سفرناما

دلبرﷺ جي ديس ۾

ڪتاب ”دلبر ﷺ جي ديس ۾“ مڪي ۽ مديني جو سفرنامو آهي،مولوي محمد يامين لکي ٿو؛ ”جيئن ته، ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
Title Cover of book دلبرﷺ جي ديس ۾

تعمير ابراهيمي

هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليھ السلام کي بحڪم خداوندي جبرئيل عليھ السلام اچي فرمايو ته اي ابراهيم عليھ السلام الله پاڪ توکي سلام چيا آهن ۽ حڪم ڪيو آهي ته ان زمين تي منهنجو هڪ گهر ٺاهه. حضرت ابراهيم عرض ڪيو ته اهو الله جو گهر ڪٿي ٺاهيان. پوءِ حضرت جبرئيل عليھ السلام جتي هن وقت موجوده ڪعبو آهي، جنهن کي پهريائين ملائڪن ۽ پوءِ حضرت آدم عليھ السلام ٺاهيو هو. جيڪو اُن وقت مٽي جو هڪ ڍڳ هو، ڇو ته گردش ايام، تمام گهڻو زمانو گذرڻ، برساتن ۽ جابلو نئين جي ڪري ڊهي ڀڙو ٿي ويو هو. اتي جبرئيل عليھ السلام ڪعبت الله جو نقشو ڪڍيو ۽ چيائين ته هت ڪعبت الله تعمير ڪيو وڃي.
حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي فرمانبردار پٽ اسماعيل عليھ السلام کي چيو ته پٽ! مون کي رب سائين حڪم ڪيو آهي ته آئون سندس پاڪ گهر جي اڏاوت ڪريان ۽ تون مون سان ان ڀلاري ڪم ۾ مددگار ٿين؟ حضرت اسماعيل عليھ السلام جواب ڏنو ته بابا سائين جيڪو اوهان جو حڪم. آئون سر، اکين سان تيار آهيان. اوهان کي الله جو حڪم مون کي اوهان جو حڪم آئون حاضر آهيان. اهڙي ريت حضرت جبرئيل عليھ السلام انجنيئري جا فرائض بجا آندا ته حضرت ابراهيم عليھ السلام رازو ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام معاون ۽ مزدور بنيو.
روايتن ۾ آيل آهي ته حضرت ابراهيم عليھ السلام ڪعبت الله جي تعمير پنجن جبلن جي پٿرن سان ڪئي، جيڪي کيس ملائڪن آڻي ڏنا ٿي ۽ حضرت اسماعيل اهي آندل پٿر کڻي، حضرت ابراهيم عليھ السلام کي ڏيندو پئي ويو. حضرت ابراهيم عليھ السلام اوساري ڪري رهيو هو. اهي پنج جبل هي آهن. 1. جبل طور سيناء، 2. جبل طور زيتا، 3. جبل حراء، 4. جبل البنان، 5. جبل جودي جيڪو الجزيره ۾ آهي. هن جبل کي عبراني زبان ۾ ارارات چئبو آهي. جنهن وقت اهي ٻئي بزرگ پيغمبر ڪعبي جي تعمير ڪري رهيا هئا. تنهن وقت سندن زبان تي هي دعا جاري هئي. اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي محنت قبول فرماءِ بيشڪ تون اسان جي ڳالهه، اسان جي دعا ٻڌڻ وارو ۽ اسان جي هر ڪم کي ڄاڻڻ وارو آهين.
ڪعبي جون پيڙهون ڀرجي ويون. ڀتيون جڏهن زمين کان مٿي کڄي آيون ته حڪم الاهي موجب ملائڪن هڪ بهشتي پٿر آڻي ڏنو. جيڪي ڪعبي جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي زمين کان تقريباً چار پنج فوٽ مٿي هنيون ويو. اهو پٿر کير جهڙو اڇو ۽ نوراني هو. جنهن کي اڄڪلهه ”حجر اسود“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو پٿر حضرت آدم عليھ السلام سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو. جيڪو طوفان نوح وقت جبل ابوقبيس تي ڪنهن محفوظ هنڌ رکيل هو. حضرت ابراهيم عليھ السلام کي حڪم الاهي ٿيو ته انهي پٿر کي ڪعبي جي طواف جي ابتداء واري ستن چڪرن پوري ٿيڻ تي انتهاء لاءِ نشاني طور مقرر ڪيو وڃي.
هڪ روايت آهي ته الله پاڪ حضرت جبرئيل عليھ السلام کي حڪم ڪيو ته ارواح بني نوع انسانن کي هڪ ميدان وادي نعمان ۾ گڏ ڪر پوءِ اهو لفظ ڪثرت استعمال، هلڪڙائي جي ڪري نعمان مان نُمره بنجي ويو آهي، جيڪا ميدان عرفات ۾ آهي. ميدان عرفات واري مسجد جو نالو به مسجد نُمره آهي. ميدان عرفات تي اهو نالو ان ڪري پيو ته عرفات جي معنيٰ آهي سڃاڻڻ، معلوم ڪرڻ، حضرت آدم عليھ السلام ۽ بي بي حَواء انهي ميدان ۾ هڪ ٻي سان مليا هئا ۽ هڪ ٻي کي سڃاتو هو. مٿي آئون ٻڌائي آيو آهيان ته ميثاق ارواح اتي ٿيو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ميدان محشر به اهو ئي ميدان هجي والله اعلم. جڏهن سڀ ارواح گڏ ٿيا ته الله پاڪ فرمايو ته الستُ بربڪم ڇا آئون توهان جو رب ناهيان. سڀني ارواحن بيڪ آواز چيو ته قالو بَليٰ هائو تون ئي اسان جو رب آهين. الله پاڪ فرمايو ته آئون توهان کي دنيا ۾ ڪامل انسان ڪري موڪليندس. آئون ئي اوهان جو رزاق آهيان. نفعو، نقصان منهنجي هٿ ۾ آهي. اتي وڃي اوهان کي منهنجي ئي عبادت ڪرڻي آهي. مون سان شرڪ نه ڪندا. سڀني ارواح چيو لبيڪ تنهنجو حڪم صدق دل سان قبول آهي.
الله پاڪ هڪ فرشتي کي حڪم ڪيو ته اهو عهد نامو انهن جي نالن سميت لکي رک، جيڪو به انهي عهد نامي تي قائم رهيو. اهو منهنجو فرمانبردار ۽ جنتي بندو آهي ۽ جنهن ان عهد نامي جي مخالفت ڪئي اهو نافرمان ۽ دوزخي آهي. انهي فرشتي اهو عهد نامو لکي پنهنجي منهن ۾ رکي ڇڏيو پوءِ اهو فرشتو الله پاڪ جي حڪم موجب پٿر ٿي ويو. اهو ئي پٿر حضرت آدم سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو. جنهن کي خانه ڪعبي جي سڄي رڪن ۾ رکيو ويو آهي. هاڻ ان کي حجر اسود چوندا آهن. حاجي سڳورا هن کي چمندا آهن. هي پٿر پهرين ڏاڍو نوراني چمڪندڙ ۽ کير جهڙو سفيد هو. مگر ان پٿر ۾ اها وڊيو مووي وانگر خاصيت آهي جو هو هر ماڻهو جا گناهه پنهنجي اندر چوسي ۽ جذب ڪري وٺي ٿو. اهڙي ريت آهستي آهستي هو ڪارو ٿي ويو آهي. قيامت جي ڏينهن اهو ڪارو پٿر. اُهو ئي فرشتو ساڳي صورت ۾ ٿي ايندو ۽ انهن ارواحن تي شاهدي ڏيندو ۽ هر هڪ روح جو عهدنامو کوليندو ويندو جيڪو پنهنجي عهد نامي تي قائم هوندو اهو جنتي ۽ جيڪو برخلاف هوندو اهو دوزخي ٿيندو.
حديث پاڪ ۾ آهي ته حجر الاسود يُدالله، حجر اسود الله جو هٿ آهي. جنهن هن پٿر کي چمي ڏني گويا ڪه الله پاڪ جي هٿ کي چميو. اگر توهان کي آسانگي سان چُمي نصيب ٿئي ته چُمو ور نه پري کان پنهنجو هٿ حجر اسود طرف مٿي ڪري انهي کي چُمو ان کي استلام چئبو آهي. گوياڪه توهان الله جي هٿ کي چميو. توهان جتي به هجو الله اُتي آهي. جڏهن ڪعبي جون ديوارون زمين کان ايترو مٿي کڄي ويون جو اوساري ڪرڻ وقت حضرت ابراهيم عليھ السلام جا هٿ نه ٿي پهچي سگهيا. ته خدا جي حڪم مطابق ملائڪن آندل هڪ پٿر ڏي اشارو ڪري چيو ته هاڻي انهي تي بيهه تعمير ڪريو. اهو پٿر توهان جي اشاري ۽ حڪم ۾ هوندو. جيئن توهان چاهيندو تيئن ٿيندو جيڪڏهن مٿي ٿيڻ جي ضرورت پئي ته مٿي وڏو ٿي ويندو جنهن ڪري ڪنهن چاڙهي جي ضرورت نه پوندي. جيڪڏهن کٻي ساڄي وڌڻ جي ضرورت پئي ته اهو پٿر پاڻهي اوڏانهن سري ويندو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن قوازي ٻڌڻ جي تڪليف ڪرڻي ڪو نه پوندي. پر جيڪڏهن مٿان کان هيٺ لهڻ يا هيٺ کان مٿي چڙهڻ جي ضرورت پوي ته اهو پٿر وڌي وڏو به ٿي ويندو ۽ سڪڙجي اسپرنگ وانگر ننڍو به ٿي ويندو اهڙي طرح هيٺ مٿي آساني سان لهي ۽ چڙهي سگهو ٿا. بهرحال هر ضرورت مطابق پٿر کي حڪم ڪريو ته اهو پٿر اوهان جي هر حڪم ۽ ارادي جي تعميل ڪندو رهندو. اڄ ڪلهه اهو پٿر مقام ابراهيم عليھ السلام واري پنڃري ۾ محفوظ ڪيل آهي. جتي پيش امام بيهه نماز پڙهائيندو آهي.
مٿين تفصيل مطابق ڪعبي جي تعمير ڇت کان علاوه مقرر ماپ تائين جڙي راس ٿي ته خدا جو حڪم ٿيو ته اي ابراهيم عليھ السلام ماڻهن کي حج ڪرڻ لاءِ سڏ ڪر. حضرت ابراهيم عليھ السلام عرض ڪيائين ته اي پالڻهار، انسانن جي آبادي جيڪا دنيا جي دور دراز ملڪن ۾ پکڙيل آهي، اوستائين منهنجو آواز ڪيئن پهچندو. الله تعاليٰ فرمايو اي ابراهيم عليھ السلام معمول مطابق سڏ ڪرڻ تنهنجو ڪم ۽ ان تنهنجي آوا زکي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ بلڪ ستن آسمانن، ستن زمينن، عالم ارواح ”روحن جي دنيا“ تائين پهچائڻ منهنجو ڪم. پوءِ حضرت ابراهيم عليھ السلام جبل ابوقبيس تي چڙهي ٻي روايت ۾ جبل صفا تي چڙهي اهو اعلان ڪيو. اتان بيهه واري، واري سان چئن طرفن ڏي منهن ڪري اعلان ڪرڻ لڳو ته، ” يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ رَبَّكُمُ بَنِيْٓ لَكُمْ بَيْتًا فَحَجُوْهُ“ اي انسانو! توهان جي رب توهان جي لاءِ پنهنجو پاڪ گهر بنايو آهي. پوءِ اچو ان پاڪ گهر جو حج ڪريو. الله پاڪ اهو آواز ڪائنات جي سموري مخلوق تائين پهچايو. تان جو عالم ارواح ”ايندڙ انسانن جي روحن واري جهان“ ۾ به ٻڌو ويو. پوءِ جنهن انهي سڏ تي هڪ ڀيرو لبيڪ چيو. تنهن کي هڪ حج نصيب ٿيو. جنهن ٻه ڀيرا چيو ته ان کي ٻه ڀيرا حج نصيب ٿيندو. حضرت ابراهيم عليھ السلام ڪعبي جون چار ڪنڊون ڪيون. هر ڪنڊ کي رُڪن ڪري سڏيو ويو. هر هڪ ڪنڊ جو نالو ڪنهن خاص نسبت جي ڪري مختلف آهي. انهن چئن ڪنڊن جا نالا هي آهن. اوڀر ڏکڻ طرف، رڪن حجر الاسود، اوڀر اتر رڪن عراقي جت ملڪ عراق، اتر اولهه طرف، رُڪن شامي جت ملڪ شام، اولهه ڏکڻ طرف رڪن يماني جت ملڪ يمن. ڪعبت الله کي ڪعبو هن ڪري سڏيو ويو آهي. جو اها چئن ڪنڊن واري جاءِ آهي ۽ هي لفظ مڪعب کان ورتل اهي. جنهن جي معنيٰ آهي چئن ڪنڊن وارو ۽ پڻ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي تعمير ڪرڻ وقت اها جاءِ آسپاس جي ايراضي کان مٿي اُڀريل دڙي وانگر هئي. عربي لغت موجب مٿاهين ۽ اُڀريل جاءِ کي ڪعب چيو وڃي ٿو. جيئن پير جي مُريي ٽڻي کي به ڪعب چيو وڃي ٿو ڇو ته اهو به مٿي اُڀريل هوندو آهي.