جُفَّ القَلَمُ......وهي قلم ويو
( هيءَ لفظ القسطلاني “مواهب” ۾ حوالي ۽ اصحابي کان سواءِ آندا آهن.)
ترجمو: جا شيءِ توکي ملندي، ان بابت قلم سڪي چڪو آهي.
سمجهاڻي: الله تعاليٰ جي چڱي مَٺي تقدير تي ايمان آڻڻو آهي. الله تعاليٰ ظاهر ۽ ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي. ان جو علم وسيع آهي. الله تعاليٰ پنهنجي وسيع علم ۽ قدرت سان انسان جي تقدير لکي آهي. انسان کي جو ڪجهه پهچڻو آهي. تنهن بابت تقدير ۾ لکجي چڪو آهي.
ان هوندي به انسان مجبور ۽ بي اختيار ڪونهي. عمل ڪرڻ جي کيس طاقت آهي. ڪوشش جو کيس فائدو ملڻو آهي. لوچيو ته لهبو. ڪوشش ۾ ڪمائڻ انسان جي وس ۾ آهي.
الله تعاليٰ ازلا کان وٺي هر شيءِ بابت ڄاڻي ٿو. هو عالم الغيب والشهادة ۽ هر شيءِ تيقادر آهي. خير ۽ شر سڀ الله تعاليٰ جي طرفان آهي. تقدير تي ايمان ۽ يقين رکڻو آهي.
تقدير جي معنيٰ آهي اندازو ڪرڻ ۽ ان اندازي جي مطابق فيصلو ڪرڻ شريعت ۾ الله تعاليٰ جي ان فيصلي کي تقدير چئبو آهي. جو ان ڪائنات مخلوقات ۽ خاص ڪري انسان جي باري ۾ ڪيو آهي ۽ آئندي به ڪندو. تقدير جا ٻه قسم آهن.هڪ مبرم، جنهن ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ٿي سگهندي. ٻي تقدير معلق جنهن جو واسطو اعمال ۽ دعائن سان آهي ۽ الله تعاليٰ انهن جي مقبوليت تي ردوبدل به ڪندو آهي. بهرحال تقدير کي تسليم ڪرڻو ۽ ان تي ايمان آڻڻو آهي.
قيد الماءُ ڪهن جو سو مون پاند پيو
“جف القلم بما هو ڪائن”وهي قلم ويو
اي قضا ڪم ڪيو، جئن ٿر مارو آئون ماڙيين
(شاهه)