مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

پنهون ٿيس پاڻهين

مَاھَلَکَ امۡرتُؤٌ عَرَفَ قَدَرَ نَفۡسِہٖ
( هيءَ حديث مبارڪ ابن سمعاني پنهنجي تاريخ ۾ علي بن ابي طالب ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: جنهن شخص پنهنجي نفس جو قدر سڃاتو، سو هلاڪت کان بچي ويو.
سمجهاڻي: نفس کي سڃاڻڻ جو مقصد آهي ته ان کي الله ۽ سندس رسول ﷺ جي رستي “ صراط مستقيم” سان هلائجي. گناهه ۽ حرام ڪمن کان پاڻ بچائجي. ڏاهي ماڻهوءَ جو ڪم آهي تهنفس تي ضابطو آڻي. ان کي شريعت جي قاعدن قانونن موجب هلائي ۽ حرام ڪارين کان بچائي. حقيقت ۾ اهائي نفس جي قدر شناسي آهي.
صوفين سڳورن به چيوآهي ته “ من عرف نفسہ فقد عرف ربہ” مطلب ته جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو.
شاهه ڀٽائي به چيو آهي:
نِگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي نفس کي سڃاڻن وارو

مشهور عربي قول به پنهنجي رسالي ۾ هن ريت آندو آهي:

“ پنهون ٿيس پاڻهين” وئو سسئي جو سينگار
“من عرف نفسہ فقد عرف ربہ” اهو ئي آچار
جووندر ۾ واپار، سو سودو سرئس هِتهين
( شاهه)