ، خاڪِ شفا آهي ۽ تنهنجو آب، آب حيات آهي تنهنجا جبل، جبل رُماتھ، سلع ۽ جبل احد سونهن ۽ سينگار آهن.
اي مدينا، تون سڀ کان وڏي تاريخ آهين، تاريخ اسلام توکان ئي شروع ٿئي ٿي. تنهن جي بغل ۾ جبل احد آهي. اهو قيامت جي ڏينهن جنت ۾ کنيو ويندو. جنهن جي اوڀڙ ۾ شفا آهي. جنهن جي مٽي به آب حيات آهي. جنهن جي ميدان کي سچن سرويچن پنهنجي خون سان آبياري ڪري دنيا کي شهادت جو گس ڏَسي اَمر ٿيا. تو ۾ جنت البقيع آهي. جتي اهي هستيون آرامي آهن. جيڪي اول کان ازل تائين زنده جاويد آهن. جنهن لاءِ انهن جي رب فرمايو ته اهي زنده آهن، پر اوهان انهن جي زندگي سمجهي نٿا سگهو. جنهن لاءِ موت ناهي. جنهن کان موت ٽهندو رهيو. جن موت کي ماري زنده ۽ امر بنجي ويا. جيڪي صرف زنده رهڻ لاءِ پيدا ڪيا ويا. جنهن جو عقيدو هو ته موت زندگي جي ابتداء آهي.
اي مدينا تو اهڙا ماڻهو ڏنا. جن جو نعرو هو ته موت هجي يا زندگي هجي جو ڪجهه به هجي تنهنجي مدني مٺيﷺ لاءِ هجي. هو خوش ته اُهي خوش. اُهي مري زندگي جو بنيادي پٿر رکي ويا. اها ئي زندگي اُتان کان هيس تائين روان دوان آهي.
اي مدينة النبيﷺ توتي سلام،
اي شهرن جا شهنشاهه توتي سلام.
اي انسانن جا اميدگاهه اي زير فلڪ عالم پناهه تو تي سلام،
اي اسلام جي عظمت ۽ عصمت جا امين تو تي صلواة و سلام،
اي ملڪ، جن و انس جا مرجع اي شهرِ جانان تو تي سلام.