مختصر جديد سعوديھ عربيھ جو تعارف
نومبر 1953ع ۾ شاهه عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ سعود بن عبدالعزيز تخت تي ويٺو. ان جي زماني ۾ ولي عهد شهزادو فيصل پنهنجي انتظامي صلاحيتن جي ڪري بااختيار هو. 1960ع ۾ فيصل جڏهن ملڪ کي مالي بحران مان ڪڍي ورتو ته هو ويتر زياده بااختيار ٿي ويو. 1962ع ۾ ان کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 2 نومبر 1964ع جو سعود بن عبدالعزيز پنهنجي ڀاءُ فيصل جي حق ۾ تخت تان دستبردار ٿي ويو.
فيصل 1975ع تائين سعودي عرب جو حڪمران رهيو. سندس ڀائٽي هٿان سندس شهادت کان بعد 25 مارچ 1975ع جو خالد بن عبدالعزيز سعودي عرب جو حڪمران بنيو ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ شهزادو فهد بن عبدالعزيز نائب وزير اعظم مقرر ٿيو. شاهه خالد به ملڪ جي داخلي ۽ خارجي پاليسي شاهه فيصل واري ساڳي جاري رکي. شاهه فيصل جو دور سعودي حڪومت لاءِ هڪ سونهري دور هو. ملڪي ترقياتي جا جيڪي به منصوبا هئا. انهن جو بنياد شاهه فيصل جي دور ۾ شروع ٿيا هئا. شاهه فيصل جي جذبي ۽ شخصيت جو ڪرشمو هو جنهن سعودي عرب جي تمام دولت مسلم اتحاد جي حصول لاءِ خرچ ڪري ڇڏي.
شاهه فيصل ٻين تيل سپلائي ڪندڙ ملڪن سان ملي. انهن ملڪن کي تيل سپلائي بند ڪري ڇڏي. جيڪي اسرائيل جي مدد ڪري رهيا هئا. انهي سان پوري دنيا تي گهرو اثر پيو. ۽ جلد ئي عرب اسرائيل جنگ بند ٿي ويئي ۽ ان سان عربن لاءِ بهتر نتيجا برآمد ٿيا انهي سان يورپي دنيا پهرين دفعي محسوس ڪيو ته اسرائيل جي باري ۾ عربن جي موقف جي ڇا اهميت آهي. تيل کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سان شاهه فيصل جي شخصيت ويتر مزيد مقبول ٿي ويئي.
اهو تيل کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ اهو صرف شاهه فيصل جي جرائت ۽ همت جو آئينيدار هو. شاهه فيصل آمريڪي ڌمڪين جي پرواهه نه ڪندي. پنهنجي منصوبي تي عمل ڪندي مغرب، آمريڪا ۽ اسرائيل کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. ۽ پاڪستان به انهن ڪوششن ۾ سعودي عربيه جو پورو پورو ساٿ ڏنو. سعودي عرب هن وقت ترقي جي انتهائي بلندين تي گامزن آهي. جنهن ۾ ٻنهي حرمين مڪي ۽ مديني جي توسيع، حاجين جي خدمت، پاڻي، صفائي صحت ۽ روڊن جي تعمير جهڙا خاص منصوبن تي ڪم جاري آهي.