مسجد نبوي جو سنگ بنياد ۽ تعمير
پاڻ سڳورن مسجد جي تعمير جي شروعات انهي خريد ڪيل پلاٽ کي هموار ڪرڻ سان ڪئي. کجي جا وڻ ۽ سڪل ٿُڙ وڍيا ويا. مشرڪن جون قبرون کوٽي اتان انهن جا هڏا ڪڍي ٻي هنڌ دفن ڪيا ويا. دڙا دڪا ڊاهي. پاڻي جو چشمون ۽ کڏون ڀريون ويون. اهڙي طرح مسجد لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو بقيع جي ويجهو بيرايوب انصاري، ايوب جو کوهه وٽ مسجد لاءِ ڪچيون سرون لڳايون ويون. انهي کان پوءِ پاڻ سڳورن جي حڪم مطابق اصحاب سڳورا رضه پنهنجن هٿن ۽ پٺن تي سرون ۽ اوساري ۾ ڪم ايندڙ پٿر ڍوئڻ لڳا. جنهن ۾ پاڻ سڳوراﷺ به برابر جا شريڪ رهيا. جيتوڻيڪ پروانا رسالت صحابه ڪرام رضه هر هر پيا عرض ڪن ته اي محبوب خدا! توهان تڪليف نه ڪريو. اسان پاڻهي هي سارو ڪم ڪريون ٿا. پاڻ ڀلارا وراڻين پيا ته نيڪي حاصل ڪرڻ ۾ آئون ته توهان سڀني کان وڌيڪ خدا جو محتاج آهيان. يا وري هيئن به فرمايائون ته خيبر جي کجور ۽ انگور ڍوئڻ جي مزدوري کان هي مزدوري وڌيڪ فائدي واري آهي. صحابه ڪرام رضه جنهن جوش. جزبي، شوق ۽ محبت محنت سان هن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سو ته ڏسڻ وٽان هو. حديثن جي ڪتابن ۾ انهن ڀلارن جي اهڙي نيڪ ۽ پُر خلوص جذبي بابت پڙهي وري پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته انتهائي شرمساري ٿئي ٿي. ڇو ته صحابه ڪرام رضه مسجد کي محض دين جي مرڪز طور تعمير نه ڪندا هئا. بلڪ انهي کي دين جو مرڪز سمجهي توحيد، نماز، تلاوت، ذڪر الاهي ۽ تعليم دين، سکڻ سيکارڻ سان آباد رکندا هئا. ليڪن اسان ته اڪثر ڪري مسجد کي چٽسالي، دنياداري، خود غرضي ۽ مفاد پرستي لاءِ استعمال پيا ڪريون. تڏهن ته هر مسجد جي متولي جو فرقو ٺهيو پيو آهي. مسجد نبوي جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ هڪ پٿر ۽ هر هڪ سر کڻندي هر ڪنهن ڀلاري جي زبان تي ذڪر سان گڏ توحيد جي تنوار ۽ ڪلام الاهي جي تلاوت هئي. ڀلا جنهن مسجد جي اوساري ۽ بنياد ۾ ڪم آيل هر پٿر ۽ اوساري ۽ هر سر سان گڏ حضرت محمد مصطفيٰ سيد الانبياء ۽ سابقون الاولون اصحابن رضه سڳورن جو خلوص ۽ بي ريا عمل شامل هجي ته اهڙي مسجد مٿان رب جون رحمتون، رضائون، برڪتن جون بارشون ڪيئن نه وسنديون رهنديون. مسجد جي پيڙهه ڀرڻ وقت پاڻ سڳورن هي خاص اهتمام ڪيو هو، جو پنهنجي قريبي ساٿين کي سڏائي، پهريون پيڙهه جو پٿر پاڻ رکيائون ته ٻيو پٿر ابو بڪر صديق هٿان، ٽيون پٿر عمر فاروق رضه هٿان ۽ چوٿون پٿر حضرت عثمان غني هٿان ۽ پنجون پٿر حضرت علي المرتضيٰ هٿان رکايو ويو پوءِ معمول مطابق رازي هٿان اوساري شروع ڪئي ويئي. مسجد جي ڇت ۾ کجين جا ڦڙها سٿيل هئا ته کجين جا ٿڙ وري ٿنڀي طور استعمال ڪيا ويا. ڇت تي پيل ڦڙهن مٿان مٽي پکيڙي ويئي. شايد ڪو هلڪو گارو به لڳايو ويو هجي. اصحاب سڳورن جو بيان آهي ته جڏهن بارش پوندي هئي ته ڇت سڄي پئي ٽمندي هئي. پاڻ سڳورا توڙي اصحاب سڳورا، انهي گپ چڪ ۾ خدا جي حضور سربسجود هوندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن پاڻ سڳورن ۽ اصحابن سڳورن مينهن سبب گپ چڪ ۾ پئي سجدا ڪيا ته هڪ اصحابي اهو ڏسي لسيون پٿريون جهولي ڀري کڻي آڻي مسجد ۾ پکيڙيون. بس پوءِ ته ٻيا پروانا رسالت به اهو ڏسي اهڙين پٿرين جا جهول ڀري مسجد ۾ وڇائيندا ويا. پاڻ ڀلارنﷺ جن کي پٿرين جو اهو فرش ڌاڍو پسند آيو. جنهن مان بارش وقت نماز سجدي وغيره ۾ گپ چڪ واري ڪا به تڪليف ڪا نه هئي. هن مسجد کي ”مسجد نبويﷺ“ هن ڪري ٿو سڏجي جو انهي جي پيڙهه جو پٿر خود ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن پنهنجي مبارڪ هٿن سان رکيو هو. پيغمبرﷺ جي هٿن مبارڪن هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو هن ۾ هڪ نماز پڙهڻ جو ثواب ۽ درجو پنجاهه هزار نمازن جي ثواب برابر ٿيو. جيئن مڪي کي بيت الله شريف هئڻ ڪري حرم جو شرف عطا ٿيو. تيئن هن مسجد جي برڪت سان مديني کي به حرم جو شرف ۽ عزت نصيب ٿي. ايڏي عظمت وڌي جو جيئن مڪي شهر تي ملائڪن جو پهرو آهي. تيئن مديني کي به ملائڪن جو پهرو حاصل آهي. هنن ٻنهي شهرن جي حفاظت جو انتظام غيبي طرح نوراني ملائڪن هٿان ڪيو ويو آهي. ڪروڙها ملائڪ انهن ٻنهي شهرن جي انتظام ۾ لڳل آهن. تڏهن ته اهي ٻئي مبارڪ شهر دنيا جي انتظامن جي لحاظ سان سرفهرست آهن، سُبْحَانَ اللَّهَ وَ بِحَمْدِهٖ.