مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

آئون به اڳڀري ٿيان

الکَیِّسُ مَنۡ دَانَ نَفۡسَہٗ وَعَمِلَ لِمَا بَعۡدَ الۡمَوۡتِ وَالۡعَاجِزُ مَنۡ اَتۡبَعَ نَفۡسَہٗ ھَوَاھَا
وَ تَمَنّٰی عَلَی اللہِ الۡاَمَانِیۡ
( هيءَ حديث مبارڪ مستدرڪ حاڪم، جامع ترمذي، سنن ابن ماجه مسند امام احمد بن حنبل ۽ مسند الشهاب القضاعي ۾ آهي محدثن هن حديث تي بحث ڪيو آهي.
ترجمو: ڏاهو عقلمند اهو آهي جنهن پنهنجو نفس تابعدار بنايو ۽ موت کان پوءِ آخرت لاءِ عمل ڪيو ۽ بيوقوف اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي ان جي خواهش جي تابع ڪيو ۽ اميدون رکي الله تي تمنا ڪري ويهي رهيو.
سمجهاڻي: هن زماني ۾ هر هڪ ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل ۽ سياڻو سمجهي ٿو ۽ ٻئي ماڻهو کي گهٽ ڄاڻي ٿو.
حقيقت ۾ حضور پر نور ﷺ جي جامع فرمان مطابق،ڏاهو ۽ عقلمند اهوماڻحو آهي جيڪوپنهنجي نفسکي نهوڙي نيست نابود ڪري. الله ۽ رسولﷺ کي راضي ڪري چڱا عملڪندورهي ۽ نافرمان ندوري نفس جو چيونه مڃي ۽ هميشه آخرت جي تياري واسطي نيڪ ڪم ڪندو رهي. صحيح ۽ عقلمند ماڻهو اهو ئي چئبو.
باقي بيوقوف ماڻهو ته هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي. جيڪو نفس جي خواهشن جو تابعدار ۽ شيطان جو يار آهي. چڱن ڪمن کان برو ۽ برن بڇڙن شيطان ڪمن ڪر۾ ۾ کرو آهي. نه الله ۽ رسول جي تابعداري ياد ۽ نه وري موت جو ئي کيس ڪو فڪر آهي ته آخر هڪ ڏينهن هيءَ جهان ڇڏي.هميشه واري ماڳ تي هلڻو آهي.عمل ڪرڻ کان عاري رڳو خالي اميد رکي ويٺو چوي.ته هو پاڻهي بخشيندو.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به لوچڻ،عمل ڪرڻ ۽ اڳڀرو ٿي وک وڌائڻ لاءِ چيو آهي ته:
پاڻهي ايندو هوت، “ پر آئون به اڳڀري ٿيان”
متان چوي بلوچ، ته ڪميني مان ڪين ٿيو.
(شاهه)