مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

اکيون منهن ميهار ڏي

اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَعُوۡذُبِکَ مِنۡ شَرِّ سَمۡعِیۡ وَ مِنۡ شَرِّ بَصَرِی وَمِنۡ شَرِّ مَنِیّنِی
( هي دعا جا لفظ مبارڪ ابودائود،الترمذي ۽ النسائي اصحابي شڪل بن حڪميد العبي ﷦ کان روايت ڪيا آهن)
ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون تنهنجي پناهه ٿو گهران پنهنجي ڪن ۽ اک. ۽ حرامڪاريءَ جي شر کان.
سمجهاڻي: حديث پاڪ جي ڪتابن ۾ نبي پاڪ ﷺ جون مختصر ۽ جامع دعائون گهڻيون آيلآهن. هر هڪ دعا جي پنهنجي معنيٰ، جامعيت ۽ اهميت آهي. هن دعا ۾ ڪن، اک ۽ نفس جي حرامڪاري ۽ شر کان پناهه لاءِ الله تعاليٰ کي عرض ڪيل آهي ته اي منهنجا مالڪ مٺا! ڪوڙ ٻڌڻ، بهتان،گلا غيبت چغلي ۽ گناهه وارين سڀني شين ٻڌڻ جي شر کان پناهه ڏي. هي ڪن جوشر آهي.
اکجي شر جو مطلب آهي ته ڪنهن ڏانهن بري بد نظر ڪري نهارڻ ڪنهن کي گهٽ ڪري ڏسڻ. الله تعاليٰ جي قدرت جون شيون ڏسي عبرت نه وٺڻ.
حرامڪاري جو مقصد آهي ته زنا ظلم ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته زنا فنا آهي.
دعا گنهگار ٻانهي جي ڍال آهي ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ هي دعا سيکاري آهي.
شاهه ڀٽائي به اکين ۽ منهن جي ڳالهه ڪئي آهي.
“اکيون منهن ميهار ڏي” رکيون جن جوڙي
ري سنڊ سيد چئي، تار گهڙن توڙي
تنين کي ٻوڙي، سائر سگهي ڪين ڪي.
(شاهه)