سفرناما

دلبرﷺ جي ديس ۾

ڪتاب ”دلبر ﷺ جي ديس ۾“ مڪي ۽ مديني جو سفرنامو آهي،مولوي محمد يامين لکي ٿو؛ ”جيئن ته، ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
Title Cover of book دلبرﷺ جي ديس ۾

سعودي عربيھ کان اڳ جو منظر نامو

سعودي عربيھ تي اهو نالو بعد ۾ پيو آهي، مگر اهو عرب علائقو پهريائين سلطنت عثمانيه جو هڪ صوبو هو. جنهن کي خلافت عثمانيه به چيو ويندو هو. جنهن جو سلطان ترڪي ۾ رهندو هو. سندس گادي جو هنڌ انقره هو. پوري دنيا جا اسلامي ملڪ سلطنت عثمانيه ۾ شامل هئا.
برطانيه جنهن جي حڪومت جو سج اڌ دنيا تي اڀرندو ۽ لهندو هو. انهي کي مسلمانن جي ان مرڪزيت تي حسد ۽ ساڙ هو ته مسلم دنيا ايترو متحد ڇو آهي؟ برطانيه حڪومت مسلمانن جي ان مرڪزيت کي ختم ڪرڻ لاءِ هر وقت مختلف حربن سان پٺيان لڳل هئي. جنهن لاءِ هن هڪ جڳ مشهور جاسوس دجال چال ۽ شيطان صفت ڪيپٽن لارنس کي عربي ٻولي سيکاري ويئي. ”جنهن جي نالي ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن. انهن مان هڪ لارنس آف عربيه به مشهور آهي“ جڏهن هو شيطان عربي چڱي طرح سکي ورتي ۽ روانگي سان عربي ڳالهائڻ لڳو ته عربن جي ويس ۾، هن عربيھ ۾ وڃي مختلف قبيلن کي سلطنت عثمانيه جي سلطان عبدالحميد دوم جي خلاف ڀڙڪائڻ لڳو ان مشن ۾ هو ان حد تائين ڪامياب ٿيو جو. انهن قبيلن مرڪز جي خلاف بغاوت ڪري سرڪاري تنصيبات ۽ واحد ريلوي لائن کي ڪيترن ئي هنڌن کان اکيڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، مرڪز کان عرب علائقي جو رابطو ختم ڪري ڇڏيو.
سلطنت عثمانيه ترڪي جيڪا 1914ع کان 1918ع تائين جنگ عظيم ۾ جرمني سان شامل هئي. شڪست کائي ايتري قدر ڪمزور ٿي چڪي هئي جو هو عرب علائقي جو دفاع ڪري نه سگهي.
شريف مڪه ”مڪي جي گورنر کي شريف مڪه چيو ويندو هو“ اهو به انگريزن جي لالچائڻ ۽ ڌمڪائڻ سان انهن سان ملي ويو هو. جنهن کي، انگريزن مڪي مان بيدخل ڪري، اردن جو علائقو انهي جي حوالي ڪيو. انهي اردن واري علائقي تي اڄ به ان خاندان جي حڪومت آهي. اهڙي ريت عرب علائقي تان سلطنت عثمانيه جو خاتمو ٿيو ۽ انگريز راڄ شروع ٿيو. ان وقت سمورو عرب علائقو مختلف قبيلن ۾ ورهايل هو. جيڪو اقتدار جي حصول لاءِ پاڻ ۾ هڪ ٻي سان جنگي حالات ۾ برسر پيڪار هئا. نه قانون هو نه امن هو نه ته ڪنهن جي مستقل بالا دستي هئي. هڪ قبيلو فتح حاصل ڪري آيو ٿي ته ٻيو شڪست کائي ويو ٿي. جس ڪي لاٺي اُس ڪي ڀينس.
انهي دوران ڪوئت جو هڪ مهم جو ”عرب عبدالعزيز بن سعود 140“ گهوڙي سوارن جو هڪ ٽولو ٺاهي. عرب علائقي ۾ داخل ٿيو. جنهن جي رياض ۽ بريده جي شهرن جي درميان زلفي قبيلي سان پهرين جنگ ٿي. قبيلي جي سردار کي هلاڪ ڪري ڇڏيو. انهي کان پوءِ 1901ع ۾ نجد جي والي قبيلي آل رشيده جنهن سان هن جي پراني رقابت به هئي. کي شڪست ڏيئي نجد تي قبضو ڪري ورتو. 1913ع ۾ هن الحاء تي قبضو ڪيو ۽ 1925ع ۾ هن حجاز تي قبضو ڪيو.
عبدالعزيز بن سعود هڪ ٻي کان پوءِ مختلف قبيلن جي سردارن کي شڪست ڏيندو ويو ۽ هر قبيلي جي سردار جي ڌي يا ان جي زال سان نڪاح ڪندي ويو. شڪست خورده قبيلا ڊپ ۽ شادين جي ڪري، عبدالعزيز جو ساٿ ڏيندي ويا. عبدالعزيز پنجين شادي کان پهرين ڪنهن نه ڪنهن سابقه هڪ زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو هو. اهڙي طرح ٿوري ئي عرصي ۾ ساري عرب علائقي تي هن جو قبضو ٿي ويو.
8 جنوري 1926ع جو هن نجد، حجاز، رياض ۽ انهن سان ملحقه علائقن کي ملائي، پنهنجي پيءَ سعود جي نالي تي دولت اسلامي سعوديه عربيھ جو نالو ڏنو ۽ پاڻ شهنشاه هئڻ جو اعلان ڪيو.
شاهه ابن سعود پنهنجي حڪمت عملي ۽ تدبير سان ملڪ ۾ امن ڪرايو ۽ طوائف الملوڪي کي ڪنٽرول ڪيو. بحري قزاقي به ان وقت عروج تي هئي. پنهنجا هٿيار بند تيار ڪري انهن کي به ختم ڪرايو. لاتعدد مختلف قبيلن کي هڪ سياسي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو.
سعودي عربيه جو ڪڏهن هو دور به هو جو هي ملڪ دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ حڪومت جو ڪاروهنوار غير ملڪي حاجين ۽ معتمرين کان خدمت جي نالي تي ٽيڪس جي وصولي سان ٿيندو هو. انهي ڪري صرف ايران پنهنجي حاجين جي حفاظت لاءِ سالانه ٽي لک ريال ٽيڪس جي نالي تي حڪومت کي ڏيندو هو. ٻي مسلم دنيا الڳ الڳ مقرره ٽيڪس ڏيندا هئا. 1940 جي عشري ۾ سعودي عربيه ۾ پيٽرول نڪتو ۽ هن علائقي جي ڪايا پلٽجي ويئي ۽ هي غريب ترين ملڪ دنيا جي انتهائي اهم امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ۽ هاڻ اهو ملڪ ٻين غريب اُسرندڙ ملڪن جي مدد ڪري رهيو آهي. اتحاد بين المسلمين جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪندڙ ۽ معاون ملڪ آهي. شاهه عبدا،لعزيز جا تقريباً 80 پٽ آهن ۽ لڳ ڀڳ ايتريون ئي ڌيون آهن. انهن پٽن، ڌيئن جو اولاد دراولاد سان هن وقت حالت اها آهي ته سعودي عرب ۾ هر چوٿي موٽر تي شاهي خاندان جي نشان سان نمبر پليٽ لڳل هوندي. بلامبالغه جي چئجي سگهجي ٿو ته هزارن جي تعداد ۾ شاهه عبدالعزيز جا پوٽا پوٽيون ۽ پڙپوٽا هوندا.
شاهه عبدالعزيز هي هڪ قانون ٺاهي ويو آهي ته ان جي اولاد مان جيڪو به بادشاهه بنجي. پر ان کان بعد، ان جو پٽ بادشاه نه ٿئي. بلڪ ان جي باصلاهيت ڀاءُ کي بادشاهه بنايو وڃي.
رائل ڪائونسل نئين بادشاهه ۽ ولي عهد جو انتخاب ڪندي آهي.
دشمنان اسلام گهرن ٿا ته ان خاندان جو اتحاد ٽٽي وڃي. تان جو سعودي عربيھ وري به قبيلن ۾ ورهائجي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪمزور ٿي وڃي. جن ۾ مغربي دنيا عموماً ۽ آمريڪا، ايران خصوصاً رات ۽ ڏينهن انهي ڪوشش ۾ آهن. اندروني طور آمريڪي اثر و رسوخ زياده آهي. حڪومت جي هر شعبي ۾ آمريڪي عمل دخل تمام گهڻو آهي.
مسلم دنيا ۾ ٻين سڀني ملڪن مان سعودي عربيه جو جهُڪاء پاڪستان سان وڌيڪ آهي، پاڪستان کي هر ڏکئي وقت ۾ سعودي عربيه جو ساٿ ۽ تعاون رهيو آهي ۽ رهندو اچي پيو.