مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

پائي نيڻ نهار

نِیَّۃُ الۡمُؤۡمِنِ خَیۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ
هيءَ حديث مبارڪ الطبراني المعجم الڪبير ۾ سهل بن سعد ﷦ کان ۽ القضاعي انس بن مالڪ ﷦ کان ۽ عثمان بن عبدالله الشامي، النواس بن سمعان کان روايت ڪئي آهي.)
حافظ سخاوي چيو آهي ته هي حديث ضعيف آهي. پر گهڻن طريقن سان قوي ٿي حسن لغيره آهي.
ترجمو: مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي.
سمجهاڻي: اسلام ۾ هر ڪم ۾ نيت کي وڏو عمل دخل آهي. جيڪو مومن چڱي ڪم ڪرڻ جي نيت ۽ ارادو ڪري. پر ان تي اڃان عمل نه ڪري سگهيو. ته به ان کي چڱي نيت ۽ ارادي جو ثواب ملندو. سچي نيت سان عمل ڪرڻ جو به اجر عظيم ملي ٿو. ان ڪي حديث مبارڪ ۾ ارشاد نبوي آهي ته مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي.
شاهه ڀٽائي سر سسئي آبري ۾ اندر جي اڀياس. نيڪ نيت ۽ نيڻ نهار جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪڏهن سچي نيت ۽ نيڻ نهار صحيح آهي ته پوءِ تو ۾ دوست جو ديرو آهي.
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
ٿيءُ ستي ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار،
“ پائي نيڻ نهار” ته تو ۾ ديرو دوست جو.
(شاهه)