سج ۽ چنڊ ٻئي هڪ برج ۾
صديق اڪبر: وراڻيو، ها سائين غار صاف ٿي ويئي آهي.
آنحضرتﷺ: هاڻ ڏينهن ٿي ويو آهي. هر شيءِ پري کان صاف ڏسڻ ۾ پئي اچي. هلو غار ۾ هلي لِڪون. اهو چوندي ئي آفتابِ عالم ۽ ماهتابِ عالم ٻئي غار ۾ داخل ٿي ويا. صديق اڪبررضه پنهنجي چادر وڇايائين. پاڻ ڀلارا چادر تي ويٺا ۽ ليٽڻ جو ارادو ڪيائون. ته حضرت ابو بڪر صديق کين عرض ڪيو ته سائين! منهنجي هنج اوهان لاءِ هندورو ته منهنجي سٿر اوهان لاءِ وهاڻو آهي. پاڻ ڪريمن اها پيشڪش قبول ڪري آرام ڪرڻ لاءِ ليٽيا. ٻنپهرن تائين ٻئي ڄڻا خاموشي سان ويٺا رهيا. سج جي ڪرڻن ۽ شعاعن ساري ماحول کي روشن ڪري ڇڏيو هو ۽ اُس جي تپش پٿرن کي گرمائي ڇڏيو هو. گرم هوا تمام تيزي سان لڳي رهي هئي.
غار ثور ڪجهه اهڙي طرح واقع هئي. جو سج ٻنپهرن جو مٿي اچڻ جي باوجود غار جي اندر هڪ به شعاع يا ڪرڻو داخل ٿي نٿي سگهيو. بلڪ غار ۾ بدستور انڌيرو رهيو. ٻنپهرن جو سردار دوجهانﷺ، صديق اڪبر جي گوڏي تي سرمبارڪ رکي سمهي پيا. هڪ سوراخ جيڪو باقي رهيو هو. صديق اڪبر جو ان ۾ پنهنجي پير جو آڱوٺو ڏنل هو. ٿوري دير کان بعد پاڻ ڀلارا گهري ننڍ ۾ هئا ۽ ابوبڪررضه سندس خدمت ۽ حفاظت ۾ جاڳي رهيا هئا. جنهن سوراخ تي حضرت ابو بڪر رضه جي پير جو آڱوٺو ڏنل هو. ان ۾ هڪ زهريلو ڪارونانگ ڇپيل هو. انکي سوراخ مان ٻاهر نڪرڻو هو. چونڪه سوراخ آڱوٺي سان بند هو. انهي ڪري نانگ ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڪاوٽ بنيل آڱوٺي تي ڏنگ هنيو.
صديق اڪبر رضه جي پير مبارڪ مان رت ڦوهارا ڪري وهڻ لڳو. ۽ سارو جسم زهر سبب جلڻ لڳو. مگر آنحضرتﷺ جن جي ننڊ خراب ٿيڻ جو احتمال هو. ڇو ته پاڻ ڀلارنﷺ جو سر مبارڪ سندن گوڏي تي هو. انهي ڪري بنان ڪنهن چُر پُر جي تڪليف برداشت ڪندي رهيا. مگر محبوب خدا کي جاڳايائون نه.
هي سچ آهي ته جن ٻن ۾ محبت هوندي آهي انهن کي هڪ ٻي لاءِ اُٿي ويٺي، سُتي جاڳي، آداب جو خيال ۽ فڪردامن گير هوندو آهي. جيتري قدر صديق اڪبر رضه کي حضور اڪرمﷺ سان محبت هئي. اوتري قدر آنحضرتﷺ کي به صديق اڪبر سان محبت هئي. تون جنهن جي تات سي پُڻ تنهنجي تات جڏهن صديق اڪبر کي نانگ ڏنگيو ان کي تڪليف ٿي. سندن اکين مان سور جي ڪري ڳوڙها نڪتا. سائينﷺ جن جي چهره انور تي ڪريا. سرور ڪونينﷺ سجاڳ ٿي پيا. صديق اڪبر جي طرف ڏٺو ته ان جو چهرو مبارڪ پيلو ۽ ڦڪو ڏٺائون پاڻ ڀلارا اٿي ويٺا.
آنحضرتﷺ: صديق ڇا ماجريٰ آهي. تنهنجو چهرو ڇو ڦڪو ۽ لٿل آهي؟
صديق اڪبر: اي الله جا سچا رسولﷺ مون هن غار جا سڀ سوراخ بند ڪري ڇڏيا هئا. مگر هڪ سوراخ باقي رهجي ويو هو. ان سوراخ تي مون پنهنجي پير جو آڱوٺو ڏيئي ڇڏيو هو. ڪنهن زهريلي جانور ڏنگ هنيو آهي.
حضورﷺ: ڏسان ڪٿي ڏنگيو آهي. صديق اڪبر سوراخ تان پير هٽايو ته فوراً ان مان نهايت خوفناڪ ۽ ڪاري رنگ جو نانگ نڪري بيهه رهيو.
پاڻ ڀلاراﷺ: نانگ سان مخاطب ٿيندي فرمايو، اي ڪارا نانگ تو منهنجي صديق جي آڱوٺي تي ڏنگ هڻي مونکي ڏاڍو ايذايو آهي. تَئين ميڏي دل رنجائي اي، مار تيڪون مار گهتان، تو ميڏي محبوب دا پير رنجايا اي.
نانگ آنحضرتﷺ جي طرف ڏٺو ۽ جهُڪيو ۽ غار مان ٻاهر نڪري هليو ويو. آنحضرتﷺ جن پنهنجي وات مبارڪ مان پِڪ مبارڪ ڪڍي صديق اڪبر جي آڱوٺي تي خود پاڻ لڳايائون. خدا جو شان جو فوراً سور ۽ جلن ختم ٿي ويئي. ترياق جهڙي طرح زهر جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح پاڻ ڀلارن جي لعابِ دهن نانگ جي زهر جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو. جهڙو ڪر ڪجهه به نه ٿيو هجي.
سهڻي سائين، حضرت ابو بڪر رضه جي دل جوئي لاءِ کانئس پڇيو. صديق اڪبر رضه ڇا تمنا آهي؟ صدق و وفا جي صاحب فرمايو. اي الله جا سچا رسولﷺ دل ٿي گهري ته هڪ مان هجان. ٻيو تون هجين، منهنجون اکيون تو ۾ هجن ۽ تون منهنجي اکين ۾ هجين. پوءِ توکي نه ڏسي ڏيهه. آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.
* اکين ۾ ٿي ويهه آئون واري ڇپر ڍڪيان،
توکي نه ڏسي ڏيهه آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.
(شاهه)
* من تو شدم تو من شدي
من تن شدم تو جان شدي
تاڪس نگو يد بعد ازين من ديگرم تو ديگري
(خسرو)
۽ پڻ انهن گهڙين جي ۽ صديق اڪبررضه جي آواز جي ترجماني احمد ملاح پنهنجي زباني هيئن ڪئي آهي. اي سماع ٻُڌ!!
مرحبا محبوب! منهنجا، تو مٿان سِر گهوريان،
گس گهٽيون ڇايان گلن سان، گنج گوهر گهوريان.
هي تن، هي بدن، هي جان هي جسم،
تنهنجي جلوي جوت تان جنسار جوهر گهوريان.
ماڻڪن جا مينهن وسايان، تنهنجي مارڳ، ماڳ تان،
تنهنجي خدمت ۾ خزانا، خوب خوشتر گهوريان.
هنجه هرڻ، هورون پريون، هيرا حسن ۾ هيچ هٿ،
تنهنجي جلوي جوت تان جنسار جوهر گهوريان.
تنهنجي خط ۽ خال کي، مشڪي خطا، ڪوٺڻ خطا،
عرق تنهنجي تان عجيبا! عطر عنبير گهوريان.
ڪونجڙين ڪي ڪرنمايا، ڪنڌ اڳيان تنهنجي قريب!
تنهنجي قهه قهه تان ڪيڪ، قمريون، ڪبوتر گهوريان.
نڪ نيلوفر نمونو، نرم انگ، نرمل اکيون،
تنهنجي پيرن تان پيارا! پٽ پٽيهر گهوريان.
چنڊ چهرو چسم چڪ مڪ، چوسرو چوٽو چنڊن،
وات ڪوثر کان ڪَثر، زمزم ذقن سر گهوريان.
آهي ”احمد“ کي اندر ۾، عمر ساري جي اداس،
اچ ته اڄ ڪي من اندر جون اوريان گهر گهوريان.
مرحبا محبوب منهنجا! تو مٿان سر گهوريان.
محبوبن مرڪي کڻي ماٺ ڪئي وري به پاڻ ڀلارن آرام ڪيائون سڄو ڏينهن خاموشي سان غار اندر رهيا. شام جو جڏهن سج لٿو ۽ هر طرف رات جي اونڌاهي پنهنجا پر پکيڙيا. اونڌهه ٿيڻ شرط صديق اڪبر جو غلام عامر ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي اتي پهچي ويو. صديق اڪبر ٻاهر آيا. عامر وڌي سلام ڪيو. صديق اڪبر سلام جي جواب بعد، چيو عامر ڪجهه کير آڻ جو پاڻ ڀلاراﷺ سڄي ڏينهن جا بلڪل اڃايل ۽ بکايل آهن. عامر وٽ هڪ ڪاٺ جو پيالو هو. اهو ڀري صديق اڪبر رضه کي ڏنو. صديق اڪبر اهو پيالو آنحضرتﷺ کي غار ۾ ڏيڻ لاءِ وڌيا ته پاڻ ڪريمﷺ به غار کان ٻاهر نڪري آيا. کير جو پيلاو وٺي. هڪ پٿر تي ويهي اڌ پيالو کير پيتو ۽ اڌ واپس صديق اڪبر رضه کي ڏنو. اهو بچيل کير صديق اڪبر رضه جن پيتو ۽ پيالو عامر کي واپس ڪيائون. اڃان ٿوري دير ئي مس گذري ته ابوبڪر صديق جو پٽ عبدالله ۽ سندس ڌي بي بي اسماء رضه به کاڌو کڻي غار تي پهچي ويا. ٻنهي پهرين حضور انورﷺ کي پوءِ صديق اڪبررضه کي سلام ڪيائون. ٻنهي بزرگ هستين انهن ٻنهي کي ڍير ساريون دعائون ڏنيون ۽ کاڌو پاڻ سڳورن جي اڳيان رکيو.
صديق اڪبر رضه: ”پنهنجي پٽ عبدالله کان پڇيو“ ها پٽ! ڪر خبر، قريش جي ڪافرن جي ڪا خبر ڏي. اڄ سمورو ڏينهن هنن ڇا ڪيو؟
حضرت عبدالله: بابا سائين اڄ صبح جو جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجھ. حضورﷺ جن جي بستري تان اٿيا ته ڪافرن کيس گهيري ورتو. ان کان پڇيائون ته ٻُڌاء محمد ڪيڏانهن ويو. ان لاعلمي جو اظاهر ڪيو. ڪافرن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. انهن حضرت علي سائين کي ڏاڍي مارڪُٽ ڪئي. پر حضرت علي سائين پنهنجي ڳالهه تي ڊٽيا رهيا. تمام ڪافر آنحضورﷺ جي زنده هلي وڃڻ سان ڏاڍا حراسان ۽ ڊنل آهن ۽ اُهي پنهنجي گهر به آيا هئا. آئون به گهر ۾ موجود هئس. ادي اسمآء ۽ادي عائشه هئا. اُهي ادي اسماء سان اٽڪي پيا ۽ پڇڻ لڳا ته تنهنجو پيءَ ڪٿي آهي؟ ان چيو ته مون کي ان جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي. ها! اَبُو! ظالم ابوجهل ڪاوڙ مان ادي اسماء کي اهڙي زوردار ٿڦڙ هنئي جو ان سان ادي جو ڳل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس ڪن جي والي به هيٺ پٽَ تي ڪري پئي. صديق اڪبر کي جوش اچي ويو ۽ چيائين ته بدبخت ابوجهل تنهنجي تقدير توتي منڊلائي رهي آهي. اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن تون ذليل و خوار ٿيندين ۽ تنهنجي ماءُ توتي ماتم ڪندي؟
بي بي صاحبه سمجهي ويئي ته بابا سائين کي چمات جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. بي بي سانئڻ فرمايو ته نه، نه بابا سائين ابوجهل مون کي آهستي سان ٿورڙي لَپاٽ هنئي هئي ۽ مون پنهنجي والي جلدائي سان کڻي ورتم.
صديق اڪبر جوش سان ڀرجي چيو ته، مگر ان ملعون کي منهنجي ڌي تي هٿ کڻڻ جو ڪهڙو حق هو؟ ڪاش! الله جو رسولﷺ اسان کي تلوار کڻڻ جي اجازت ڏي ها ته والله آئون اِنهي وقت ان مردود ۽ بزدل جي خبر ۽ بدلو وٺان ها. الله جي رسولﷺ فرمايو ابو بڪر! اسان جو توهان جو ۽ جملي مسلمانن جو بدلو خدا وٺندو. هو ئي اسان جو والي ۽ وارث آهي. ڇا هو ڏسي نٿو؟ اسان اِنهن مشرڪين مڪي جو ڇا وڃايو آهي؟ اهو ڪم خدا جي حوالي ڪري ڇڏ. اهو ئي بهترين بدلي وٺڻ وارو آهي. اهو ٻڌي صديق اڪبر رضه نرم ٿيو ۽ چيائين ته اُفوض امري الي الله مون پنهنجو ڪيس ۽ پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪيم. خدا منهنجي نياڻي جو بدلو وٺندو. چڱو عبدالله پوءِ ڇا ٿيو؟
عبدالله: جڏهن انهن کي اوهان جو سراغ نه مليو ته اُنهن تمام اهل مڪي کي تلاش لاءِ چيو. اوهان جي حاصل ٿيڻ جي صورت ۾ ڪافي ساري انعام و اڪرام جا واعدا وغيره ڪيا اٿن. ماڻهو هر طرف اٺن، گهوڙن تي چڙهي ويا. مگر سڀ جو سڀ ناڪام و نامراد موٽيا.
آنحضرتﷺ: انشاء الله ناڪام ئي رهندا. هاڻ سڀني گڏجي کاڌو کاڌائون کاڌي کائڻ کان بعد صديق اڪبررضه پنهنجي پٽ عبدالله کي چيو. پُٽ هاڻ تون ۽ ڀيڻ اسماء ٻئي ڄڻا وڃو. رات ڪافي گذري چڪي آهي. صبحاڻي رات وري به ٻئي ڄڻا ڀاءُ ڀيڻ ماني کڻي اچجو ۽ پڻ قريش جي ڪافرن جي مڪمل رپورٽ وٺي اچجان.
ٻئي ڀاءُ ڀيڻ سلام ڪري روانه ٿيا ۽ انهن جي رواني ٿيڻ بعد صديق اڪبر رضه عامر کي چيو ته عامر پُٽ تون انهن جي پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ اهڙي طرح ڪاهي وڃ جو انهن جي پيرن جا نشان ختم ٿي وڃن. عامر چيو، سرڪار ائين ئي ٿيندو توهان بي فڪر رهو.
عبدالله، اسماء ۽ عامر جي رواني ٿيڻ بعد ٻنهي هستين عشاء جي نماز پڙهي جبل جي هڪ وڏي ڇپ تي چادر وڇائي سمهي پيا. پره ڦٽڻ تائين نهايت آرام ۽ بي فڪري سان سُتا رهيا.
طلوع سحر کان پوءِ اُٿي ضروريات زندگي کان فارغ ٿي صبح واري نماز پڙهي وري غار ثور ۾ لڪي ويا.
جڏهن سج اڀريو ته آنحضرتﷺ ۽ ابو بڪر صديق رضه جن ڏٺو ته هڪ وڏو ڪوريئڙو غار جي منهن تي اچي ڄار اُڻڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ڄار اُڻي، تمام غار جو منهن ڍڪي ڇڏيائين ته هڪ پاسي هليو ويو. ان جي وڃڻ کان بعد ٿوري دير ۾ ٻه جهنگلي ڪبوتر آيا. جن غار جي منهن جي ويجهو ئي پنهنجو آکيرو ٺاهڻ شروع ڪيو ”نوٽ“ مڪي ۽ مديني ۾ جيڪو ڪبوتر آهي. اهو ان جي نسل مان آهي.
حضورﷺ: پنهنجي يار غار صديق اڪبر رضه کي چيو، ابو بڪر تو خدا جي ڪا حڪمت ڏٺي.
ابو بڪر: ها يا رسول الله، ڪوريئڙي جو ڄار اُڻي هليو وڃڻ، ڪبوتر جو آکيرو ٺاهڻ، بغير وجهه ناهي، ضرور ڪا حڪمت آهي.
آنحضرتﷺ: ابو بڪر تو ٺيڪ سمجهيو آهي. حڪيم جو ڪو به ڪم حڪمت کان خالي نه هوندو آهي. لڳي ٿو ته اڄ قريش جا ڪافر اسان جي ڳولا ۾ هن طرف اچن. انهي ڪري قدرت واري اسان جي حفاظت جو انتظام. ڪوريئڙي جي ڪمزور ڄار ذريعي ڪيو آهي.
صديق اڪبر: ليڪن هڪ ڪمزور ڪوريئڙي جي ڄار اُڻڻ ۽ جهنگلي ڪبوترن جو آکيرو ٺاهڻ. اهو اسان جي ڪهڙي طرح حفاظت ڪندا؟
آنحضرتﷺ: ابو بڪر رضه خدا پنهنجي حڪمت جي رازن کي هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. اسان ان جي گهرائي تائين نٿا پهچي سگهون. بندي جي مَن ۾ هڪڙي هوندي آهي ۽ خدا ٻي ڪري ڇڏيندو آهي. تڏهن ته هو خدا آهي.
صديق اڪبر رضه اڃان ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ٻئي ڪبوتر ڦڙ ڦڙاهٽ ڪري اڏاڻا.
پاڻ ڀلارن فرمايو! ابو بڪر هوشيار باش. دشمن پهچي ويا آهن. ٻئي ڄڻا خاموش ٿي ويا. انهن کي غار جي ٻاهران ڳرن پيرن جي آواز جي آهٽ محسوس ٿي. اهو ٻنپهرن جو وقت هو. سخت ۽ گرم لُو هلي رهي هئي.
اگرچه غار کان ٻاهر سخت ڪاڙهو ۽ اُس هئي. مگر غار اندر مڪمل اونڌاهي ۽ ٿڌاڻ هئي. هي ٻئي بزرگ هستيون بلڪل خاموش ۽ پيرن جو آواز ٻڌي رهيا هئا. متعدد ماڻهن جي پيرن جو آواز هو جيڪو وڌندو ويجهو اچي رهيو هو.
ابو بڪر رضه: (نهايت آهستگي سان) اي خدا جا حبيبﷺ دشمن بلڪل مٿي تي اچي ويا آهن.
آنحضرتﷺ: لاتحزن اِن الله معنا. ابو بڪر ڪو به کٽڪو نه ڪر پنهنجو محافظ پاڻ سان گڏ آهي. صديق اڪبر رضه خاموش ٿي ويا. هاڻ پيرن جو آواز ايتري قدر ويجهو اچي ويو. جو ان غار نشينن سمجهي ورتو هو ته دشمنن کي اسان جو سراغ ملي ويو آهي ۽ هو سِڌا انهن جي ڳولا ۾ غارِ ثور تي اچي ويا آهن. صديق اڪبر رضه ڏاڍو گهٻرايو. سوچيائين ته آخرالزمان نبيﷺ فخرالرسول، رحمت اللعالمين الله جي امانت مون ساڻ آهي. هاڻ الائي جي ڇا ٿيندو؟ مٿي نظر ڪري ڏٺائون ته ابوجهل، ابولهب، ابوسفيان، عتبه، شيبه وغيرهم سامهون آهن. پر غار جي طرف انهن ڪافرن جي پُٺ هئي.
صديق اڪبر رضه: (اشارن سان) منهنجا سائين. صدقي وڃان. هي دشمن سامهون ئي ته اچي ويا آهن. اگر هنن پنهنجي پيرن جي طرف نظر ڪيو ته اسان کي ڏسي وٺندا آنحضرتﷺ ”تسلي آميز انداز ۾“ ابوبڪر هو اسان جي پيرن جي طرف نظر ڪن ڇو؟ نظر ڪو نه ڪندا فڪر نه ڪر. مطلق نه ڊڄ. اهي پنهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن. ”واهه سهڻا واهه فداه ابي و امي“ تنهنجو يقين ۽ ڀروسو،ﷺ.
صديق اڪبر رضه ڪجهه چوڻ وارو هو ته، ڪنهن انهن مان چيو، اي قريش جا سردارو هن کان اڳتي پيرا نٿا هلن. پنهنجو مطلوب محمدﷺ ۽ سندس ساٿي ابوبڪر اتي ڪٿي لڪي ويا آهن. يا ته آسمان تي اڏامي ويا آهن. يا ته هُبُل ڪندو جو زمين هنن کي ڳهي ويئي.
ابوجهل: هتي ئي تلاش ڪريو. اتي ئي لڪيا هوندا. آسمان تي اڏامي نٿا وڃي سگهن ان کان پوءِ آواز بند ٿي ويو. صرف پيرن جي آهٽ محسوس ٿي رهي هئي. ٿوري دير بعد ڪنهن چيو، سارو جبل ڇاڻي ڇڏيو، ڪٿي به پيرو نٿو ملي، نه معلوم هو ڪيڏانهن ويا.
ابوسفيان: اسان جبل جو ذرو ذرو، ڪنڊ ڪڙڇ، پٿر پٿر ڪري نهاريو آهي. اهي هتي ناهن، هنن حرامين پيرين اسان کي دوکو ڏنو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي پيري ڪميڻا، هُنن ٻنهي سان مليل هجن ۽ اسان کي اهي ٻي طرف وٺي آيا هجن.
ابوجهل: نه، نه ابوسفيان، مون کي هنن سراغ رسانن تي مڪمل ڀروسو آهي. هي پنهنجا خاص ماڻهو آهن ۽ هي اسان کي دوکو نٿا ڏيئي سگهن. هڪ پيري چيو: سائين اسان، اوهان کي يقين ٿا ڏياريون ته اسان اوهان کي دوکو ناهي ڏنو. پر اسان پيرن جا نشان هيس تائين صحيح انداز سان آندا آهن. مگر هتي پهچي ڪري پيرن جا نشان غائب ٿي ويا آهن.
وليد: ڀلا هن غار ۾ ته ڏسو شايد هن غار ۾ لڪيا هجن؟
صديق اڪبر رضه اهو جملو ٻڌي ورتو ۽ ڪجهه پريشان ٿيو. جو مون کي ڪو نقصان پهتو ته ڪو حرج ناهي. مگر مون سان گڏ الله جي امانت ۽ ان جو محبوب نبيﷺ آهي. ان جو ڇا ٿيندو؟
آنحضرتﷺ: اشاري سان انکي وري تسلي ڏني ۽ خاموش رهڻ لاءِ چيو.
ابو جهل: ”ٽوڪ طور“ ها ها! غار جي اندر هوندا. وليد ذرا عقل کان ڪم وٺ. هي غار صدين کان خطرناڪ حالت ۾ پئي آهي. ڪنهن کي کُٽي کنيو آهي ته هن غار ۾ گهڙي. ڪو به ماڻهو ان ۾ داخل ٿيڻ جي سوچڻ جي به جرئت نٿو ڪري سگهي.
ابوسفيان: وليد تو ڪوريئڙي جي ڄار ڪو نه ڏٺي؟ اگر ڪو انسان هن غار ۾ هجي ها ته ڇا اهو ڄارو صحيح ۽ سلامت رهي ها؟ ڏس هڪ تار به ٽٽل ناهي ۽ هي تازو ڪبوتر جا لاٿل انڊا، ڇا ماڻهو اندر هجن ۽ ڪبوتر جا آنا هت هجن ٿي سگهي ٿو؟ حالانڪ ڪبوتر نرمادي پاڻ کي ڏسي هاڻ ئي ته اڏاڻا آهن.
ابولهب: وليد جي ته مَت ويئي آهي نه ڄارو ٿو ڏسي. نه ان کي ڪبوترن جو آکيرو ۽ آنا ڏسڻ ۾ ٿا اچن؟ نه آکيري مان اڏامڻ وارا ڪبوتر ٿا نظر اچن. ڀلا ان بد عقلي ۽ موڳائي جو به ڪو علاج؟
عُتبه: هي وليد ته اڳي به اهڙيون بي تُڪيون ۽ بي سُريون ڳالهيون ڪندو آهي. هن جي ڳالهين تي نه لڳو.
شيبه: ”ڪوريئڙي جي ڄار کي ڏسندي“ هينئن چيو ته يارو! هي ڄار ته ايتري پراڻي آهي جو محمد جي ڄمڻ کان به اڳ جي آهي.
اچو هلو. هلو اهي هتي ناهن. ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته هو ڪيڏانهن ويا. وليد ڦِلهو منهن ڪري ماٺ ڪري بيهه رهيو. سڀ ڪافر نامراد و ناڪام واپس موٽيا. جڏهن اهي پري نڪري ويا ته صديق اڪبر الله جا شڪر ۽ احسان مڃيا.
صديق اڪبر رضه: الله پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان، جنهن اسان کي ڪافرن جي شر کان بچائي ورتو.
آنحضرتﷺ ابو بڪر جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو ڪندا آهن ته خدا به انهن جي حفاظت ۽ مدد ڪندو آهي. هڪ مسلمان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دنيا جي جملي طاقتن کان منهن موڙي ۽ بي نياز ٿي. صرف هڪ خدا جي طاقت تي ڀروسو ڪري ته انشاء الله خدا پاڪ ضرور ان جي مدد ڪندو ۽ ان جي قبوليت وارو دروازو تڏهن کلندو آهي. جڏهن ٻيا سڀ دروازا بند هوندا آهن.
صديق اڪبررضه: منهنجا حضورﷺ واقعي توهان جي ڳالهه درست آهي. اسان ڪافرن کي ايتري قدر ويجها ۽ ان حد تائين سامهون هئاسون. جو هڪ قدم وڌي غار جي اندر ذرا سي نظر ڪن ها ته اسان سامهون نظر اچي وڃون ها. مگر ڪافرن جي فريب ۽ مڪر کان خدا کي اسان جي حفاظت منظور هئي ان ڪري ان مالڪ سائين انهن جي مڪر ۽ فريب کي ختم ڪري. ان اهڙا اسباب پيدا ڪيا، جو ڪافر دوکو کائي واپس هليا ويا.
اِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا وَّاَكِيْدُ كَيْدًا فَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا
(ترجمو: اهي ڪافر تدبيرون ڪن ٿا ۽ آئون الله به تدبير ڪريان ٿو پوءِ اي محمدﷺ تون انهن کي ٿوري مهلت ڏيئي ڇڏ پوءِ ڏس ته ڪنهن جي تدبير مؤثر آهي. حالانڪه تدبير جو مالڪ ته آئون ئي آهيان.)
آنحضرتﷺ: ابو بڪر هاڻ بي خوف و خطر آرام ڪريو. ٻئي بزرگ هستيون غار اندر چادرون وڇائي سمهي رهيا. سج لڙڻ مهل اٿيا. غار کان ٻاهر تيمم ڪري پنهنجي خدا جي آڏو سربسجود ٿيا. ظهر جي نماز پڙهي رب پاڪ جا شڪر بجا آندا، ان وقت سج جي گرمي پنهنجي جوڀن جي آب و تاب تي هئي.
آنحضرتﷺ: ابو بڪر ٻاهر نڪري مٿاهين چٽان تي چڙهي ڏس. ڪٿي عامر هجي. صديق اڪبر رضه غار کان ٻاهر نڪري مٿاهين چٽان تي چڙهي ويو. چوطرف نظر ڊوڙائي ڏٺو. مگر عامر ڪٿي به نظر نه آيو. صديق اڪبر رضه هيٺ لٿو. محسن انسانيت جي ويجهو اچي عرض ڪيو ته عامر جو ڪجهه به پتو ناهي. هر طرف واري جو طوفان آهي. ڏسڻ ۾ ڪجهه به نٿو اچي. سڄو ڏينهن ٻنهي هستين اڃايل، بکايل وقت گذاريو. عصر نماز پڙهي، پوءِ مغرب نماز پڙهي. اگرچه سج لهي چڪو هو. مگر پٿر اڃان به گرم هو. هي ٻئي آفتاب عالم ۽ ماهتاب عالم هڪ کليل وڏي چٽان تي ويهي رهيا.
ايتري ۾ عامر به ٻڪرين جو ولر ڪاهي پهچي ويو. عامر ٻڪريون ڏهي کير جو وٽو حاضر ڪيو. ٻنهي بزرگن کير پيتو.
صديق اڪبر رضه: عامر ڇا تو ڏينهن جو ڪفار قريش کي ڏٺو هو؟
عامر: ها سائين اڄ آئون سڄو ڏينهن جبل جي دامن ۾ ٻڪريون چاري رهيو هوس مون قريش جي سردارن کي جبل تي ايندي ۽ مٿي چڙهندي ڏٺو هو. آئون ڊڄي ويس ته متان نه اهي ظالم توهان تائين پهچي وڃن. آئون ته انتظار ۾ هوس ته خدا خير ڪري مون عزم ڪري ڇڏيو هوم ته خدانخواسته اگر اهي توهان تائين پهچي ويا ۽ توهان کي قيدي بنايائون ته پهرين منهنجي تلوار هنن جو فيصلو ڪندي. پوءِ اڳتي ڏٺو ويندو. سائين هي منهنجي تلوار ڏسو ڪيئن ڀلا چڱي آهي. اڄ پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهيان مگر خدا جا اڻ ڳڻيا احسان ۽ ڪروڙها ڪرم جو ان جي نوبت ئي نه آئي ۽ اهي زليل و خوار ٿي واپس موٽيا.
ٿوري دير بعد حضرت عبدالله ۽ بي بي اسماء ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اچي ويا. سلام ڪيائون. بي بي اسماء اڳتي وڌي کاڌو پاڻ ڀلارن جي اڳيان رکيائين.
صديق اڪبر رضه: ها! پُٽ عبدالله اڄ جي ڪارگذاري ٻُڌا، ڏينهن ڪيئن گذريو؟
عبدالله: با با سائين اڄ به ڪافرن ۽ لوفرن سڄو ڏينهن مڪي جا گهٽ، گهيڙ، گهٽيون، جهر جهنگ چو طرف ڳولا ڪرڻ ۾ ڪو نه گهٽايو. مگر ناڪام ۽ نامراد ٿي شهر ۾ واپس آيا. شام جو انهن حرم بيت الله ۾ هڪ مجلس شوريٰ گهرائي. مشوري ۾ طئي ٿيو ته جيڪو به محمد ۽ ابو بڪر صديق کي مرده يا زنده هٿ ڪندو ته ان کي هڪ سو سُٺن اُٺن کان سواءِ ٻيو به ڪيترو ئي انعام و اڪرام ڏنو ويندو.
آنحضرتﷺ: ”مسڪرائي فرمايو ته“ انشاء الله ڪافر پنهنجي اراد ي ۾ ناڪام ئي رهندا. پر هاڻ اسان کي صبحاڻي رات جو هتان کان روانو ٿيڻو آهي.
صديق اڪبر: ”خوش ٿيندي“ حضورﷺ ڇا؟ آئون عبدالله کي چوان ته صبحاڻي رات جو هو ٻه ڏاچيون آڻي ۽ عبدالله بن اربقط کي به اطلاع ڪري ته هو رات جو رهبري لاءِ پنهنجي اٺ سان گڏ پهچي وڃي.
آنحضرتﷺ: ها ان کي ڀلي هدايت ڏيئي ڇڏيو.
صديق اڪبر رضه: نورچشم عبدالله، تو اهي ڳالهيون ٻڌيون. سڀاڻي انهن تي عمل ٿيڻ کپي. ٻئي ڏاچيون تيار ڪري خفيه طور پهچي وڃج. عامر به اسان سان گڏ هلندو. عبدالله بن اربقط کي چئج ته هو به رات جي پهرين پهر ۾ هت پهچي وڃي. بي بي اسماء کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته، ها! منهنجي پياري ڌي تون صبحاڻي سَتو ۽ کجور جا ٿيلها ڀري آڻج ۽ منهنجا ڪپڙا به کنيو اچج. آئون سمجهان ٿو ته اوهان کي وڌيڪ سمجهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هر ڳالهه ۾ احتياط ضروري آهي. ٿورو چوڻ گهڻو سمجهڻ.
عبدالله ۽ بي بي اسماء چيو ته بابا سائين اسان چڱي طرح سمجهي ويا آهيون. توهان ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به فڪر نه ڪريو. اوهان جيئن چيو ۽ جيئن چاهيو ائين ڏسندا. انهي کان بعد سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ کاڌي کان واندا ٿيڻ بعد عبدالله ۽ اسماء ٻئي ڀاءُ ڀيڻ رات جي اونڌاهي ۾ مڪي ڏانهن روانا ٿيا. ۽ عامر انهن جي پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي روانو ٿيو، ٻڪرين جي ڌڻ جي هلڻ ڪري. عبدالله ۽ اسماء جي پيرن جا نشان ختم ٿيندي ويا.
پاڻ ڀلارنﷺ ۽ صديق اڪبر رضه عشاء جي نماز پڙهي ۽ هڪ چٽان تي چادر وڇائي سمهڻ جي ارادي سان بي فڪر ٿي ليٽي پيا. مگر گرمي گهڻي هئي. دير سان ننڊ آئي. ليڪن جڏهن ننڊ آئي ته آرام سان ستا رهيا. صبح جو پرهه ڦٽي. ٻئي ڄڻا ضروريات زندگي کان فارغ ٿي فجر نماز باجماعت پڙهي ۽ غار ۾ هليا ويا ٻنپهرن تائين غار اندر ويٺل رهيا. جڏهن سج لڙيو ته نماز ظهر ادا ڪئي. اڃان نماز ظهر کان فارغ ٿيا ئي هئا ته عامر کير جو هڪ وڏو وٽو ڀريل کڻي آيو ٻنهي هستين کير پيتو.
صديق اڪبر رضه: عامر ڏي خبر! ڇا ڪافر اڄ هن طرف آيا هئا؟
عامر: يا سيدي ها، اڄ به ڪجهه ڪافر اُٺن تي سوار ٿي صبح سويري يثرب طائف، جده ۽ ٻين پاسن تلاش لاءِ ويا آهن. مگر خاص، خاص ماڻهو ڳولا لاءِ نڪتا ناهن، بلڪ لالچي، لوفر ۽ واندا ماڻهو جيڪي انعام جي آسري تي ڌڪا کائي رهيا آهن.
آنحضرتﷺ: غالباً اُهي ناڪام ۽ نااميد ٿي ويهي رهيا آهن؟
عامر: حضورﷺ، بيشڪ ائين ئي معلوم ٿئي ٿو.
صديق اڪبر رضه: عامر وري به خيال رکجين ته اهي مڪي جا مشرڪين ڪيڏانهن وڃن ٿا. اڄ رات جو اسان هتان کان روانا ٿينداسون ۽ توکي به اسان سان گڏ هلڻو آهي. خاص طور هن ڳالهه جو خيال رکج ته يثرب طرف ڪهڙا ۽ ڪيترا ماڻهو وڃن ٿا ۽ اهي واپس اچن ٿا يا نه؟
عامر: ڏاڍو سٺو سائين، توهان مطمئن رهو. ائين چئي هو هليو ويو. عامر جي وڃڻ کان پوءِ آفتاب هدايت ۽ ماهتاب هدايت، ٻنهي سڄو ڏينهن غار ثور ۾ آرام ڪيائون. جڏهن سج لٿو ۽ رات ٿي، ٻئي ڄڻا غار کان ٻاهر آيا ۽ هڪ صاف ٽڪري تي ويهي، عبدالله، عامر ۽ بي بي اسماء جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. حضرت عبدالله ۽ سندس ڀيڻ امان سانئڻ اسماء پهچي ويا. ٻنهي ڄڻن سلام عرض ڪيو. ٻنهي عظيم هستين سلام جي جواب سان گڏ ڪافي ساريون خير، عافيت، برڪت، سعادت مندي ۽ درازي عمر جون دعائون ڏنيون.
آنحضرتﷺ: عبدالله، ڪر خبر، اڄ مڪي جي ڪافرن جي ڪهڙي رپورٽ آهي؟ عبدالله، حضورﷺ مڪي جي ڪافرن مان اڪثر معززين ٿڪجي نااميد ۽ نامراد ٿي ويهي رهيا آهن. مگر جيڪي سُڃا، اتيت ۽ لالچي قسم جا ماڻهو آهن. اُهي اٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي انعام جي لالچ ۾ سارو ڏينهن هيڏانهن، هوڏانهن گهمي رهيا آهن. پر هاڻ ته هنن جو به جوش ٿڌو ٿيندو پيو وڃي.
صديق اڪبر رضه: پٽ عبدالله، تو عبدالله بن اربقط کي چيو هو ته هو ڏاچيون وٺي اچي؟ عبدالله، ها بابا سائين، مون ان کي چيو هو ۽ هو سارو ڏينهن تياري ۾ مصروف هو اميد ته ايندو هوندو.
انهي دوران عامر به ٻڪرين جو ولر ڪاهي اچي ويو. يڪدم کير ڪڍي ٻنهي بزرگ هستين کي پيش ڪيو. ٻنهي ڄڻن کير پيتو، ايتري ۾ عبدالله بن اربقط به ڏاچين سميت پهچي ويو. اُن ايندي ئي سلام ڪيو. سلام جي جواب بعد صديق اڪبر رضه، عبدالله تون تيار ٿي اچي ويئين؟ ڪنهن ماڻهو توکي ايندي ڏٺو ته ڪو نه؟
عبدالله: ها سائين آئون بلڪل تيار ٿي آيو آهيان ۽ يقيناً مون کي ڪنهن به ڏٺو ناهي.
صديق اڪبر رضه: تو ڪنهن کي ڳالهين جي وهڪري ۾ اسان جي يا پنهنجي روانگي جو احوال ته نه ڪيو آهي؟
عبدالله بن اربقط: نه، نه سائين هڪ نمبر ته مون کي ڪو به ماڻهو گڏيو به ناهي ٻيو نمبر ته آئون عرب آهيان. آئون ڪو ذليل قسم جو ماڻهو ناهيان جو رازداري جو عهد ٽوڙي پنهنجي قومي شرافت ۽ اهل عرب جي روايات کي بدنام ڪريان. ياد رکو! جهڙي طرح توهان عرب آهيو. اهڙي طرح آئون به عرب آهيان. هڪ عرب ڪڏهن به غداري يا دوکو نٿو ڏيئي سگهي. ۽ ڪڏهن به وعده خلافي نٿو ڪري سگهي. اسان جو قومي طره امتياز اهو ئي ته آهي.
صديق اڪبر رضه: واقعي عبدالله تون سچ چئين ٿو. الله پاڪ توکي انهي عزم ۾ اڃان وڌائي.
عبدالله بن اربقط: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي دير ڪرڻ مناسب ناهي. جلد روانو ٿيڻ کپي. جيئن سج نڪرڻ کان اڳ اسان ڪافي منزل طئي ڪري وٺون.
آنحضرتﷺ: بلاشڪ جلدي ڪريو. سامان ٻڌو ۽ روانا ٿيو. حضورﷺ جن سامان جو جائزو ورتو. هڪ کجور جو ٿيلهو جيڪو پاکڙي سان ٻڌو ويو. ٻيو سَتُوئن جو ٿيلهو هو. جنهن جي ٻڌڻ لاءِ اتفاق سان رسي نه هئي. اَمَان اسماء اها رسي تڪڙ ۾ گهر ڀلجي آئي هئي ۽ هتي ڪا شيءِ نه هئي جو سَتُوئن جو ٿيلهو ٻڌجي. سڀ سوچڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي؟ فوراً امان اسماء کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. جنهن پنهنجي چيلهه وارو پٽو ”آزار بند“ جيڪو ڊگهو هو. اڌ پٽي سان پنهنجو پاجامو ٻڌو ۽ اڌ ڪٽي، ان سان سَتُوئن واري ٿيلهي کي پاکڙي سان ٻڌو. پاڻ ڀلارا بي بي اسماء جي ان تدبير سان ڏاڍا خوش ٿيا مسڪرائي دعاءِ خير جي ڏيندي فرمايائون اسماء تون ذات النطاقين آهين. بي بي اسماء صاحبه شرمائڻ لڳي. مگر پاڻ ڀلارن جيڪو لقب ڏنو هو. اهو اهڙو ته مشهور ٿيو جو ساري عرب ۾ بي بي اسماء ان لقب سان مشهور ٿي ويئي. اسلامي تاريخي ڪتابن ۾ به بي بي اسماء کي ذات النطاقين لکيو وڃي ٿو. اسلامي ڪلينڊرن مطابق حضورﷺ جن جي عمر مبارڪ انهي واقعي وقت ربيع الاول ۾ ٽيونجاه سال پوري ٿي. چوونجاهه سال شروع ٿيو هو. اهڙي طرح تيرهون سال بعثت پورو ٿي چوڏهن جو آغاز ٿيو هو. اها رات پهرين ربيع الاول سومر هو. مطابق سورهن سيپٽمبر 622 هو. انهي ڏينهن کان پوءِ عالم اسلام ۾ هجري سال شروع ٿيو. غار ثور جي اهميت ۽ افاديت، اسلامي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿي. اها اسلام جي عروج جو ڪارڻ ۽ شروعات جي پيڙهه جو پٿر آهي. هنن چئن ماڻهن جو مختصر قافلو روانو ٿيو ته بي بي اسماء جون اکيون ڀرجي آيون ۽ پنهنجي پُرنم نيڻن سان دعا ڪئي ته اي ڀلارا خدا هن قافلي جي رهنمائي فرماءِ ۽ هن جي حفاظت فرماءِ آمين.
صديق اڪبر رضه: منهنجي پياري ڌي ”الوداع“
الوداع جو لفظ ٻڌندي ئي حضرت اسماءِ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ نيڻن جا نار جاري ٿي ويا.
اکين کي اُداس جو ڏاڍو ڏک ٿيوم،
آيو آب اکين ۾ پتو تڏهن پيوم،
چرين کي چيوم تڏهن به رهيون ڪو نه روئڻ کان.
بي بي اسماء: پيارا بابا سائين شال توهان جيئو، ڇا توهان هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي رهيا آهيو؟
صديق اڪبر رضه: نه، منهنجي پياري ڌي، هميشه لاءِ نه بلڪه اسان دارالامان يثرب پهچي جلد ئي توکي، عائشه ۽ تنهنجي ڀاءُ عبدالله کي پاڻ وٽ گهرائي وٺنداسون.
بي بي اسماء: ”هڏڪيون ڀريندي“ ڏسجو متان اسان کي وساري نه ڇڏيو؟ الله کان سواءِ اوهان کان سواءِ اسان جو هن جهان ۾ ٻيو ڪير آهي؟ بابا سائين اوهان جي وڃڻ کان پوءِ اُهي مڪي جا ڪافر اسان کي ڏاڍو ستائيندا، لهٰذا اسان کي جلد گهرائجو.
بي بي اسماء: ”آنحضرتﷺ سان مخاطب ٿيندي“ اي رحمت اللعالمين توکي خبر آهي ته آئون عائشه جي وڏي ڀيڻ آهيان. توکي ان قرابت ۽ رحمت جو واسطو آهي ته اسان کي نه وسارجو. اي حضورﷺ ياد رکجو ته اسان پنهنجي پٺيان ڪهڙا بي وس، بي ڪس ۽ مجبور ماڻهو ڇڏي آيا آهيون. جيڪي ڪهڙن درندن ظالمن ۽ شرير ڪافرن جي وچ ۾ ڪهڙي ڪسمپرسي جي زندگي گذاريندا هوندا.
آنحضرتﷺ: اسماء توهان منهنجي نهايت معتبر صحابي جي اولاد آهيو. توهان کي ڪيئن وساري سگهجي ٿو. ڏکن پٺيان سک آهن. اِن مع العُسر يُسرا.
ڏک سُکن جي سُنهن گهوريا سک ڏُکن ري،
تنهين جي وِرهون سڄڻ آيو ماڳ ري.
انشاء الله توهان کي ان صبر جو سٺو بدلو ملندو.
ماندي ٿي نه مارئي تنهنجو اهڙو به الله آهي،
سو ورهن جا سورڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،
اهڙو به الله آهي جو ماڳ پهچائيندو مارئي.
اسماء آئون ڪنهن هڪ مسلمان کي به ڀُلائي نٿو سگهان. مون کي منهنجي امت جو هر فرد پنهنجي زندگي، دنيا و جهان کان وڌيڪ پيارو ۽ عزيز آهي. مگر هي تقدير جا چڪر آهن. بندي کي هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻو آهي. ”متان دل لوڏين لهي ڏک ويندا“ چڱو منهنجي ڌي هاڻ الوداع.
حضرت اسماء: في امان الله! خدا حافظ
اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون،
هلڻ هارا سپرين، روئان تان نه رهن،
آئون جهليندس ڪيترو آيل سامونڊين،
پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
هي قافلو مديني ڏانهن روانو ٿيو ۽ عبدالله ۽ بي بي اسماءِ رات جي اونڌاهي ۾ پنهنجين ٻڪرين جو ولر ڪاهي مڪي ڏانهن روانا ٿيا.
میری دعا ہے تم عمر جاودان پائو،
تمھارے قریب غم و پاس نہ آئے۔