مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

مون پريان جي ڳالهڙي

رَحِمَ اللہُ عَبۡدًا قَالَ خَیۡرًا فَغَنِمَ أوۡ سَکَتَ عَنِ الشَّرِّ فَسَلِمَ
( هي لفظ مبارڪ “ مسلم” ۽ ابو الشيخ “الثواب” ۾ ابي امامة ﷦ کان ۽ الديلمي، حضرت انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪري آندا آهن.)
ترجمو:الله تعاليٰ ان ٻانهي تي رحم ڪري، جيڪو سهڻو ڳالهائي کتي ويو يا بري ڳالهائڻ کان ماٺ ڪري سلامت رهيو.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان ظاهر آهي ته، ڳالهائجي ته سچ ۽ سهڻو ڳالهائجي. الله ۽ رسول کي راضي ڪري ڪاميابي ماڻجي.
ٻي صورت ۾ خراب ڳالهائڻ کان پاڻ پلي، صبر ۽ سڪوت ڪري ويهجي ۽ سک۽ سلامتي حاصل ڪجي.
مشهور آهي ته سهڻو ڳالهائڻ چاندي آهي ته چپ يا سڪوت سون برابر آهي.
الله تعاليٰ به قرآن مجيد ۾ بااخلاق ۽ سهڻي ڳالهائڻ جو امر فرمايو آهي: و قولو للناس حسنا (پ 1 سوره البقره، آيت 83)ترجمو: ۽ ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.سنڌي ۾ به پهاڪو آهي ته “ڪن ماڻهن جو روئڻ راحت ۽ ڪن ماڻهن جو کلڻ خواري.”
سهڻي ڳالهائڻ جي اسلام ۾ ترغيب آيل آهي ۽ نه ته سڪوت جو شان سوايو آهي. امام غزالي رح جڳ مشهور ڪتاب “احياء علوم الدين”۾ سهڻي ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ بابت تفصيل لکيو آهي.
ڀڪليا ڀوڻن ڌڙ کي گڏيو ڌوڙسين
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن
ڪامل آهي تن، “مون پريان جي ڳالهڙي”
(شاهه)