مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

متو آهين مڇ

اعۡجَلُ الۡاَنۡبِیَاءِ عُقُوۡبَۃَ الۡبَغۡیُ
( الطبراني معجم الڪبيرت ۾ ۽ بخاري. تاريخ ۾ هي روايت آندي آهي.)
ترجمو: بغاوت اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي جلدي سزا ملندي آهي.)
سمجهاڻي: بغاوت وڏوگناهه آهي. پوءِ اها بغاوت الله ۽ رسول جي هجي يا عادل بادشاهه جي. ماءُ پيءُ جي هجي يا ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ جي هجي.
الله تعاليٰ ستار ۽ غفار آهي. پر حديثن مبارڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته مٽي مائٽي ڇنڻ ۽ بغاوت جي سزا هن ئي دنيا ۾ ۽ تڪڙي ۾تڪڙي ملندي آهي. ڪوڙوقسم کڻڻ، دوکو دولاب، مٽي مائٽي ڇنڻ. والدين جي بي فرماني به بغاوت جا ئي قسم آهن.
بغاوت جي هن دنيا ۾ ته سزا ملڻي آهي. پر آخرت ۾ سخت عذاب ٿيندو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ظالم ۽ باغي انسان کي مانگر مڇ سان تشبيهه ڏئي سزا جو حقدار سڏيو آهي
“متو آهين مڇ” ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين
توجا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا
(شاهه)
شاهه ڀٽائي غافل ، باغي ۽ ظالم انسان کي ترت توبه تائب نه ٿيڻ تي تنبيهه طور مهميزون ملاحن جون ۽ جزا سزا کان به خبردار ڪيو آهي.
جان واهڙ ۾ وهه، تان تو مڇ موٽڻ جي نه ڪئي
ڪائي ۾ڪوهه ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پهه
سر مٿي تون سهه، مهميزون ملاحن جون.
(شاهه)