مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

نِگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ

أعۡدَی عَدُوِّکَ نَفۡسُکَ الَّتِیۡ بَیۡنَ جَنۡبَیۡکَ
(هيءَ حديث مبارڪ امام ابن اثير النهاية ۽ امامقسطلائي المواهب اللدنيه ۾ آندي آهي)
ترجمو: تنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن نفس آهي. جيڪو تنهنجي ٻنهي پاسن جي وچ ۾ آهي.
سمجهاڻي: شيطان انسان جو ازلي دشمن آهي. نفس جي چوڻ تي هلي انسان نفساني خواهشون ،اجايون سڌون ۽ غلط ۽ گناهه جي ڪم ڪري. سزا جو حقدار بڻبو آهي. ان ڪري انسان، شيطان ۽ نفس کي اصلي دشمن سمجهي. انهن خلاف جدوجهد ۽ جهاد ڪندورهي. الله ۽ رسولﷺ جي حڪمن تي هلي.چڱا عملڪندو رهي ته ندورو نفس نهوڙجي ويندو ۽ انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪندو.
اسلام ۾ جنگ ۽ جهاد ڪرڻ “جهاداڪبر” آهي جڏهن نفس ضابطي ۾ٿيندوته سڀ دين دنيا جا معاملا. الله تعاليٰ جي فصل ۽ نبي سائين ﷺ جي صدقي صحيح ٿي پوندا.صوفي شاعر چيو آهي:
ڏي گوشمالي نفس کي، ندوري نڀاڳي نحس کي
هوڙهو ڇڏي سڀ حرص کي، موڙهو وٺي من واٽ ڪا

شاهه عبداللطيف ڀٽائي به نفس کي سڌي واٽ وٺائڻ جي صلاح ڏني آهي.
وحده لا شريڪ لہ چئي چوندو آءُ
فرض،واجب، سنتون،تنئو ترڪ مَ پاءِ
توبه سندي تسبيح،پڙهي سا پُڄاءِ
“نگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ
ته سندي دوزخ باهه، تواوڏيائي نه اچي
(شاهه)