مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

هوند گولي ٿي گذاريان

سَیِّدُالۡقَوۡمِ خَادِمُھُمۡ
( حديث مبارڪ جا هي لفظ هنن ڪتابن۾ روايت ڪيل آهن. عبدالرحمان السلامي” آداب الصحبة” ابن عساڪر ابن عباس کان.ئ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ انس کان، الحاڪم التاريخ، البيهقي ۽ الديلمي سهل بن سعد کان رضي الله عنهم. جعيتوڻيڪ هن جي سند ضعيف آ.پر ڪثرت ڪري حسن لغيره آهي.)
ترجمو: قوم جو سردار انهن جو خادم آهي.
سمجهاڻي: الله تعاليٰ پنهنجي فضلو ڪرم سان ڪنهن کي عزت ۽ سان، مرتبي ۽ مان ۾ وڏو ڪيو آهي ته اهو به پنهنجي اوڙي پاڙي، عزيزن ، قريبن،قوم ۽ ملڪ جي دل و جان سان خدمت ڪندو رهي. ڇاڪاڻ ته خدمت ئي اهڙو سلسلو آهي. جنهن سان ماڻهو خدام مان مخدوم بنجي ٿو. فارسي ۾ به آهي ته:
ہر کہ خدمت کرد او مخدوم شد
ہر کہ خود را دید او محروم شد

مطلب ته جيڪو به خدمت ڪندو.اهو ئي خدمت جي عيوض مخدوم ٿيندو. باقي جيڪو خدمت نه ڪندو. رڳو پاڻ پيو ڀائيندو. ته اهو ضرور نااميد رهندو.قوم جي سردار کي اها بي لوث خدمت سفر ۽ حضر ۾ هر وقت ڪرڻي آهي. الله تعاليٰ جي شڪراني طور خدمت بجا آڻيندو رهي. خدمت ڪرڻ ۾ ئي دين ۽ دنيا جي ڀلائي آهي.سر بروو سنڌي م شاهه ڀٽائي به گوليءَ ٿي گزارڻ ۽ خدمت ڪرڻ جي تمنا ڪئي آهي.
اچين جي هيڪار،مون ساريندين سپرين
پيرين ڌريان پنبڙيون هنڌ وڇايان وار
ساجن سڀ ڄمار، “هوند گولي ٿي گذاريان”
(شاهه)