مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

پنهنجي پاران

سڀ ساراهون جهانن جي جوڙيندڙ، مالڪ مٺي مهربان کي سونهن ٿيون. جنهن “ڪن” جي حڪم سان ڪل جهان جوڙيا. ڪائنات جو ذرو ذرو هر وقت انب جي ئي واکاڻ ڳائي ٿو. هو ئي اول به آهي ته آخربه ظاهر به آهي ته باطن به ڳجهي توڙي پڌري،هر شيءِ جي ڄاڻڻ وارو رحمان ۽ رحيم به رب، ساري ڪائنات جو حقيقي بادشاهه، سلامتي ڏيندڙ ۽ نگهباني ڪندڙ، ان جو ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ناهي. سمنڊ توڙي خشڪي، آسمانن ۽ زمين هر هنڌ ان جي حڪمت جا نشان چٽا ۽ پڌرا آهن.
ڪروڙين درود ۽سلام ڪائنات جي ڪارتڻي، ٻنهي جهانن جي رحمت محمد مصطفيٰ ، احمد مجتبيٰ ﷺ مٿان پڙهجن. جن تي پاڻ الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ رحمت ٿا موڪلين. جيڪي انسانذات جا عظيم محسن آهن. پاڻ .......انسان کي نه رڳو جنت جي واٽ ٻڌائي. بلڪ انهيءَ واٽ تي هلي به ڏيکاريو. پاڻ ڪريم ﷺ هر مخلوق لاءِ رحمت بڻجي آيا.
پيروي ڪندڙن تي پڻ سلام هجي
حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم. محبوب نبيﷺ جا مٺاٻول. ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جا اهي 120 فرمان آنداويا آهن جيڪي ڏاڍا مختصر ۽ ٿورا لفظ آهن پر معنيٰ ۽ مطلب تمام گهڻو اٿن. اهي سڀ هدايت، نصيحت،عبرت، حڪمت ۽ ڏاهپ سان ڀرپور آهن.
سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. حديث جي مختلف ڪتابن مان پاڻ ڪريم ﷺ جي مٺڙن ، سهڻن لفظن ۽ جامع ڪلمن کي چونڊي الف ب وار ترتيبن ڏيئي هڪ هنڌ سهيڙيو اٿن. مخدوم هاشم ٺٽوي سنڌجو اهو رجل جليل آهي جنهن عرب ۽ عجم ۾ حديث جي اساعت ۾ گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون.
اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي.شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ قرآن ۽ حديث جي مفهوم کي سموهيو آهي. اسان هر حديث کي جدا جدا صفحي تي اني سهڻي انداز ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حديث پاڪ ، ترجمو، سمجهاڻي ۽ آخر ۾ ان سان ٺهڪندڙ شاهه سائين جو شعر هڪ اهڙو ته سهڻو گلدستو تيار ٿي ويو آهي جو هن جهڙو ڪم سنڌي ادب به پهريون خير ڪوٺيو هجي.هڪ پاسي هي حديث مبارڪ جو سهڻو انتخاب ۽ ان جي سمجهاڻي آهي ته ٻئي پاسي هي شاهه سائين جي شاعري جو به هڪ سهڻو گلدستو آهي. فاضل مترجم هر حديث پاڪ جو عنوان به شاهه سائين جي شعر مان چونڊي ادبي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. مونکي اميد آهي ته سنڌي پڙهندڙن لاءِ هي مختصر ڪتاب رشد ۽ هدايت جو ڪارڻ ٿيندو ۽ اسان سڀني جو لايو سجايو ٿيندو.شال الله پاڪ اسان سڀني جو هي پورهيو قبول فرمائي. آمين
جون 2009ع
قمر ميمڻ
سيڪريٽري
مهراڻ اڪيڊمي