حضرت ڪلثوم جي مهماني
* مون ساريندي سپرين اچين جي هيڪار،
ته پيرين ڌريان پنبڻيون هنڌ وڇايان وار،
ساجن سڀ ڄمار، هوند مان گولي ٿي گذاريان.
* ڪيچان آيو قافلو عطر آندائون،
کٿوري خوشبوءِ سين وڻ ٽڻ واسيائون،
پسند ئي پنهون کي وسريون وڃايائون،
خيما کوڙيائون وريو بخت بنڀور جو.
* شمع ٻاريندي شب بره باکون ڪڍيون،
موٽ، مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب مون ڪانگ اُڏاريا ڪاڪ جا.
آنحضورﷺ ها! ڇو نه؟ آئون ضرور تو وٽ قيام ڪندس. منهنجي ڏاچي کي ويهاريو. حضرت ڪلثوم ڏاچي کي اشارو ڪيو ڏاچي ويهي رهي. فوراً سڀ اُٺ ويهاريا ويا. سڀ کان پهريائين پاڻ ڪريمﷺ اٺ تان لٿا. ان کان پوءِ ابوبڪر صديق رضه پوءِ عامر پوءِ بريده ۽ ان جا ساٿي.
حضورﷺ مهمانانِ گرامي ۽ چند معززين حضورﷺ جن سان گڏ گهر اندر داخل ٿيا ۽ باقي جملي جلوس ٽڙ پکڙ ٿي ويو. حضور انورﷺ جڏهن ڪمري ۾ آرامي ٿيا ته يثرب ۽ قبا جا چيدا چيدا ماڻهو گهر اندر داخل ٿيا. هر هڪڙو نهايت ادب و احترام سان اچي ويٺو. حضرت ڪلثوم رضه جلدي سَتُو، پاڻي ۾ ملائي پهرين پاڻ ڪريمن کي ڏنائون پوءِ جملي حاضرين جي سَتُوئن سان اڪرام ۽ خاطر تواضح ڪئي ويئي. جيڪو عرب جو پراڻو رواج هو. جڏهن سڀني ماڻهن سَتُو پي ورتا ته حضرت سعد بن معاذ رضه پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو. بعد ۾ سڀ حاضرين و معززين جو تعارف ڪرايو ويو.
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
تنين جي اوطاق راجا ريجهي آيو.
ٻي ڏينهن به ماڻهو ٽولن جا ٽولا ايندا رهيا. صبح کان شام تائين سلسلو جاري رهيو. ماڻهو الله جو قرآن ۽ محبوبِ خدا جون ڳالهيون ٻڌندا رهيا. دلين جون بنجر زمينون نرم ٿيون. وٽَ اچڻ لڳيون ۽ آباد ٿيون. سڄو ڏينهن ميلي جو سَمان لڳو پيو هوندو هو. ٽي ڏينهن پاڻ ڀلارن هڪ زمين جو ٽڪرو ڏسي مسجد ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. اهو زمين جو ٽڪرو حضرت ڪلثوم بن الهدام جي کجور سڪائڻ جو کرو هو. ڪلثوم پاڻ ڀلارن جي مهماني جو شرف حاصل ڪري چُڪو هو.
سبحان الله ڪلثوم بن الهدام ڪيڏو نه خوش قسمت انسان هو جو ٻنهي جهانن جو سردار ۽ سندس يار غار، مهاجرين، والانصار ڪيترائي صحابه ڪرام سندن مهمان هئا. ان وقت حضرت ڪلثوم جي گهر جو مان ۽ شان تمام مٿاهون ۽ نرالو هو. سندس مُلهه ۽ شان عرش عظيم کان به وڌ هوندو. حضرت ڪلثوم بقول شاهه ڀٽائي رحه هي بيت جهونگاريو ته هوندو.
آيا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڀلا،
پوءِ اڱڻ چمان يا عجيب چمان.
۽ پڻ بقول ”مفتون“ مولانا عبدالغفور همايوني عليھ رحمت
تنهنجي قدمن تان قربان سڄڻ، تو تان صدقي منهنجي هي جان سڄڻ،
هڪ جان سندم اي جانِ جهان ڇا آهي؟ جو گهوريان تنهنجي مٿان،
توتان گهوري جانيون سارو جهان، تو تان قربان ٿئي جي ڪون و مڪان،
ته به تنهنجو اڃان وڌ شان سڄڻ، حيران هزارين هڪ مان نه رڳو،
اهل قبا جلد از جلد مسجد جي تعمير شروع ڪري ڇڏي. اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين هي مسجد ٺهي. هن مسجد جو بنياد محبوب خدا آنحضرتﷺ جن خود پنهنجي مبارڪ هٿن سان رکيو جنهن جي تعريف خود خدا پاڪ پنهنجي ڪلام الاهي ۾ ڪئي آهي. پاڻ ڀلارا چار ڏينهن قبا ۾ ترسڻ بعد، پنجين ڏينهن بروز جمعي 12 ربيع الاول 1هه بعثت 14 مطابق 27 سيپٽمبر 622ع جو صبح واري نماز فجر پڙهي يثرب هلڻ جو ارادو ڪيائون.
مگر عاشقانِ رسول، قبا وارن عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ هت ئي ترسي پئو.
دل اُڃايل ڌرتي تي بادل بنجي برسي پئو،
زماني کان پوءِ ته آيو آهين ڪجهه عرصو ترسي پئو.
حضورﷺ جن فرمايو، ايترو پري ته ناهيان، قبا يثرب جو هڪ محلو ته اهي. منهنجو يثرب ۾ تازندگي رهڻ جو ارادو آهي. ماڻهو خاموش ٿي ويا ۽ هي قافلو يثرب ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو ته حضرت علي ڪرم الله وجھ سامهون کان ظاهر ٿيو. حضرت علي رضه جي پيرن تي لَٽ مٽي چڙهيل هئي پيرن تي سوڄي معلوم ٿي رهي هئي. هو هلڻ ۾ آهستي آهستي هلي رهيو هو. ان جو هلڻ ٻڌائي رهيو هو ته هو انتهائي ٿڪل ۽ پنڌ جا ماريل آهن.
حضور انورﷺ حضرت علي رضه کي ڏسي مسرت سان اوڏهن وڌيا، ته حضرت علي رضه تڪڙا تڪڙا پير کڻي حضورﷺ کي سلام ڪري مصافحو ڪيائون ۽ حضورﷺ جن فرمايائون ته علي ڏاڍو سٺو ٿيو جو تون اچي وئين. ”مڪي کان هجرت وقت علي رضه سڀ کان اڳيان، مديني پهچڻ وقت علي رضه سامهون حاضر“. ڀلا ٻڌا ته امانتن جو ڇا ٿيو؟ اُهي مالڪن جي حوالي ڪيون؟ اگرچه حضورﷺ جن ڏسي رهيو هو ته حضرت علي رضه انتهائي ٿڪل آهن. ان کي مڪمل آرام جي ضرورت آهي. اُڃ ۽ بُک جي ڇا صورتحال آهي مگر پاڻ سڳورن کي امانتن جو ايتري قدر فڪر هو جو پاڻ سڳورن حضرت علي رضه کان نه حال احوال پڇيا نه سماچار نه سفر جا واقعات معلوم ڪيا. مگر سڀ کان پهريون سوال ڪافرن ۽ دشمنن جي امانتن کي واپس ڪرڻ جو هو.
حضرت علي رضه: جي حضور ها، مون اهي سڀ امانتون اصل مالڪن جي حوالي ڪيم. آنحضورﷺ ڏاڍو سٺو ٿيو، توهان مڪي کان ڪڏهن نڪتا؟
حضرت علي: حضور مون کي اڄ ٻارهن ڏينهن ٿيا آهن.
آنحضورﷺ: ”حيرت سان حضرت علي کي ڏسي پڇيو“ ٻارهن ڏينهن؟ گويا ڪ تون به ان ڏينهن هليو آهين جنهن ڏينهن اسان غار ثور کان روانا ٿيا آهيون؟
حضرت علي رضه: ها. انهي حساب سان ته اهو ئي معلوم ٿئي ٿو. ليڪن اسان هڪ ٻئي سان ملي ڇو نه سگهياسون؟
آنحضورﷺ: اهو، ان ڪري جو اسان سڌي رستي سان ڪو نه آيا آهيون. بلڪه اسان غير معروف اوجهڙ رستي کان هلياسون ۽ تون سڌي رستي سان آيو آهين. انهي ڪري پنهنجي ملاقات نه ٿي سگهي. ڇا تون پيدل آيو آهين؟
حضرت علي رضه: ها! سائين آئون پيدل آيو آهيان. رات جو سفر ڪندو هوس ۽ ڏينهن جو سڃاڻپ ۽ گرفتاري جي انديشي جي ڪري واري جي دڙن ۾ لڪي ويهي رهندو هوس.
آنحضورﷺ: ڪاش توهان پيدل نه اچو ها. ڪجهه ڏينهن مڪي ۾ رهي ڪري ڪنهن قافلي سان گڏ اچو ها؟
حضرت علي رضه: دراصل مون کان صبر نه ٿي سگهيو. سڄڻن کان سواءِ سک نه آيو. جدائي برداشت کان ٻاهر هئي. حوالي ڪيل ڪم امانتون تقسيم ڪندي ئي هلي پيس.
آنحضورﷺ: اسان جي مڪي کان نڪرڻ بعد مڪي جي ڪافرن مسلمانن تي يا منهنجي خاندان تي يا صديق اڪبر جي خاندان تي سختيون ته ڪو نه ڪيون؟
حضرت علي رضه: سختيون ڪرڻ ته انهن جي فطرت ۾ داخل آهن. عام مسلمانن تي پڻ انهن جون سختيون عام آهن. البتھ حضورﷺ ۽ صديق اڪبر جي لواحقين تي زياده سختين جي جرئت نه ٿي. پر نگراني شديد طور تي ڪئي وڃي ٿي.
قبا کان روانگي ۽ يثرب آمد
حضورﷺ: انشاء الله عنقريب انهن جي ظالمانه حڪومت جي جبر و تشدد جو خاتمو ٿي ويندو. خدا ظالمن کي گهڻي مهلت نٿو ڏي جو هو ان جي مخلوق کي ايذائيندا رهن. ائين اهو قافلو قبا کان روانو ٿيو. قبا وارن جهڙي طرح گرم جوشي. جنهن خوشي، جنهن جوش عقيدت سان استقبال ڪيو هو. اهڙي طرح سڀني رخصت ڪيو. اهڙي طرح اهو قافلو انتهائي شان و شوڪت سان روانو ٿيو حضورﷺ جي قافلي جي اچڻ جي خبر يثرب ۾ پهريائين پهچي چڪي هئي. اهل يثرب قبا وارن کان زياده شان و شوڪت سان استقبال جون تياريون ڪري رهيا هُئا. ماڻهن جو هجوم يثرب کان ٻاهر قبا جي رستي تي بيهه آفتابِ عالم ۽ ماهتاب عالم ”صديق اڪبر“ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هن عظيم جلوس ۾ به عورتون مرد، ٻار، جوان، ڇوڪرا ڇوڪريون سڀ شامل هئا. سڀ جو سڀ انتهائي مسرور و شادمان هئا. اهڙا خوش هئا جهڙي طرح عادل بادشاهه جي آمد وقت سندس وفادار ۽ جانثار رعايا خوش هوندي آهي. ٻار خوشي وچان واري جي دڙن تان ڪُڏي ۽ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. نوخيز ڇوڪريون پاڻ سڳورن جي شانِ عالي ۾ مدحيه سهرا ۽ گيت ڳائي رهيون هيون.
مرحبائي گيت
مبارڪ اڄ مديني ۾ محمد مصطفي آيو،
رسول الله نبي الله حبيب ڪبريا آيو.
ٿيو هن نور حق سان دروديوار سڀ روشن،
اَجهو ظلمات ۾ شمس الضحيٰ بدرالدرجيٰ آيو.
يتيمن جو يار، هيڻن سندو همراهه آنحضرتصه،
مٺو مرسل مديني ۾ سو محبوب خدا آيو.
فقيري ۾ فائق يتيمي ۾ يگانو سو،
يگانه گوهر دريتيم و بي بها آيو.
وساريو جن خدا کي هو. هو موڙيو حق کان،
جن، منهن رسول هاشمي، تن لاءِ رهبر رهنما آيو.
هئا مشتاق جي مومن رسول الله جي صحبت جا،
انهن لاءِ هادي حق سيد هردوسرا آيو.
ڏني جنهن لاءِ خبر موسيٰ ۽ عيسيٰ سو نبي برحق،
خلاصو رب جو خاصو حق جو ختم الانبياء آيو.
امام امت عاصين اجهو آڌار اڙين جو،
شفيع المذنبين سو شافع روز جزا آيو.
دليون جن جون هيون ڪاريون، قلب جن جا هئا ٽامون،
رسول پاڪ تن لاءِ پارس ٿي آيو.
مديني ۾ پئي هي ڌوم، هر ڪنهن وات هي وائي،
وٺي پيغام حق جو صاحب عزو عُلا آيو.
مدنيي جي مبارڪ شهر ۾ هن طرح پيو سهرو،
محمد مصطفيٰ آيو، مٺو محمد مصطفيٰ آيو.
چيو زالن، مڙسن ۽ ننڍن توڙي وڏن هِن پر،
محمدصه مرحبا محمدصه مرحبا، محمدصه اڄ آيو.
خوشي مان ٿي چيو هر دم صغيرا مومنن ان وقت،
محمد مصطفيٰ، محمد مرتضيٰ صلو عليھ و آلھ آيو.
جڏهن سج تمام مٿي چڙهي آيو ته ٻارن پري کان اٺن کي ايندي ڏٺو. سڀني کان اڳين اُٺ تي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. اگرچه ٻار نا سمجهه هئا. مگر اٺن کي پري کان ايندي ڏسندي ئي سمجهي ويا ته پاڻ سڳورا تشريف وٺي اچي رهيا آهن. ان ڪري انهن شور ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي ته قبا کان آفتاب هدايت طلوع ٿي چڪو آهي. ٻارن جي انهي شورو غوغاء تي ماڻهن سمجهي ورتو ته محسن انسانيت جي تشريف آوري تمام ويجهي آهي ۽ عاشقن مشتاقن نعري تڪبير، الله اڪبر جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. انهن نعرن سان يثرب جي وادي گونجي اٿي.
يثرب جي ڪافرن يهودين کي به پاڻ سڳورن جي تشريف آوري جو علم ٿي ويو هو. ماڻهو پاڻ ڀلارن کي ۽ سندن سواري کي ڏسڻ لاءِ اٿلي پيا. ٿوري ئي دير ۾ هزارن جو مجموعو گڏ ٿي ويو ۽ ايس تائين سرڪار دو عالمﷺ جن جي سواري به سامهون پهچي ويئي. ماڻهو اڳتي وڌڻ لڳا. هن طرح سان بدنظمي جو خطرو وڌي ويو. متان نه ڪو ڪمزور، ٻار ۽ عورتون لتاڙجي نه پون. ان ڪري سعد بن معاذ رضه ماڻهن کي سختي سان چيو ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهي ۽ پاڻ ڀلارن جي زيارت ڪري وٺي پوءِ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهيا. جڏهن پاڻ سڳورن جي سواري اڳيان اچي ويئي ته ماڻهن اهڙي زور سان نعرا هنيا جو زمين ڏڪي ويئي. فضا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ واديءَ يثرب گونجي اٿي. پاڻ ڀلارن اتي لهڻ جو ارادو ڪيو. مگر حضرت سعد رضه وڌي ڪري عرض ڪيو ته اي جهان پناهه لڄپال محمدﷺ توهان کي لهڻ جي ضرورت ناهي. اسان سڀ غلامن جي تمنا آهي ته حضورﷺ جن بدستور سوار ٿي هلن. مجبوراً حضور جن سواري تي چڙهيل ئي رهيا ۽ حضرت سعد ڏاچي جي مهار پڪڙي اڳيان هلڻ لڳو. مگر آنحضرتﷺ جن فرمايو. اي يثرب جا والي! مونکي اها ڳالهه پسند ناهي جو توهان منهنجي ڏاچي جي مهار ڇڪي هلو ۽ آئون ڏاچي تي چڙهيل رهان. مون کي ان طريقي تي خوف آهي. جو متان منهنجي دل ۾ غرور پيدا نه ٿي پوي. آئون اهو ئي آهيان. جو پهريائين هوس. من آنم ڪه من دانم.
حضور انورﷺ: آئون هڪ يتيم. بيڪس پنهنجي قوم جو ستايل، پرديسي مادر وطن کان ڪڍيل، بي وس خدا جو بندو آهيان. توهان ماشاء الله يثرب جا والي آهيو نه تنهنجي لاءِ اهي پيدل هلڻ مناسب آهي نه منهنجي لاءِ.
حضرت سعد: حضور هاڻ توهان لاوارث ناهيو. نه ئي بي وس آهيو نه ئي پرديسي آهيو. هاڻ توهان اسان مسلمانن جا حاڪم آهيو. هاڻ توهان اسان جا ڀرجهلا آهيو. هاڻ توهان اسان جا آهيو ۽ اسين اوهان جا آهيون. اها ڪنهن جي قسمت ۽ ڪنهن جو سهڻو نصيب.
آنحضرت: سعد توهان به پنهنجي ڏاچي تي سوار ٿي مون سان گڏ هلو.
حضرت سعد رضه: ان ۾ به منهنجي سعادت آهي. آئون حضورﷺ جي هر حڪم جي تعميل ڪندس ائين چئي. حضرت سعد به اُٺ تي چڙهيو. اهڙي طرح ماڻهو ايندا ويا ۽ قافلو ٺهندو ويو ۽ وڌندو ويو. مسلمان الله اڪبر جا نعرا هڻندي اڳتي وڌندا رهيا. يثرب ۾ باقي رهيل ماڻهو ڪي ته رستي جي ٻنهي طرفن کان قطارون ٺاهي بيٺا رهيا ته ڪي عورتون، مرد جاين جي ڇتين تي چڙهي حضورﷺ جن جي آمد جو انساني سمنڊ جي ڇولين ۽ لهرن جو نظارو ڪرڻ لڳا اگرچه ان وقت ڏينهن جو ٻنپهرن جو وقت هو. اُس، گرم هوا، لُو جي ڪري هر ماڻهو پگهر ۾ شِم هو. پر ايتري قدر جوش ۽ خوشي ۾ مست هو جو ڪنهن کي به گرمي جي پرواهه نه هئي. سڀ نهايت اطمينان ۽ وڏي خوشي سان جلوس ۾ هلي رهيا هئا. يثرب جا يهودي انتهائي حيرانگي سان مسلمانن جو جوش. باهمي اخوت و محبت ۽ جلوس جو شان ڏسي رهيا هئا. جنهن وقت هي جلوس محلي بنو سالم وٽ پهتو ته نماز ظهر جو وقت ٿي ويو هو. چونڪ اڄ جمع جو ڏينهن هو. حضورﷺ جن عامر کي حڪم ڪيو ته سواريون روڪيو. نماز جمع جو وقت ٿي چڪو آهي. اُٺ رڪجي ويا ۽ قافلو بيهه رهيو. حضورﷺ جي لهڻ سان سڀ ماڻهو لهي پيا. سڀ ماڻهو هڪ وسيع ميدان ۾ گڏ ٿي ويا. پاڻي آندو ويو. وضو ڪري سڀني بارگاهه ايزدي ۾ حضورﷺ جن جي پٺيان بغير فرش ۽ تنبو جي سخت اُس ۽ تپندڙ ميدان ۾ نماز جمع ادا ڪئي. بعد ۾ عمر بن عبدالعزيز دور ۾ انهي ميدان ۾ مسجد ٺاهي ويئي. جيڪا اڄ به مسجد جمع جي نالي سان مشهور آهي.
نماز کان اڳ امام الرسل: محسن انسانيت هڪ عظيم خطبو ڏنو جيڪو يثرب ۾ سڀ کان پهريون خطبو هو. جنهن ۾ رحمت اللعالمينﷺ جن فرمايو ته حمد ۽ واکاڻ جي لائق اهو هڪ خدا آهي جنهن هن ڪائنات ۽ ڪائنات جي هر ذره ذره کي پيدا ڪيو آهي. اهو ئي زندگي ۽ موت جو مالڪ آهي. اهو ئي هر شيءِ تي قادر مطلق ۽ مختار آهي. جيڪي گهري اهو ڪري سگهي ٿو. مسلمان اهو آهي جو خدا ۽ صرف هڪ خدا جي عبادت ڪري. نفع ۽ نقصان جو مالڪ. عزت و ذلت جو مالڪ اهو ئي آهي. جنهن کي چاهي عزت ڏي. جنهن کي چاهي تنهن کي ذليل و خوار ڪري. عيش ۽ طيش ۾ ڏُک ۽ سُک ۾ ڪڏهن به خدا کي نه وساريو هي دنيا چند روز آهي. لهٰذا ان جو آرام به چند روز آهي. انسان جي زندگي پاڻي جي ڦوٽي يا هوا جي جهونڪي وانگر آهي. تمام جلد ختم ٿي وڃڻ واري آهي. هميشھ واري زندگي مرڻ کان بعد شروع ٿئي ٿي. بد بخت ۽ ڪم عقل آهن اُهي ماڻهو جيڪي چند روزه عارضي زندگي جي عيش و آرام ۾ پئجي ويا آهن ۽ خدا کي وساري ويٺا آهن ۽ ان جي عبادت نٿا ڪن.
ياد رکو: مرڻ کان بعد پهريائين پڇا نماز جي ٿيندي، جنهن نماز وقت تي دل لڳائي پڙهي هوندي ته نماز ان جي شفاعت ڪندي. نماز ان کي بهشت ۾ داخل ڪرائيندي ۽ جنهن نماز کان غفلت ڪئي هوندي يا قضا ڪئي هوندي. اهو دوزخ ۾ ويندو. مسلمانو نماز جي حفاظت ڪريو. نماز جي حفاظت ڪريو. وقت تي ۽ دل جي سچائي سان پڙهو. حقوق العباد جو خيال رکو. نيڪي ڪريو ۽ نيڪي پکيڙيو، پرهيز گاري اختيار ڪريو. گناهن کان بچو گناهه اهو آهي. جيڪو توهان جي دل ۾ کٽڪي. نيڪ ٿيو. ايڪ ٿيو. شرڪ کان پاسو ڪريو الله پاڪ ٻيا سڀ گناهه معاف ڪري سگهي ٿو. مگر شرڪ کي هرگز معاف نه ڪندو. شرڪ الله پاڪ سان وڏو ظلم ڪرڻ آهي. اهو ئي زندگي جو مقصد ۽ ماحصل آهي.
يثرب ۾ هي پهريون خطبو هو ۽ پهريون جمعو هو. سڀ ماڻهو نهايت آرام سان سڪون سان ٻڌندا رهيا. خطبي کان پوءِ نماز پڙهي ويئي. نماز پڙهي پاڻ ڀلارا پنهنجي ڏاچي قصويٰ تي سوار ٿيا. پاڻ سڳورن جي سوار ٿيڻ سان گڏ حضرت سعد، حضرت ابوبڪر صديق، حضرت علي، حضرت بريده ۽ ان جا ساٿي سوار ٿي ويا.