پٿر دل پيءُ
قيس شفقت پدري کان مغلوب ٿي ان کي کنيو. سيني سان لڳايو. مگر يڪدم هو ڇرڪ ڀري، هوشيار ٿيو ۽ جلد ئي نياڻي کي هنج مان لاهي کڻي اڇلايو.
هُن ان معصوم کي اهڙي طرح اڇلايو جهڙوڪر، ڪو انسان ڪنهن شيءِ جي دوکي ۾ اچي نانگ کي کنيو هجي ۽ ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته هي نانگ آهي ته فوراً ان کي اڇلائي ڇڏيو معصوم نياڻي ڪرندي ٿاٻڙندي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو. ان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو ڀورائي ۽ غم آلود اکين سان ڏٺو ۽ پيار ڀري لهجي ۾ چيو. منهنجا پيارا ابا، ڇا تون مون کان خفا ٿي ويو آهين؟ خفا نه ٿي. اَبو! تو ۽ امي جان کان سواءِ هن دنيا ۾ منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ قيس جي اکين مان ان وقت مُروت ۽ رحم جا جذبات موڪلائي چڪا هئا. پدري احساس ختم ٿي چڪو هو. صفا وحشي ٿي ويو هو. ان ڪڙڪ آواز ۾ چيو جميله! ڇا تون هن ڀولي ڀالي ۽ ٻاتن ٻاتن ٻولن سان منهنجي دل کي ميڻ ڪرڻ گهرين ٿي نه نه آئون ڪڏهن به ميڻ نٿو ٿي سگهان. هل ”ڇڙٻ ڏيندي“ منهنجي سامهون هٽي وڃ!!
ابهم ۽ معصوم نياڻي ۽ پيءُ جو کارو منهن: ڪرڙيون اکيون، پُر غضب ڪيفيت ڏسي خاموش ٿي بيهه رهي. اڪثر ٻارن جي طبيعت هوندي آهي ته جڏهن هنن کي گهُوريو ۽ ڌمڪايو ويندو آهي ته اهي لاڏ ۽ پيار سان ماءُ ۽ پيءُ کي چنبڙي ويندا آهن. ڀوري جميلان به پيءُ کي چنبڙي ويئي. ان لُڙڪ وهائيندي چيو. پيارا بابا سائين تون مون کان ڇو خفا آهين؟ مون کان ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي؟ قيس ان جو هٿ وٺي ڌڪو ڏنو ۽ ان نياڻي کي تيز ۽ ڪاوڙيل نظرن سان گهُورڻ لڳو. جميله ڪڏهن به پنهنجي پيءُ جي اها حالت نه ڏٺي هئي. اها ڏڪي ويئي. ڪنبي الڳ ٿي بيهه رهي. ان پشيماني، ان جي معصوميت ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. قيس اٿي هليو ته جميله به ان جي پٺيان هلڻ لڳي. قيس جميله کي پنهنجي پٺيان ايندي ڏسي ورتو. انهي تي هن دڙڪو ڏيئي چيو ته منهنجي پٺيان نه اچ. پر جميله اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هلڻ لڳي وري ٻيهر قيس چيو ته آئون توکي چوان ٿو ته تون منهنجي پٺيان نه اچ. جميله اتي بيهه رهي ۽ منهن ڦلهو ڪرڻ لڳي.
قيس برآمده ۾ پهتو. اتي هن جي زال سلميٰ بيٺي هئي. سلميٰ به اڌ عمر جي عورت هئي. ليڪن ان جي صحت چڱي هئي. اها پنهنجي عمر کان گهڻو ننڍي معلوم ٿي رهي هئي. ان خنده پيشاني سان پنهنجي مڙس جو استقبال ڪيو ۽ چيائين ته منهنجا سرتاج اڄ توهان جي پيشاني جا تيور ۽ طبيعت شريف بدليل پئي ڏسجي.
قيس: ”پنهنجي طبيعت بشاش ڪندي، ڪا به اهڙي خاص ڳالهه ناهي. بلڪه سلميٰ تو واري جميله ايندي ئي چنبڙي پئي. ڇا اها ان جي ڪا سٺي عادت آهي؟
سلميٰ: ”مڙس کي خوش ڪرڻ لاءِ“ نه منهنجا سائين نه. مگر جميله کي توهان سان ڪجهه اهڙي محبت آهي. جو جيسين تائين توهان ٻاهر هوندا آهيو ته جميله توهان کي ئي ياد ڪندي، ٻئي اکيون دروازي ۾ هونديون آهن ۽ جڏهن توکي ڏسي ٿي ته ٻهڪي، ڊوڙي توکي ئي چنبڙڻ جي ڪوشس ڪري ٿي. معصوم نياڻي کي تو سان ڏاڍي محبت آهي. آخرڪار جميله لاءِ تو کان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي. جنهن کي چنبڙي ۽ محبت ڪري. جميله جي دنيا پاڻ ٻه ته آهيون.
قيس: سلميٰ! جميله پنهنجي ڀورين ڳالهين ۽ محبت سان منهنجي دل کي ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿي. ڇا هي طريقو صحيح آهي؟
سلميٰ ”ڪجهه شڪ وارين نظرن سان قيس کي ڏسي“ توهان جميله جا پيءَ آهيو. آخر اها سوائي تنهنجي ٻي ڪنهن سان محبت ڪري؟
قيس: ”ڪجهه ڪڙي لهجي ۾ چيو“ مگر ان محبت سان ڪهڙو فائدو؟
سلميٰ: مگر سادي ۽ ڀوري ڇوڪري فائدي ۽ نقصان مان ڇا ڄاڻي؟
قيس: سلميٰ اڄ جيڪو هوا جو طوفان آيو ۽ طوفان کان پوءِ جيڪا روشني ۽ چمڪ ٿي. تو اها ڏٺي؟
سلميٰ: ها! وڏو سخت طوفان هو. مون ته پنهنجي زندگي ۾ اهڙو طوفان نه ڏٺو آهي. مون ته سمجهيو هو ته جاين جون ڇتيون اڏامي وينديون، ديوارون ڪري پونديون. ليڪن اسان جي معبودن اسان تي مهرباني ڪئي. جو طوفان ٽري ويو. مگر روشني ۽ چمڪ مون ته پنهنجي سانڀر ۾ نه اهڙي روشني ڏٺي نه اهڙي چمڪ شل هُبُل خير ڪري.
قيس: بيشڪ نه ڏٺي هوندي. مگر توکي ڪا خبر اٿئي ته اسان تي ڪهڙي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي؟
سلميٰ: ”گهٻرائجي قيس ڏانهن نهاريندي“ نه! ڇا دنيا ۾ ڪو انقلاب اچڻ وارو آهي ڇا؟
قيس: ”غور سان سلميٰ ڏانهن نهاريندي“ تو ٺيڪ سمجهيو آهي. سلميٰ ڪو ماڻهو اسان جي پيارن معبودن جي خلاف غلط ڳالهيون ڪري ٿو. چوي ٿو ته اهي محض مٽي جا هٿرادو بت آهن. اهي ڪنهن به قسم جي نفعي ۽ نقصان جا مالڪ ناهن. اهي بت هڪ مک جو پَر به بنائي نٿا سگهن. پر ته ڇا بلڪ مک ڪا شيءِ کڻي وڃي ته اهي واپس وٺي نٿا سگهن. واپس وٺڻ ته ڇا. بلڪ ان کي اڏائي به نٿا سگهن. اگر ڪو ڪتو انهن جي مٿان مُٽي وڃي ته هو ان کي هڪلي به نٿا سگهن. اهي ته پنهنجي به حفاظت نٿا ڪري سگهن. اهي ڪيئن خدا ٿي سگهن ٿا؟ سلميٰ اهو ماڻهو اهڙا بد عقيدا ۽ غلط نظريا رکي ٿو.
سلميٰ: ڇا ان جو ڪو ٻيو معبود آهي؟
قيس: ضرور هوندو.
سلميٰ: اها ته عجيب ڳالهه آهي!
قيس: نهايت عجيب! سلمي!! پنهنجو محترم ابرشن ڪاهِن ”گذريل وقت جي خبر ڏيندر“ به آهي ته اعراف به ”ايندڙ وقت جي خبر ڏيندڙ“ آهي. ان ٻڌايو آهي ته ”محمد“ نالي ڪو هڪ شخص آهي. جيڪو اسان جي پيارن معبودن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو آهي.
سلميٰ: آئون محمد کي چڱي طرح سڃاڻان ٿي. آئون ڇا، ان کي ڪير نٿو سڃاڻي هن کي ته عرب جو هر ٻچو ٻچو سڃاڻي ٿو. هو عبدالله جو پٽ ۽ والي مڪه جو ڀائيٽيو آهي. هو ته ڏاڍو نيڪ، وڏو رحمدل، وڏو همدرد، سهڻن اخلاقن وارو، انتهائي مشهور انسان آهي. هو ته صادق ۽ امين آهي. هو ائين هرگز نه ڪندو. ان جا ابا ڏاڏا پڻ اسان جي معبودن جي پوڄا ڪندا آيا آهن.
قيس: اهو ته بلڪل سچ آهي. مگر اڄ تائين ان کي ڪنهن به بتن کي سجدو ڪندي نه ڏٺو آهي.
سلميٰ: بيشڪ اوهان جي ڳالهه بلڪل سو فيصد درست آهي. مون به ائين ٻڌو آهي. جڏهن هو ننڍو هو تڏهن به بتن جي آڏو نه جهڪندو هو. ليڪن ان مان اها ڳالهه ڪيئن ثابت ٿئي ٿي ته هو اسان جي بتن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو آهي.
قيس: اها ڳالهه ابرشن چوي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي ان کي ان جي محڪومن ٻڌايو آهي.
سلميٰ: مگر هو محمد ته آبادي ۾ رهي ئي نٿو. مون ته ٻڌو آهي ته مڪي کان ٻاهر ٽي ميل جي فاصلي تي منيٰ جي رستي ۾ جبل نور ۾ هڪ غار آهي. جنهن جو نالو غار حِرا آهي. هو ان ۾ اڪيلو رهندو آهي.
قيس: ها، واقعي هو چار چار، پنج پنج ڏينهن بلڪ هفتي ڀر نظر نه ايندو آهي. انهي غار ۾ رهندو آهي. ان جي طرفان ضرور انديشو آهي ته اهو ئي. اهو شخص ٿي سگهي ٿو. جو اسان جي معبودن جي شان ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي.
قيس: سلميٰ اڄ مون کي بيت الحرام إ هزارين ماڻهن جي مجمع ۾ ڏاڍي خوشي حاصل ٿي ۽ انهن ماڻهن ۾ منهنجو سر فخر سان مٿاهون رهيو.
سلميٰ: ”خوشي مان قيس کي نهاريندي“ پڇيائين ته اي منهنجا سرتاج اها ڪهري ڳالهه ٿي. صدقي وڃان هُبُل خير ڪري جو سدائين شال اوهان جو سر فخر سان اوچو رهي توهان ته اڳي ئي عزتدار آهيو؟ صدقي، صدقي.
قيس: ابرشن اچڻ واري فتني کي دفع ڪرڻ لاءِ هڪڙي تدبير ٻڌائي آهي ته جنهن شخص پنهنجن نَون ڌيئرن کي زنده دفن ڪيون هجن ۽ ان کي ڏهين به ڌي هجي. اگر اهو شخص ان ڏهين ڌي کي زنده درگور ڪري ته انهي اچڻ واري فتني کان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي. سلميٰ ان وقت ان ساري مجمع ۾ ڪو هڪ شخص به اهڙو نه هو. جنهن پنهنجن نون ڌين کي زنده دفن ڪيو هجي سڀئي مٿو هيٺ ڪري شرمائي زمين کوٽي رهيا هئا. خداءِ هُبُل منهنجي پَت رکي. تڏهن مون اڪيلي وڏي واڪي چيو ته آئون اهڙو ئي آهيان. جيڪو توهان چاهيو ٿا. تمام مجمع مون کي حيرت ۽ عزت جي نظرن سان ڏٺو ۽ محترم ابرشن مون کي سلام ڪيو. سلميٰ ڇا اها ڳالهه فخر لائق ناهي؟ اهو جملو ٻڌندي ئي سلميٰ جو هوش اڏامي ويو. چهرو زرد ٿيڻ لڳو ۽ کيس جهڙوڪر ڪانَ لڳي ويو هجي. ان کي جميله سان بي حد حساب محبت هئي. قيس جي گفتگو مان هن کي خطرو لڳي ويو. هو سمجهي ويئي ته جنهن جميله کي هن سيني سان لڳايو هو. هزارين مصيبتون سر تي کڻي وڏي ناز انداز ۽ نعم سان پاليو هو. هاڻ هن جي قرباني جو وقت اچي ويو آهي.
ان خيال سان هن جي دل دهلجي ويئي. اندر ۾ وڍ اچڻ لڳا. اکين سامهان ڪارا ڪڪر اچي چڪا هئا. ڪليجو منهن تي اچي ويو. اُلفت مادري جو جوش ڇوليون کائي. سيني کان اڀري اکين مان ٿي وهڻ لڳو. مگر پنبڻين تي اچي بيهه رهيو. متان قيس ڇا سمجهي ۽ ان جي ڊپ جي ڪري اهو سيني جو درد رخسارن تي نه ڪري سگهيو نه ڪُڇي سگهي، نه پُڇي سگهي. نه لُڇي سگهي. دل جو درد دل ۾ رهيو. سلميٰ ويچاري اندر جي ڳالهه ڪري ته ڪنهن سان ڪري، ڪو ته اهڙو هجي جو ڳوڙها اُگهي. هاءِ افسوس ڪو به نه، جتي بي داد حاڪم هجي اتي فرياد ڪنهن سان ڪجي.
اگر کچجھ موں سے کہتا ہوں، تو مزا الفت کا جاتا ہے،
وگر خاموش رہتا ہوں، تو کلیجہ موں کو آتا ہے۔
قيس: سلميٰ چئو، ڇا اها ڳالهه منهنجي، تنهنجي ۽ پنهنجي ٻنهي خاندانن لاءِ باعث افتخار ناهي؟
سلميٰ مغموم ۽ حسرت ڀري لهجي ۾ چيو. قابل فخر ته ضرور آهي! مگر... ۽ قيس زخمي نانگ وانگر پلٽو کائي سلميٰ کي ڏٺو. ان غريب جي اکين ۾ لُڙڪ چهري تي حسرت، زبان گنگ ۽ غمن جي تصوير ڏسي، اُن غضبناڪ ٿي چيو سلميٰ هي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ سلميٰ ڇا توکي جميله جي محبت مرغوب ڪري ورتو آهي؟ وڏي شرم جي ڳالهه آهي. هي تنهنجي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها آهن يا ازراهه محبت؟
سلميٰ: قيس جي پُر غضب صورت ڏسي. هوشيار ٿي ويئي. اُن سَتُو پي حسرتزده نظرن سان قيس ڏانهن ڏٺو. قيس ان جي نظرن کي ڏسي ڏاڍو طيش ۾ آيو ۽ برهم ٿي ويو. اُن سختي سان چيو. سلميٰ! هوش ۾ اچ، تنهنجو حسرتزده چهرو، غم آلود نگاهون پُرنم اکيون، آئون ڏسڻ نٿو چاهيان. ڪجهه صبر کان ڪم وٺ، مگر سلميٰ خاموش بت بنجي بيٺي رهي، نه جاءِ ڀڄڻ جي نه جاءِ ويهڻ جي.
ان حسرتوں سے کہہ دو کہیں اور جا بسو،
اتنی جگہ کہاں ہے اس دل داغدار میں۔
قيس: ”دڙڪي سان“ جيڪڏهن تو غلطي سان جميله جي محبت کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏيئي ايتري قدر وڌاءُ ڏنو آهي ۽ ان جي قرباني جي خبر تنهنجي دل کي ٺينس لڳائي آهي ته پوءِ تون ان جي محبت کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏ.
سلميٰ: قيس مون جميله جي محبت کي، جنهن ڏينهن هو بدنصيب ڄائي هئي ته ڪڍي ڇڏي هوم. مگر ڇا ڪريان؟ جو پيار نٿو پلجي. جيئن وسارڻ جي ڪوشش ٿي ڪريان تيئن محبت وڌي ٿي. قيس آئون مجبور آهيان مونکي وڌيڪ مجبور نه ڪر. سلميٰ هيس تائين ته صبر ڪندي رهي. ليڪن هاڻ ان جي صبر جو پيالو لبريز ۽ برداشت جو دامن ريزه ريزه ٿي چڪو هو. هو پنهنجي مڙس جي طرف هڪ قدم وڌي ۽ ان جي اڳيان گوڏا ڀڃي التجا آميز نظرن سان ان کي ڏسي ڳالهايو ته اي منهنجا سرتاج درد، دل ۾ اڳئي گهڻا آهن. هاڻ درد ڏيئي ڇا ڪندين؟ ان صبر آزما امتحان کان مونکي معاف ڪر. آئون ان صبر آزما امتحان جو پرچو حل ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي سگهان. مون بدنصيب جي دل ۾ جميله جي پياري صورت من موهيندڙ، ٻالي ڀولي ڳالهين، ٻاتن، ٻاتن ٻولن گهر ڪري ورتو آهي. آئون ائين سمجهان ٿي ته منهنجي زندگي جميله جي زندگي سان سلهاڙيل آهي. ان ڪري اي منهنجا مجازي خدا جميله کي منهنجي ۽ صرف منهنجي خاطر زنده رک. قيس ڏس آئون تنهنجي زندگي جي ساٿڻ آهيان ۽ هاڻ به زندگي ڀر تنهنجي لڄ ۽ گولي غلام ٿي رهنديس. تون هُبُل جي صدقي منهنجي ڳالهه مڃي وٺ!! آخر ته آئون تنهنجي زال ۽ جميله جي ماءُ آهيان.
قيس جي اکين مان باهه جا شعلا نڪرڻ لڳا. ان غضبناڪ لهجي ۾ چيو. اي بي وقوف عورت، ڌي جي محبت ۾ سرشار رهڻ واري احمق عورت. ڇا تون چاهين ٿي ته جميله کي زنده رکي ان جي شادي ڪريون؟ ڪنهن کي پنهنجو داماد بنايون؟ منهنجو سَر جيڪو هيس تائين داماد جي لعنت ۽ ذلت کان پاڪ هو ۽ مٿاهون رهيو آهي هاڻ هن پيري ۾ رُسوائي ۽ ندامت سان جهڪي وڃي.
”جوش ۾ اچي“ بي وقوف ڪٿي جي. مون کي قسم آهي لات و عُزيٰ جو هي ڪڏهن به نه ٿيندو.
سلميٰ: ”عاجزانه لهجي ۾“ توهان جميله جي شادي نه ڪجو. اها تمام عمر ڪنواري زندگي گذاريندي.
قيس: ”ڏڪندي هٿن سان“ ذليل ڪنهن جي هي ته اڃان وڌيڪ ذلت جي ڳالهه ٿي دنيا چوندي ته قيس جي ڌيءَ کي ڪنهن قبول نه ڪيو. آئون هن ذلالت آميز مسخري ۽ طعني کي هر گز برداشت نه ڪندس. انهي کان ٻڏي مرڻ بهتر آهي. آخر ته تون عورت آهين نه؟ عورت جو عقل کُڙي ۾ هوندو اهي، خاموش رهه - خاموش ....
سلميٰ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ ڳوڙهن ۾ ڳالهيون هيون. هاڻ اهي ڳالهيون ڪري ته ڪنهن سان ڪري. انڌن آڏو روئڻ ۽ رڍن اڳيان رباب اجايو. نه ئي ريجهن راڳ ۾ نه ئي ڏين جواب.
سلميٰ وري به همت نه هاري پنهنجي مڙس کي مقدس بتن لات، منات ۽ عُزيٰ جا واسطا ڏيئي چيو. انهن مقدس معبودن جي واسطي جميله تي، ڀوري جميله تي معصوم جيمله تي، ڪَمسَن ۽ ڪمسُخن جيمله تي رحم ڪريو. ان کي بچايو. ڪهڙي به طرح ان کي بچايو... ”۽ زارو قطار روئڻ لڳي“
قيس: ”ڪڙڪ آواز ۾ چيو“ ڪڏهن به نه. هرگز نه، هاڻ اها بڪواس بند ڪر. آئون وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ نٿو چاهيان. اُٿي ڏس، هو جميله سامهون بيٺي آهي. سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي رهي آهي. پَرين جو ڏينهن ان جي قرباني جو ڏينهن آهي. ان کي زنده دفن ڪيو ويندو. اڄ کان ئي ان کي سينگارڻ شروع ڪر. اهو چئي قيس اتان کان هليو ويو.
سلميٰ اُٿي. ان وقت ان جو چهرو زرد ٿي رهيو هو. اکيون غم ۽ حسرت ۾ ٻڏل، هو پاڻ حسرت جو مجسمو، غم ۽ درد جي تصوير بنيل هئي. انهي جي غم جو وجهه معقول هو. ان جا ڏهه ٻار ٿيا. بدقسمتي سان ڏهه ئي نياڻيون هيون. نَوَن ڌين کي ته ننڍپڻ ۾ ئي. انتهائي سنگدلي ۽ ڪمال بيدردي سان زنده درگور ڪيو ويو هو. هڪ ڌيءَ آخري رهجي ويئي هئي. ان انهي تي صبر ڪيو هو. مگر هاڻ اها به ان ماءُ جي هنج مان نڪري موت جي هنج ۾ وڃڻ واري هئي. ان دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ ساهه کي گهٽو ڏيڻ واري خبر ٻڌي. جيتري قدر به غمگين ٿيڻ کپندو هو. اهو حق بجانب هو.
جڏهن قيس هليو ويو ته جميله ماءُ سلميٰ وٽ آئي. ان ايندي ئي چيو امي جان تون خاموش ڇو آهين؟ بابا سائين جي اڳيان تون ڇو هٿ ٻڌي رهي هُئين؟ اڄ بابا سائين کي ڇا ٿي ويو هو؟ اَبُو جان توکي ڇا چئي رهيو هو؟ سلميٰ جميله کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائي ڏاڍو ڀيڙو ڏنائين. خوب مٺيون ڏيئي پيار ڪيائين ۽ پيار ڪندي بي اختيار ان جي نيڻن جا ڪڪر مسلسل وسڻ لڳا.
ڪڪر هون نه هون جهُڙ نيڻون نه لهي،
ساريو سي پرين کي ڳوڙها گلن تي پون
سي مر رويو رون جن مسافر سپرين.
جميله: ”حيران ٿي پڇيو“ منهنجي ماءُ، او منهنجي جيجل ماءُ تون روئين ڇو ٿي؟ اڄ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ امان توکي بابا سائين جو قسم آهي. روئڻ بند ڪر نه ته آئون به ٿي روئان؟